جرئتمنداڻو فيصلو ۽ وزير اعظم جي ڪرسي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نذير احمد لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏8 اپريل 2015۔

  1. نذير احمد لغاري

    نذير احمد لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    201
    ورتل پسنديدگيون:
    396
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ۔
    مير ظفرالله خان جمالي ملڪ جو وزير اعظم چونڊيو ويو اها انتهائي خوشي جي خبرهئي خاص ڪري ننڍن صوبن لاءِ پر جلد ئي ان کي هٽايو ويو، جنهن جو ڪنهن به احتجاج ڪونه ڪيو، ڪنهن سبب ڪونه پڇيو ۽ ڪنهن ڪجھ ڪونه ڳالهايو. ڪافي ماڻهن پنهنجي وس آهر قياس آرايون پئي ڪيون پر حقيقت جي خبر خدا کي، پر تازو ڊاڪٽر عبدالقدير خان پنهنجي هڪ تقريب ۾ خطاب دوران اهو انڪشاف ڪيو آهي ته کيس پرويز مشرف آمريڪا جي حوالي ڪرڻ جو مڪمل بندو بست ڪري ڇڏيو هو ايسيتائين جو جهاز به تيار ڪرائي ڇڏيو هو رڳو ڪابينا جي رسمي منظور باقي هئي ان لاءِ وزير اعظم کي احڪامات پڻ جاري ڪيا ويا هئا پر مير ظفرالله خان جمالي بحيثيت وزير اعظم کيس بچائي ورتو ۽ پنهنجي وزات اعظميٰ جي قرباني ڏيڻي پئجي ويس.
    ڊاڪٽر عبدالقدير خان جو وڌيڪ چوڻ هيو ته اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ به پرويز مشرف سان سندس ملاقات ان وقت جي آرمي چيف جنرل جهانگير ڪرامت جي اجازت سان ٿي هئي جڏهن مشرف منگلا جو ڪور ڪمانڊر هيو، جڏهن هو مشرف سان مليو هيو ته ان وقت مشرف جي واتان شراب جي ڌپ اچي رهي هئي جنهن تي ڊاڪٽر قدير خان اتهائي نا پسنديدگي جو اظهار ڪيو هيو.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جمالي صاحب جو اهو فيصلو ۽ ڪرسي جي قرباني ساراهه لائق آهي، کيس سلام هجي.

    ڪاش اسان جا اڳواڻ ڪي اهڙي فيصلا به ڪري وڃن ... جو دنيا کين ياد رکي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو