سالگره 4 آڪٽوبر 1919 (ورسي 11 جنوري 1993 ع) مخدوم طالب الموليٰ 9 محرم الحرام 1338 هه ، 4 آڪٽوبر 1919 ع تي هالن نون ۾ ڄائو. سندس ڏاڏي حضرت مخدوم ظهيرالدين عرف مخدوم پرو ڄام 15 سجاده نشين حضرت غوث الحق مخدوم نوح عليه رحمت جي لاڏاڻي بعد سندس پڦين ۽ ننڍي چاچي ميان غلام حيدر پاران سارسنڀال ڪئي وئي. هن قرآن جي تعليم آخوند ولي محمد کان ورتي. هن سنڌي تعليم جي شروعات عبدالغفور کان ڪئي ۽ مڪمل حاجي عبدالرحمان انجم هالائي وٽان ڪئي. هن 14 سالن جي ڄمار ۾ فارسي ۽ عربي جي تعليم مولوي عبدالحئي ڦلپوٽي کان ورتي. هن انگريزي جا ٽي درجا غلام رضا ڀٽي وٽان حاصل ڪيا. سندس والد پاران ذهني تربيت ڪرڻ سميت پنهنجن معزز دوستن ۽ مريدن سان پڻ ملايو ويو. رئيس غلام محمد نظاماڻي سندس هم ڪلاسي هو. 26 جون 1938 ع ڌاري 18 سالن جي ڄمار ۾ سندس پيرميان امام علي صديقي جي ڀيڻ سان شادي ٿي، جنهن 14 نومبر 1940 ع تي وفات ڪئي. سندس ٻئي شادي 9 ڊسمبر 1942 ع تي مولوي فضل احمد غزنوي جي ڌيءُ سان ڪرائي وئي. هن 1934 ع ڌاري شاعري جي شروعات ڪئي. هن هالا ۾ ”الزمان پريس“ قائم ڪري ”پاسبان“ ۽ ”الزمان“ اخبارون جاري ڪيون. ”انجمن علم و ادب هالا“ جي سرپرستي ڪندي 1 نومبر 1952 ع ڌاري هالا ۾ هڪ عظيم الشان ادبي ڪانفرنس ڪوٺائي. هن ”ماهوار فردوس“ رسالو سنڀاليندڙن جي هر لحاظ کان رهبري ڪئي پر رسالو سنڀاليندڙن جا پاڻ ۾ اختلاف ٿيڻ بعد رسالو پنهنجي نگراني هيٺ شايع ڪرائڻ لڳو. 1952 ع ۾ سندس رهنمائي هيٺ ”طالب الموليٰ “ رسالو ڪڍيو ويو. 1954 ع ۾ سندس رهنمائي هيٺ ”روح ادب“ ۽ ”ماهوار شاعر“ شايع ڪيا ويا. 1957 ع ۾ هي جميعت شعراء سنڌ جو صدر چونڊيو ويو. هي سنڌي ادبي بورڊ جو ٻه ڀيرا چيئرمين پڻ رهيو. سندس لکيل ۽ ترتيب ڏنل ڪتابن جو تعداد 22 جي لڳ ڀڳ آهي، جن جو وچور هي آهي بهار طالب رباعيات طالب اسلامي تصوف شيطان خود شناسي امام غزالي جا خط در ناياب عرف ياد رفتگان مثنوي عقل و عشق ڪچڪول طالب ڪافي شان سروري بي پير اکيون ڇپر ۾ ڇڙيون مضامين طالب الموليٰ ديوان طالب الموليٰ مصري جون تڙون سدا وسين سنڌڙي آب حيات چهنڊڙيون منهنجو ننڍپڻ بهارستان لغات سنڌي مخففات ! سندس علمي ۽ ادبي خدمتن جي مڃتا ۾ نومبر 1955 ع ۾ ”بزم طالب الموليٰ“ جو بنياد وڌو ويو. سندس علمي ۽ ادبي خدمتن کي نظر ۾ رکندي حڪومت پاڪستان 1965 ع ۾ ”تمغه پاڪستان“ ۽ 1992 ع ۾ ”هلال امتياز“ جي اعزازن سان نوازيو. هي 11 جنوري 1993 ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. سليم گل چنا، ڪراچي