اڪيلائي ۾ انٽر نيٽ تي فحاشي وارو مواد ڏسڻ وارا پاڻ کي دنيا وارن جي نظرن کان لڪل محسوس ڪندا آهن پر هاڻي انهن لاءِ خراب خبر سان گڏ خراب وقت پڻ شروع ٿي ويو آهي، ڪجهه عالمي سطح تي اهڙا هيڪرز سر گرم ٿي ويا آهن جيڪي فحاشي ڏسندڙن جي نالن جي فهرست ۽ انهن جي پسند جي ويب سائٽن جا تفصيلات گڏ ڪرڻ شروع ڪيا آهن ۽ اهي تفصيلات ڪنهن به وقت منظر عام تي اچي سگهن ٿا. ”مدر بورڊ“ سائينس ۽ ٽيڪنالاجي چينل جي طرفان هن امڪان جي باري ۾ ڊيٽا جي ماهرن ۽ فحش ويب سائٽن کان معلومات هٿ ڪئي ويئي ته خبر پئي ته 80 سيڪڙو کان به وڌيڪ فحش ويب سائيٽن تي ٽيئين ڌر يعني ٿرڊ پارٽي وارا هوندا آهن جن جي ذريعي صارفين جي معلومات مختلف ويب سائيٽن تي پهچندي رهندي آهي ۽ انهن کي ڊيٽا بيسز تي محفوظ ڪيو ويندو آهي. ڊيٽا ماهرن جو چوڻ آهي ته جڏهن ڪوئي صارف يا ڏسندڙ ڪنهن فحش ويب سائٽ تي ويندو آهي ته ان جي ڪمپيوٽر جي باري ۾ معلومات ورتي ويندي آهي ۽ پوءِ ان ئي ڪمپيوٽر جي مدد سان استعمال ٿيندڙ ويب سائيٽس يعني فيس بڪ، ٽوئٽر ۽ ٻين سوشل ميڊيا جي اڪائونٽس جي معلومات پڻ ورتي ويندي آهي ۽ اهڙي طرح سان ڏسندڙن جا نالا، تصويرن ۽ ڏٺل ويب سائيٽن جا مڪمل تفصيل حاصل ڪيا ويندا آهن. ويجهڙائي ۾ هڪ نامعلوم پوسٽ پڻ سامهون آئي آهي جنهن ۾ ڌمڪي ڏني ويئي آهي ته فحش مواد ڏسندڙن جا نالا، تصويرون ۽ ڏٺل فحش ويب سائيٽن جي هسٽري ظاهر ڪري سگهجي ٿي. تجزيي ڪارن جو چوڻ آهي ته ٿي سگهي ٿو ته هي هسٽري هڪ اهڙي ڊيٽا بيس جي شڪل ۾ سامهون اچي وڃي جو پوءِ ڪنهن به ماڻهو جو نالو لکي ان جي فحاشي بابت معلومات هٿ ڪري سگهجي ٿي.