هن دور جو ڀٽائي

'مقالا' فورم ۾ حبيب طرفان آندل موضوعَ ‏9 اپريل 2015۔

  1. حبيب

    حبيب
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    38
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    هن دور جو ڀٽائي

    آئون جنهن شخص تي چند لفظ لکي رهيو آهيان ، جنهن وٽ لفظ هميشه جهڪي سجدا ڪندا آهن، ۽ انهي جي هر هڪ لفظ ۾ سنڌ جو هر ڪردار پاڻ ئي ڳالهائڻ جي سگھ رکي ٿو، انهي ڳالھ ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڻ اڄ جي سجيده نوجوانن جو آئيڊل آهي آئون انهي شخص جي ڳالھ ڪري رهيو آهيان، هو جيڪو هن دور جو ڏاهو اديب ، دانشور، ادب جو چوٽي جو پايو رهيو آهي،

    منهنجي قلم ۾ ايتري سگھ ئي ناهي جواهڙي عظيم شخص کي لفظن جي ڀيٽا ڏئي سگهان، نه ئي منهنجي هٿن ۾ ايتري سگھ آهي جو آئون اهڙي مهان انسان تي گهڻو لکي سگهان،

    دنيا کيس ( امرجليل) جي نانءُ سان سڃاڻي ٿي،

    مون جهڙي ننڊڙي عاشق سندس ڪيترائي ڪتاب پڙهيا آهن، ڄڻ ته هر هڪ ڪتاب ۾ نئي ڳالھ سکڻ لاءِ ملندي آهي ، سندس ڪتاب سرد لاش جو سفر جو مطالعو ڪندي ڪندي سندس هي سٽون ڪوٽ ڪرڻ دل لاءِ چيو

    24_ مارچ 1843ع جي نما شام، ڪا رواجي نما شام نه هئي. اولھ طرف عرش کي ڄڻ باھ جا ڀنڀٽ ورائي ويا ها. سنڌ جي آسمان تي لهندڙ سج رت جي لام ڇڏي ڏني هئي هئي. هيٺ ڌرتيءَ کي سنڌڙي جي سپوتن ۽ سرڪش جوڌن رت جو ريج ڏنو. ماحول موت وانگر ماٺ ۽ گنڀير هو. سج اڳ به لهندو هو، پر ان شام جهڙو اداس ۽ المناڪ نه لڳندو هو. شهيدن جي شام ڇا آهي ، ڄڻ غيب مان روحن جي آخري سفر جي صدا آئي. فلڪ ۽ ملڪ حيرت وچان دٻي ۾ اکيون اٽڪائي ويهي رهيا.


    هي ڪهاڻي جنهن جي به مطالعي هيٺ آئي هوندي يقين سان چوان ٿو ته هن جي ذهن ڪجھ سڪينڊ لاءِ سوچ جي ڊگهي غفا ۾ گم ٿي ويوهوندو ڇو جو واقعي ۾ هي ڪمال جي ڪهاڻي آهي، سندس هڪ هڪ لفظ پڙهن سان ذهن جي مندر ۾ نئي سر گهنڊ وڃڻ لڳندا آهن

    مونکي امر جليل تصوف ۾ رچيل ڀٽائي جهڙو لڳندو آهي، هُن جي اڳيان ڏاڍ جي هر دايوار پاڻ ٽٽي پرزا ٿي ويندي آهي ۽ هو وقت جي هن سڀني جابرن سان به وڙهي سگهي ٿو جيڪي پاڻ کي وقت جا خدا ٿا سمهجن ،

    نه ئي وري پاڻ ڪڏهن ڪنهن به (وقتي خدا )کي سجدا ڪرڻ جي حامي ڀري آهي، امر سدائين جرئت سان جيئڻ جو درس ڏنو آهي ، منهنجي ساڻس ڪڏهن به ملاقات ناهي ها امر صاحب سان روحاني ملاقاتون ضرورن آهن. جيڪي ڪڏهن وقت جي وکن وڃائجي گم نٿيون ٿي سگهن. اُميدن جو ڏيئو ڪڏهن به اُجهامي نٿي سگهي ڪيڏو به طوفان ڇو نه اچي ڪڏهن وسامي نه سگهندو منهنجي خواهش سان آهي ته آئون هن دور جي ڀٽائي سان ضرور ملاقات ڪريان. اُميد آهي ته ملاقات ٿيندي جلدي ٿيندي

    آخر ۾ آئون ايازامرشيخ جي هنن سٽن سان امرجليل کان ڀيٽا پيش ڪندس

    سنڌ جھڙا پرين!

    ساهه جي سلسلن جو سفر

    ٿو لڳين!

    روح جي راڳ ۾

    راحتن جو مڌر ڪوئي سُر

    ٿو لڳين!

    عشق تُنهنجي اکين جو

    حسين خواب آ!

    مُرڪ تُنهنجي وفا جو

    کُليل باب آ!

    تون نئين نينهن جي

    ڪائناتن جو آن

    ڪو ڪنوارو قصو!

    هر وضاحت بڻي آهي

    تنهنجو حصو!

    تون شبِ زندگيءَ جو

    شهر ٿو لڳين!

    ۽ سُڃي سانجهه ۾

    ڄڻ ته گهر ٿو لڳين!


    سارنگ چانڊيو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو