ٻاويھه سال ٻرندڙ ديپ جهڙي دل جو درد

'مقالا' فورم ۾ حبيب طرفان آندل موضوعَ ‏9 اپريل 2015۔

  1. حبيب

    حبيب
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    38
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ٻاويھه سال ٻرندڙ ديپ جهڙي دل جو درد



    اهي ڊسمبر 1991 جي پور جوڀن واري سردي جا لمحا هئا جڏهن هڪ تيز رفتار ڪار سجاول کان جاتي ڏانهن نڪتي ته روحاني پير سخي بادشاھ جي درگاھ وٽ هڪ زوردار ڌماڪي سان ڪار هڪ اونهي کاهي ۾ وڃي ڪري هڪ برجسبتو نوجوان شديد تر عليل ٿي پيو جنهن کي ڳوٺاڻن ڀاڪرن ۾ ويڙهي ڪڍيو ته سندس جوشيلو رت سنڌي اجرڪن ۽ رومالن مان غريب جي لڙڪن وانگر وهڻ لڳو پوءِ بس رڳو هر طرف اها خبر هلي وئي ته ڊاڪٽر اسلم آزاد ان روڊ حادثي ۾ 90 سيڪڙو اپاهج ٿي چڪو آهي بهار جي رت خزان ۾ بدلي پن ڇڻ جا واڪا هر طرف حراس جو لباس اوڍي ڦهلجڻ لڳا هڪ طرف ڪامريڊن جو نظر ياتي ڪعبو سوويت يونين اڃان ٽٽو مس هو تنهن کي چند مهينا ٿي هئا ته وري ڊاڪٽر اسلم آزاد جهڙي سڄاڻ سوشلسٽ نوجوان کي زندگي هڪ موت جهڙي وادي مان موٽائي وٺي آئي.

    وٺي ته آئي پر هڪ سهڻو ۽ سيبتو نوجوان جنهن جي وکن ۾ ارڏائي هئي هلڻ ۾هيٺلائي هئي جنهن وٽ آدرشن جو عشق هو جيڪو هڪ ئي وقت پختو سوشلسٽ باغي لبرل نوجوان ۽ نبض شانس صحافي ۽ سماجي اڳواڻ طور پنهنجي ذات جي سڀني پاسن سان نڀاءُ ڪرڻ جي جاکوڙ ۾ جنبيل هو ته سندس جسم جون تندرست توانائون هڪ نامراد نابري وادي بيهي رهيون پوءِ ته الائي ڇا ڇا ٿيو اهو هل ڊاڪٽر اسلم جي دل ٿي ڄاڻي ٻيو ايامن کان اداس بيٺل چنڊ کي خبر هوندي ته آهڙ جي تتل شامن ۽ سانوڻ جي گهٽا دار راتين يا جنوري جي پنڊ پهڻ ڪري ڇڏيندڙ پارن ۾ ان ماڻهون جا نيڻ ڪيڏو انتظار بيٺا هوندا جنهن هڪ عشق ڪندڙ عورت کي پنهنجي جسماني هيڻائي کان پوءِ زندگي جو الڳ فيصلو ڪرڻ جو اختيار ڏنو جنهن جا ٻاجهارا هٿ کيس اڄ به نئين ڦٽندڙ باک وانگر سار ۾ سري ايندا آهن تڏهن هو بي اختيار سوچندو آهي

    سانس اٽڪي هوئي سي لگتي هي

    تم کهين پاس تو نيهن ميري

    ڊاڪٽر آزاد جنهن 22 سال حياتي جي حسن جا سمورا ڦڪا تکا ڪڙا ۽ مٺا رنگ ان بيڊ تي ليٽي پنهنجي تيز فهم ۽ سٻاجهي دل سان ڌٺا ۽ پرکيا آهن جيڪو بيڊ هاڻ سندس جسم جي چادر سان ائين چنبڙيل آهي جئين سخت سيءَ ۾ ڪو معصوم ٻار پنهنجي ماءَ جي ڇاتي سان چنڀرڙي پوندو آهي هن ماڻهون بظاهر ته زندگي هڪ اڪيلائي جي اڻ کٽ صحرا تنها بيٺل ڪنڊي جي ان وڻ وانگر گذاري آهي جنهن ۾ تنها مسافر ٿڪ به ناهن ڀڇندا پر سندس روح جو آڪاس ايڏو دلفريب ۽ دلنواز آهي جو هو سراپا محبت سراپا جرئت ۽ جوش جو هڪ سانورو سمنڊ بيٺل آهي جنهن وٽ هر وقت مرڪن جا رابيل پيا کڙندا آهن ۽ ڪاڪ جا ڪنول پيا ٽڙندا آهن هن جو راڻو هي ديس آهي جنهن لاءِ هو مومل وانگر وار وڃايو ويٺو آهي هو اڄ به پختو سوشلسٽ قومپرست آهي جيڪو سنڌ جي جاگرافي آزادي جو پر جوش حامي آهي بشرط ڪ اُن سنڌ جا انسان به آزاد هجن سيڪيولر مزاج هوندي به فئملي جي روايتن جو ڀرم رکندي هن حال ۾ به هو جمائتي عبادتگاهن ۾ وڃي ڪنهن اڻ ڌٺي صورت آڏو سيس نوائيندو آهي هو ٻڌائي ٿو ته هو صرف انسان جو قائل آهي اهڙو انسان جيڪو رنگ نسل جي ڀيد کان بالتر هجي هن وٽ محبت ڪائنات جو سڀ کان سهڻو گيت آهي هن ماڻهون جي اکين ۾ جيڪا چمڪ آهي تنهن موت کي مات ڏئي ڇڏي آهي زندگي سندس چيلھ ۾ ان ڪري ئي ڀاڪر ڀريو بيٺي آهي ته هو اتهاس جو اهڙو آئينو آهي جنهن ۾ مون جهڙا ماڻهون پنهنجو حھقيقي روپ پسي نون عزمن سان اڳتي وڌندا آهن درد جي هي بي انت دنيا ۽ ان ۾ محبوب جي ڦلڙي جيڏو منهنجو مادر وطن سنڌ ديس جنهن جا نوجوان جيڪي اڻ ڏٺل احساسن ۽ جذباتي تقريرن تي جهومر هڻن ٿا يا ڪنهن خيالي ديس جا خاڪا ذهن ۾ رکي ڪوڙن نظرين جا نمازي ٿا بڻجن تن لاءِ ڊاڪٽر اسلم آزاد هڪ رول ماڊل آهي پر بي صد افسوس ته هن ملڪ جي ڪنهن به انگريزي اردو اخبار ڪڏهن هن ماڻهون لاءِ ڪا هيڊينگ ناهي هنئي جيڪو فقط دل ۽ دماغ جي آڌار تي زنده آهي ٻيا سمورا اعصاب اجل جي خوني چنبن جو شڪار ٿي چڪا آهن پر هڪ روشن ديپ جهڙي دل آهي جيڪا جلي رهي آهي سندس سيني ۾

    ۽ مونکي ديس جي دودن جي ان دل تي فخر آهي پوءِ اها ساموئي ۾ درياھ خان جي روپ ۾ انڊلٺ ريکا ٿي اڀري هجي يا سڪرنڊ ۾ بشيرخان قريشي جي صورت ۾ چنڊ ٿي کڙي هجي منهنجو ديس منهنجي دليرن جي دل جو رت ٿي ڊوڙي ٿو تڏهن ته اياز چيو هو

    ڪو ڪئين نه ڊوڙي مقتل ڏي آ رت ۾ خوشبو مهندي جي ڪونه وڃي زندان ڏي ٿا زلف ڇڪين زنجيرن جا

    ڊاڪٽر اسلم جسماني جنم گهڙي به جاءِ تي ٿيو پر اڄ هو سڄي سنڌ بڻيل آهي سندس اٿاھ گهرين ڳالهين ۾ ڌات ۽ ڏيھه جا جمالا جهوم ٿا روحاني طرح معزور ماڻهن جي هن ملڪ ۾ جتي اٽو مهانگو انقلاب سستو آهي اتي بنيادي طور اهڙي “برانڊ” کي جيڪا جنهن ۾ ڪاسيٽوم جو ڪمال گهڻو هجي ڪارپوريت ڪلچر سياست ۾ به بالي ووڊ اسٽائل معتارف ڪرائي ڇڏيو آهي خواتين ۾ و حضرات چمڪ جو چمتڪار قطرينا ڪيف ۽ شاهد ڪپور کان گهٽ نه هوندو آهي باقي نظريا هاڻ اهڙا نئير ٿي چڪا آهن جيڪي رڳو حوالن ۾ رکڻ گهرجن بسيواد ڊگهيون تقريرون خطايت جي لٻاڙ فيشن ايبل ان گليمر جي گلين ۾ ڪي ڊاڪٽر آزاد جهڙا ارڏا به به موجود آهن جيڪي وعدن تي ويساھ ڪرڻ ڄاڻن ٿا جيڪي چون ٿا ڪنهن بلاڪ جي ڀڃڻ سان نظريا پائيدار ناهن ٿيندا جڏهن ته هو سوشلزم کي هڪ فلاسافي طور اڃا نه رڳو قبولي ٿو ان جي ايندڙ دور ۾ اهيمت کان انڪاري ناهي پو بنيادي طور هو ديشي ڀڳت آهي جنهن وٽ وطن هڪ اهڙي چمي آهي جيڪا رڳو ڪا راهبا مسيح جي صليب تي رکي سگهي ٿي هڪ اهڙي امانت وانگر جيڪا ان ملڻ جي صورت ۾ موٽائي وٺبي جڏهن دنيا هڪ ديس ٿي ويندي ڊاڪٽر اسلم آزاد فڪري طرح هڪ سگهارو ماڻهو آهي هن جا آدرشن اڄ به ترو تازه آهن هن جي سنڌيت ۽ ماڻهپي ۾ وڏو ويساھ آ هن جسماني معزوري کي پنهنجي مٿان حاوي ٿيڻ ناهي ڏنو اڄ به هن سان جڏهن ملجي ٿو ته مجهس عشق جي اها اوچائي نظر اچي ٿي جيڪا مزاحمتڪار ۽ ويڙهاڪ نوجوان ۾ ان وقت نظر ايندي آهي جڏهن هو پنهنجي وطن جي سرحد تي دشمن جي فوج سان وڙهڻ لاءِ سينو سُپر ڪري بيهندوآهي اڄوڪي سنڌ جيڪا نظرين جي ڪوهيڙي ۾ ڌڌلائجي وئي آهي هر ٻيو ماڻهو دعوى جي ڪوڙي ديوار کڙي ڪري ٿو ته فقط هوئي سنڌ بچائي سگهي ٿو تڏهن اسانکي موٽ کائڻي پوندي ڊاڪٽر آزاد جهڙن ڪردارن ڏانهن جيڪي ڌرتي تي اڃ ۽ سڃ جهڙي ماحول ۾ ڪنهن سائبان وانگي لڳن ٿا ڪوڙن ڪاريهرن ٺڳ جهموري جوڌن ۽ پلسپتر دولاهاري دانشورن جي سينورايل هن سماج ۾ ڊاڪٽر آزاد کي اها موٽ ناهي ملي جيڪا هو لهڻي هو جيڪر يورپ ۽ هندستان جي آزاد جهموري خطن جو ماڻهو هجي ها ته سندس ڪنڌ اعزازي ٻلن ۽ سونن تغمن کان گهڻو مٿي بيٺل هجي ها پر سجاول جي نيم مذهبي ۽ پاگل وڏيرڪي دم جي مرض وانگي سهڪندڙ ماحول ۾ اسلم آزاد هڪ سرڪش هوا جي تازي جهوٽي وانگي آهي جيڪو زنده روحن کي حرارت ۽ تازگي بخشي ٿو سندس هڪ بستر تي ڪاٽيل ٻاويهن سالن جو بنواس به هن اجايو ناهي وڃايو هو هڪ هڪ پل حياتي سان ارجن جي تلوار وانگر وڙهيو آهي ڪي لٻاڙي ليڊر ته سندس سالگره کي ڪيش ڪرائيندا آهن پر سندس وجود جي انهن وارتائن کان واقف ناهن جن کي رڳو جيءَ جي جهروڪن مان ئي ڏسي سگهجي ٿو اڄ هڪ طرف شڪاگو ۾ ساناحي سنهڻن هالن ۾ سنڌ جا مها مقرر وارو وڄائي رهيا هوندا ته ٻي طرف سجاول ۾ ڊاڪٽر آزاد کي سندس جنم ڏڻ تي سنڌ سلام پيش ڪري رهي هوندياڄ سندس 48 هون جنم ڏينهن آهي سندس اڱڻ تي رنگين غبارن ۽ چنچل تاڙين جي روم سان هڪ ڪيڪ سندس منتظر هوندو آئون سندس انهن اکين ۾ ڏور ڏسڻ جي ڪوشش ڪندس جن ۾ هڪ عاشق هڪ باغي پلٿي هنيو ويٺو اهي ان باغي هن ماڻهون جي جيئڻ جو ويساھ وڌايو آهي نه ته اڪثر اهڙين حالتن ۾ زندگي ٿوهر جو کير ٿي ويندي آهيپر ڊاڪٽر آزاد اُن زندگي کي ڪنوار جي ڪن جو جهومر بناڻي ڇڏيو آهي جو اڄ سنڌ جي ساڃاھ ائين لڙي اچي ٿي جئين چيٽ تي ڪونجون ڪرلائينديون آهن


    نوازشاھ ڀاڏائي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو