اٿم جي اميدون پوريون شال ٿيندم

عبدالعزيز لغاري

سينيئر رڪن
qv8WDA.jpg


اٿم جي اميدون پوريون شال ٿيندم
ڪندو مهر مولا پيهي هوت ايندم

وسي شل ولهي جو هي ويران ويڙھو
پنهنجيون جايون پاڻھي وري شل ڀريندم

ويٺي ٿي پڪاريان لُڏي ٿو هي ٻيڙو
اچي شال هٿڙا ڏکي ويل ڏيندم

حرف ڪونهي هوتن ساري ميار مانڏي
جيهي تيهي تن جي ڇنيون نا ڇڏيندم

هان بيوس ويچاري ھَلي وس نه حيلو
پاڻھي شال ننگڙو ننڌر جو پاليندم

“ڪوجهي“ ٿي نه ماندي پرين پاڻ پهتا
سخي جن جو نالو اڏيون سي اڏيندم

________________________
سردار بهادر محمد بخش ڪوجهي رحه
 
Back
Top