• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي ٻولي

سنڌي ٻولي
____________

سنڌي ٻولي جيڪا صدين جي ٻولي آ هڪ جاندار ٻولي آ جنهن کي پنهنجو آواز آ پنهنجي تهذيب آ تمدن آ تاريخ آ ڌرتي آ سماج آ ماڻهو آ ماڻهپو آ تنهن ٻولي کي اڙدو ٻولي پنهنجي ڪوڙي ڄار سان ڦاسائي محدود ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آ ...اڙدو ٻولي جيڪا هڪ ناقص ٻولي آ جنهن کي آواز نه آ جيڪا هندي ٻولي جو آواز آ ان کي هي نڀاڳا پيا وڌائين ۽ غير فطري زبان جي پوءِ واري ڪري هڪ اڙدو نه پر هندي ٻولي جو وڌاءُ ڪيو پيو وڃي .......پنهنجي سنڌي ٻولي جيڪا امڙ جي لولي آ تنهن کي لولو لنگڙو بنائي دفترن منجها آفيسن منجها اسمبلي منجها ن اسڪولن منجهان نيڪالي پئي ڏني وڃي ۽ هو سادو سنڌي ان ڪم ۾ سنئون سڌو شامل آ ...ڪا هن کي هٻڪ نه ٿي ٿي ته هي ڪهڙي پاسي وڃي رهيو آ سنڌي ٻولي جو مستقبل تباه ڪري رهيو آ ...ڪا خبر نه آهي هن بي هونش کي سنڌ سنڌين جي جنهن ۾ هي ٻولي صدين کان هلندڙ تنهن سنڌ منجهان هي ٻولي اسڪولن ۽ دفترن ۽ خاص اسمبلي منجها نيڪالي ڏيئي ويٺو آ .....ٻيو اڃا ڪهڙو ڪيس ٿيندو ....ٻيو ڪهڙي قيامت ايندي جنهن جا ڳالهائڻ وارا پوري دنيا ۾ آباد به هجن پر انهن جي پنهنجي ڌرتي منجهان بي دخل پئي ٿي ڪو سوچ وارو دانشور نه آهي ..جڏهن به پنهنجي ٻولي جي وڪالت ڪندو ته ٻين ناقص ٻولين کي به چيچ منجهان جهلي ضرور هلندو ...او نڀاڳا سنڌي پنهنجي ٻولي جي ڳاله ڪر پنهنجي ٻولي جي وڪالت ڪر .....ڇو عقل کان آري ٿي پيوآن ...ڪهڙي شئي توکي نيست ڪيو آ ڪهن تنهنجو ادراڪ کسيو آ ....افسوس صد افسوس ......فقط سنڌي مظلوم قوم جو فرد
 
Back
Top