هڪ ننڍڙو ڇوڪرو گهر جي گهنٽي وڄائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، پر ان جو هٿ نه پڄي رهيو هو. پاسي کان گذرندڙ هڪ بزرگ جڏهن ڏٺو ته ننڍڙي کي ڏکيائي ٿي رهي آهي ته اُن ننڍڙي کي هٿن تي کڻي گهنٽيءَ تائين پڄايو. ننڍڙي گهنٽي وڄائي.. بزرگ چيو پُٽ هاڻي خوش آهين. هاڻي مان تنهنجي لاءِ ٻيو ڇا ٿو ڪري سگهان. ڇوڪرو: ”چاچا هاڻي ڀڄو....“