• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڙي شهرِ جانان......

گورڌن ولاسائي

سينيئر رڪن
هتي ڄامشوري جون ڪجهه تصويرون رکبيون.

بهار جي موسم ۾ مهراڻ يونيورسٽي ۾ ماکي جون مکيون گلن جو رس گڏ ڪري رهيون آهن.

2ustp2s.jpg
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
اڙي شهر جانان ..... الائي ڇو جڏهن به ڄامشورو ويندو آهيان ته اهي هوائون ڪونه ملنديون آهن .... ڪالهه به ايئين ئي ٿيو، گرم موسم، ٻاهر خاموشي پر ها ... !!! هڪ شخص هيو جنهن جي اندر ۽ ٻاهر جي موسم ڄامشوري جي هوائن جهڙي هئي .... گورڌن سان ملي خوشي ٿي. سندس تصويري منظرناما بهترين هوندا آهن، تنهنڪري اها اميد ڪبي ته خوبصورت تصويرون، سهڻا منظر ۽ انهن جا وڻندڙ عنوان ضرور شيئر ڪندو رهندو.
 
اڙي شهر جانان.. موضوع جو عنوان ڏِسي سمجهي ويس ته پَڪ سان گورڌن پنهنجي ڪئمرا جي اک ۾ هڪ کان هڪ سهڻيون ۽ مَن موهيندڙ تصويرون محفوظ ڪري اسان کي ڏيکارڻ وارو آهي. :) جڏهن موضوع کوليم ته دنگ رهجي ويس.. واھ گورڌن واھ .. پهرين تصوير ڏِسي دل خوش ٿي وئي.. ڪنهن ڪَويءَ جي خيالَ ۾ به اهڙي تصوير نه آئي هوندي.. :)
اڃا به انتظار آهي ٻين تصويرن کي ڏِسڻ جو..
 
سدا وسندو رهي اهو شهر اسان جيڪي به آهيون صرف ان شهر جي تعليمي مرڪز جي ڪري آهيون.
 
Back
Top