• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مَارُئي ڪَرِئو مُهاڙَ مَليرَ ڏي، اُڀِيَائِي آهَي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
jO6I3GsXEzfkG.jpg


ڪَرِئو مُهاڙَ مَليرَ ڏي، اُڀِيَائِي آهَي
جا مٿي ڏِنِيَسِ مارُئَين، سا لوئِي نہ لاهَي
سومرا ! سَاهَي، سَتِيَ وِجُھ مَ سَنگَهرُون


سر مارئي

ڪَرِئو
= ڪيو
مُهَاڙَ = مُنهُن
اُڀِيَائي = اُڀين پيرين بيٺي آهي
ڏِنِيَسِ = ڏني هيسِ
سَاهَي = ڇڪي تاڻي
سَتِيَ = پاڪدامن، معصوم
سَنگَهرُون = زنجيرون

بيت جو پس منظر

~ مارئي ملير ڏانهن منهن ڪيو اُڀي بيٺي آهي.
~ مارن جيڪا مٿي ڍڪڻ لاءِ لوئي اوڍائي هيس سا نٿي لاهي.
~ او سومرا ! هن معصوم کي ڇڪي زنجير نہ وجھ .

سمجهاڻي

عمر جي قيد ۾ مارئيءَ جو چين، آرام، سڪون ۽ سرور ڦٽل آهي. هوءَ نہ پلنگن تي سمهي آرام ٿي ڪري ۽ نہ ويهي ڪنهن سان حال ٿي اوري.بس رات توڙي ڏينهن ملير طرف منهن ڪيو اُڀي پيرين بيٺي اوڏانهن تڪي. جيڪا ماروئڙن مٿي ڍڪڻ لاءِ لوئي اوڍائي هيس سا جيتوڻيڪ ميري ٿي وئي اٿس پر ڪڏهن لاهي ئي نٿي.
او عمر سومرا ! ڪنهن نياڻيءَ سان ايڏو ظلم چڱو ناهي.هن پاڪدامن ۽ معصوم مارئيءَ کي ايئين زنجيرن ۾ قيد نہ ڪر.
ان وقت جي مارن عمر جي قيد مان مارئيءَ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪا مزاحمت نہ ڪئي هئي.پر اسان اڄوڪي سنڌ جي پنج ڪروڙ سنڌين وحشي وڏيرن ۽ ظالم پيرن جي ڪوٽن ۾ قيد مارين جي آزاديءَ لاءِ ڪهڙي مزاحمت ڪئي آهي..!!!؟

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____
 
Back
Top