• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مَارُئي وِندِيَسَ وَطَنَ سامُهِين، ملِيرُ مُهِجَو ماڳُ

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
jWPrWPd9Az2pM.jpg


وِندِيَسَ وَطَنَ سامُهِين، ملِيرُ مُهِجَو ماڳُ
ڏُٿُ چُونڊِيندِيَسِ ڏَيهَ ۾، ساڻُ سَرِتِيُنِ ساڳُ
تَہ مُون سَئَون سڀاڳُ، جَي وَيجِهي ٿِيان وَرَ کي


سُرُ مَارُئِي

وِندِيَسِ = وينديس
وَطَنَ = مارئيءَ جو ملڪ ملير
سامُهين = اڳيان
مُهِجَو = منهنجو
ماڳُ = گهر، مڪان
ڏُٿُ = جهنگلي گاهن مان حاصل ٿيندڙ اَنُ. جهڙوڪ :
سائون : برسات وسڻ کان پوءِ ڦٽندڙ هن گاھ جو سلو اٽڪل چيلھ جيڏو ٿيندو آهي. پن ٻاجهريءَ جيان، سنگ ڇھ انچ ٿئيس. ٿري ماني به پچائين ۽ ڀت به رڌين.
مکڻي : هن گاھ جي ڪاني چار ڦاڪون ٿي پوندي آهي، جنهن ۾ ڪاري ۽ ڳاڙهي رنگ جا داڻا ٿين ٿا جيڪي ٿري شوق سان کائين ٿا.
مانڌاڻون : ڊيگھ پنج انچ ٿئيس، سندس ڪاني چوٽيءَ وٽان ڦٽي ٽي ڦاڪون ٿيندي آهي. اڇي رنگ جا داڻا ٿر جا ماڻهون مزي سان کائين ٿا.
کِھُ، ڀرٽ ۽ ٻيابه جن مان اناج حاصل ٿيندو آهي.

ڏَيهُ = وطن، ملڪ
ساڳُ = سائي ڀاڄي، ترڪاري _ ساڳ ٿلهن ۽ ڊگهن ساون پنن جي ڀاڄي لذيذٿيندي آهي.
سَئَون سڀاڳُ = نيڪبختي، ڀلو ڀاڳ
ويجهي ٿيان وَرَ کي = مڙس سان ملان

بيت جو پس منظر

~ جيڪو ملير ۾ منهنجو گهر آهي، اوڏانهن هڪ ڏينهن ضرور وينديس.
~ سرتيون ساڻ ڪري پنهنجي ملڪ جو ڏٿ، ساڳ ۽ ٻيون ڀاڄيون چونڊياينديس.
~ منهنجا ڀاڳ ڀلا ٿيندا جڏهن وڃي پنهنجي مڙس سان ملنديس.

سمجهاڻي

مارئي پنهنجي وطن، اناج، ڀاڄين، سهيلين ۽ مڙس کي ساريندي چئي ٿي :
مون کي پڪو ۽ پختو يقين آهي تہ نيٺ هڪ ڏينهن ضرور عمر جي قيد جا زنجير ٽٽندا ۽ آزادي ماڻينديس ۽ پنهنجي ملڪ ملير وينديس. جن سهيلين جي سڪ ۽ اڪير اٿم تن سان ملي خوب رهاڻيون ڪنديس. منهنجي ٿر ۾ مِينهَن کان پوءِ ڦٽندڙ اناج سائون، مکڻي، مانڌاڻون ۽ ٻيا انَ گڏ ڪنديس.ساڳ ۽ ٻيون سايون ڀاڄيون چونڊي گهر آڻينديس.
ان کان وڌيڪ مون لاءِ خوشي ۽ فخر جي ٻي ڪهڙي ڳالھ ٿيندي جڏهن هن قيد مان آزادي ماڻي پنهنجي محبوب مڙس کيت سين وڃي ملنديس ۽ سڪ لاهينديس.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____
 
Back
Top