• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حاضر آهي جوملا جو سنڌي لئنگيج پيڪ. انسٽال ڪرڻ جو طريقي ڪار.

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
السلام عليڪم سنڌسلامت ساٿيو. اميد ته ٺيڪ ٺاڪ هوندا.

انٽرنيٽ تي سڀ کان وڌيڪ سرچ ٿيندڙ ويبسائٽس مان اڪثر ويبسائيٽس جوملا تي ٺهيل هونديون آهن.
جوملا هڪ آنلائن ويبسائٽ تيار ڪرڻ جو سافٽويئر آهي (تفصيلي تعارف ڪنهن ٻئي موضُوع ۾ موڪليندس).

ڪنهن به ويبسائيٽ جو ترجمو ڪرڻ لا ان جي لئنگيج پيڪ جو ترجمو ڪرڻو پوندو آهي پو اهو لئنگيج پيڪ ويبسائيٽ تي اپلائي ڪرائجي ته ان ويبسائيٽ تي انگريزي بجا سنڌي ٻولي لڳي وڃي ٿي.
توهان قادريه حسنيه ڊاٽ ڪام ۽ ڀرڳڙي ڊاٽ ڪام ته ڏٺي هوندي، جي ها اهي ٻئي ويبسائيٽس جوملا جي 2.5 ورزن تي ٺهيل آهن ۽ جوملا جو موجوده ورزن 3 کان مٿي آهي. هر ورزن لا الڳ لئنگيج پيڪ هوندو آهي. هتي آئون توهان سان جوملا 2.5 جو لئنگيج پيڪ ونڊيان پيو جنهن کي پنهنجي ويبسائٽ تي اپلائي ڪريو ۽ پنهنجي ويبسائيٽ ۾ سنڌي ٻولي کي شامل ڪريو.
جوملا 2.5 تي لئنگيج پيڪ اپلائي ڪرڻ لا
  • سڀ کان پهرين جوملا جي ايڊمن پينل کي کوليو..
  • پو مَين مينيو مان Extensions تي ڪلڪ ڪريو ۽ اُتان Extension Manager تي ڪلڪ ڪريو.
3kazao.jpg



هاڻي Chose File تي ڪلڪ ڪري لئنگيج پيڪ جي زِپ فائل کي ڪمپيوٽر مان منتخب ڪريو ۽ Upload File جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو..

035NCRE.jpg


ٿوري دير انتظار ڪريو ... توهان جي ويبسائيٽ ۾ سنڌي جو لئنگيج پيڪ انسٽال ٿي ويندو.

هڪ دفعو ٻيهر Extensions جي مينيو مان Language Manager تي ڪلڪ ڪريو ۽ سنڌي ٻولي جي لئنگيج پيڪ کي ڊفالٽ طور منتخب ڪرڻ لا تاري (Star) جي نشان کي سنڌي لئنگيج پيڪ تي مارڪ لڳايو..

17109220885_92e0cccf4c_o.jpg


پنهنجي ويبسائيٽ کي ريفريش ڪريو ۽ ڏِسو... توهان جي ويبسائيٽ سنڌي ۾ ٿي ويندي.. :)

(جوملا 2.5 جو لئنگيج پيڪ ڊائونلوڊ لنڪ ختم ڪيو ويو آهي.. سڀني دوستن کي گذارش آهي ته جوملا 3.0 جو لئنگيج پيڪ ڊائونلوڊ ڪن ۽ انسٽال ڪَن.)
 
تمام گهڻي خوشي جي ڳالهه آهي ته جوملا 3 جو پڻ سنڌي ترجمو ٿي چُڪو آهي.
جوملا 2.5 جو سنڌي لئنگيج پيڪ مون کي مليو هو، جنهن به ترجمو ڪيو آئون ان شخص کي مُبارڪباد ڏيان ٿو ۽ سندس ٿورائتو آهيان ته اُن منهنجي وڏي مدد ڪئي. سندس محنتن سان سنڌي ويب ڊولپرن کي وڏو فائدو پهتو آهي.
۽
آئون دلي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو سنڌي ٻولي ڀلوڙ ليکڪ ، سنڌي ايپليڪشنز ۽ ويب ڊولپر محترم سائين امرفياض ٻرڙو جَن کي ، جن ڏينهن رات محنت ڪري جوملا 3 کي سنڌي ۾ ترجمو ڪيو جيڪا اسان سنڌي ڊولپرن لا تمام گهڻي خوشي جي ڳالهه آهي. هتي آئون جوملا 3 جو سنڌي لئنگيج پيڪ ڊائونلوڊ ڪرڻ لا لنڪ ڏيان پيو جيڪو سنڌي لئنگيج اٿارٽي جي ويبسائيٽ تي پيل آهي.


http://sl.sindhila.org/sd/joomla-3x-translation
 
اوهان جي ان سخاوت جي جيتري تعريف ڪجي ٿوري آهي. سنڌ سلامت پاران هميشه اها ترغيب رهي آهي ته جيڪو ڪم ڪيو اهو اڻ ٽر نه هُجي ته فوري سڀني جي هٿ ۾ پُهچايو. اڳي سنڌس سلامت تان وي بليٽن جو ترجمو به رليز ڪيو ويو. هاڻ جوملا 2.5 جو ترجمو اچڻ به اهڙن دوستن لاءِ پهرين ڏاڪي جو ڪم ڏيندو جيڪي پنهنجون ويبسائٽس سنڌيءَ ۾ ٺاهڻ گهُرن ٿا. تمام سُٺو.
 
تمام سٺو .... اوهان کي جس هجي.

اميد ته دوست وڌ کان وڌ سنڌي ويبسائيٽس ٺاهيندي جوملا مان فائدو وٺندا
 
اوهان جي ان سخاوت جي جيتري تعريف ڪجي ٿوري آهي. سنڌ سلامت پاران هميشه اها ترغيب رهي آهي ته جيڪو ڪم ڪيو اهو اڻ ٽر نه هُجي ته فوري سڀني جي هٿ ۾ پُهچايو. اڳي سنڌس سلامت تان وي بليٽن جو ترجمو به رليز ڪيو ويو. هاڻ جوملا 2.5 جو ترجمو اچڻ به اهڙن دوستن لاءِ پهرين ڏاڪي جو ڪم ڏيندو جيڪي پنهنجون ويبسائٽس سنڌيءَ ۾ ٺاهڻ گهُرن ٿا. تمام سُٺو.

ڪوششن ۾ آهيان ته هڪ مُفت فورم کي سنڌي ۾ ترجمو ڪجي جيڪو اڳ ۾ سنڌسلامت تي موجود نه هُجي... ترجمو جاري آهي انشا الله ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ان کي به رليز ڪيو ويندو. :)
 
تمام بهترين سمجهاڻي.. يعني ويب ڊولپنگ جو شوق رکندڙ نوجوان هاڻي ڪم کي ٿوڙو تڪڙو ڪندا
 
Back
Top