نڪي عشق آتش فشان ٿي اڀياميو، نه ئي ديپ دل اوھان جو اجھاميو، دکيا سين، جليا سين اڌورا اڌورا، اسان بس رھيا سين اڌورا اڌورا ... ڏکن ۾ به دل پنھجو رشتو نه ٺاھيو، سکن ۾ به من کي سڪون ڪين آيو، کليا سين ته خلقت جي دردن ٿي روڪيو، رنا سين ته دنيا جي نظرن ٿي ٽوڪيو، رنا سين کليا سين اڌورا اڌورا، اسين بس رھيا سين اڌورا اڌورا ... ڦاھي جا ڦنڌا چمڻ کان به ويا سين، ۽ دنيا جا ڌنڌا ڪرڻ کان به ويا سين، نه تون ئي ملين، نه ڪنھن ٻي جا ٿيا سين، ھتان کان به ويا سين، ھُتان کان به ويا سين، مرڻ جي مزي کان به محروم ٿيا سين، ۽ جئيندا رھيا سين اڌورا اڌورا، اسان بس رھيا سين اڌورا اڌورا ... تارڪ ٿي دنيا نه تياگي ٿيا سين، جھان جو جھنجھٽ نه جھاڳي سگھيا سين، عمر اڻ کُٽ عبادت ۾ ويئي، ۽ باقي بُتن کان بغاوت ۾ ويئي، نه خدا ئي مليو، نه اُن جي خدائي، او آڪاش! جندڙي ايئن وئي اجائي، ۽ ڳولھا جي رِڻ ۾ رُلياسين اڌورا، اسان بس رھيا سين اڌورا اڌورا ...