هڪ مڱڻهار (دهل وارو) ڳائڻن سان گڏ پروگرامن ۾ ويندو هو، هُو جڏهن ڪلامن دوران دهل وڄائيندو هو ته ڪاوڙ ۾ وڄائيندو هو، هڪ ڀيري ڪجهه ماڻهن اچي ڏٺو ته هِن جي دُهل جي ٻنهي پاسن کان عورتن جا ڦوٽُو لڳا پيا آهن.... همراھ کان پڇيائون ته ابا انهن انڊين ماين (عورتن) جا ڦوٽو دهل تي ڇو لڳايا اٿئي ؟ ته چوڻ لڳو : چاچا اهي انڊين اداڪارائون ناهن،... هڪڙي منهنجي زال آهي ۽ ٻي منهنجي سَس... گهر ۾ پُڄي ڪونه سگهان سو هتي دهل جي ڏَئونڪي (دهل وڄائڻ واري ننڍڙي لٺ) سان ڦوٽوئن کي ڪُٽي ڪُٽي دل خوش ڪندو آهيان..