• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ايوب کوسو تفاوت . ايوب کوسو

شاهنواز ٽالپر

سينيئر رڪن
تفاوت !

اسان ۾ اوھان ۾ پُڇو ٿا تفاوت ؟
سڄڻ ھونئن ته ساڳي بدن جي مٽي آ،
پيرن ۾ به ساڳي وطن جي مٽي آ ،
ڏسون ته چھرا به ناھن مَٽيل ڪي !
مگر ڇا ڪجي ھي حقيقت چِٽي آ ،
اسان ۾ اوھان ۾ ذھن جون وڇوٽيون !
رڳو پنھنجي سوچن ۾ ڦيرو اِھو آ ،
اوھان ھڪڙي ليڪي تي ڦرندا رھو ٿا !
اسان جي خيالن ۾ ساري خدائي !
اوھان لئه تاريخ معنيٰ رکي ٿي !
اسان ساري تاريخ دل ۾ کڻون ٿا !
اوھان ھر مخالف کي ڪافر سڏيو ٿا ،
اسان تن لئه دل ۾ محبت رکون ٿا !
اوھان ھر حقيقت تي فتويٰ ھڻو ٿا ،
اسان ھر حقيقت چپن سان چُمون ٿا ،
اوھان سونھن ٿي ٿا ھڻو روز چئونڪي ،
اسان سونھن آزاد چاھيون ڏسڻ ٿا
اوھان پنھنجا نظريا گلن ٿي مڙھو ٿا ،
اسان وٽ نه اھڙو تصور به آھي ،
اسان ۾ اوھان ۾ اھو آ تفاوت ،
اوھان غير فاتحن جا نالا چُمو ٿا ،
اسان لاءِ ھوشو گلابي چُمي آ ،
اوھان ھر مُلان جي پُٺيءَ تي گُھمو ٿا ،
اسان لاءِ شاعر ثوابي چُمي آ ،
اوھان پاڻي چشمن لئه لوءنڻا ھڻو ٿا ،
اسان لئه سنڌوءَ جو امر آب آھي !
اوھان غير ماڳن جا سپنا ڏسو ٿا ،
اسان جو ته موئن دڙو خواب آھي !
اوھاب قاتلن جا طرفدار آھيو !
اسان ھر ڪنھن مظلوم جو ساٿ آھيون ،
اسان ۾ اوھان ۾ اھو ئي فرق آ ،
اوھان ڪِن درن جي عبادت جا عادي ،
اسان سونھن سچ جي حمايت جا عادي !
اسان ۾ اوھان ۾ پُڇو ٿا تفاوت !
اسان ۾ توھان ۾ اُھو آ تفاوت !!!
 
Back
Top