• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

چنڊ چانڊوڪي سور جو تعارفي پروگرام

khadim ghirano

سينيئر رڪن
سنڌي اردو ۽ پنجابي ٻولين جي مشهور شاعر ڪهاڻيڪار امين اڏيرائي جي ڪتاب چنڊ چانڊوڪي ۽ سور جي تعارفي تقريب ۽ اردو سنڌي مشاعرو اڏيرو لعل اسٽيشن تي ٿيو . پروگرام جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي جيڪا حافظ ڪريم بخش ڇٽو ڪئي جڏهن ته اسٽيج سيڪريٽري جا فرض مشهور شاعر حيدر امان جسڪاڻي ادا ڪيا هن پروگرام جي صدارت حيدرآباد کان آيل شوڪت علي شوڪت ڪئي مهمان خاص شهدادپور کان آيل عاشق علي چانڊيو جن هئا اعزازي مهمان امين اڏيرائي ، عبد المجيد راجپوت ( حيدرآباد ) گل حسن لاکو ( ٽنڊوآدم ) فقير غوثل چانگ ( هالاڻي ) عزت علي برهماڻي ، احمد خان خاصخيلي جن هئا مهمانن کي اجرڪون اوڍايون ويون گلن جا هار پهرايا ويا . هن پروگرام جو آجياڻو عزت علي برهماڻي پيش ڪيو جنهن آيل مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو چيو ته اسان جي شهر جو امين اڏيرائي هڪ روشن ستارو ۽ استاد آهي سائين جي جدوجهد کي سلام آهي سائين بنيادي طور پنجابي آهي پر سنڌي ادب جي جيڪا خدمت ڪئي آهي اها وساري نٿي سگھجي . امين اڏيرائي چيو ته هي ڪتاب چنڊ چانڊوڪي ۽ سور منهنجي اڳ آيل چئن ڪتابن جو مجموعو آهي اڄ هتي هڪ نه ٻن ڪتابن جو تعارف آهي ٻيو ڪتاب فقير غوثل چانگ جو اچو ته اوريون حال آهي جيڪو چئن ٻولين ۾ آهي . امين اڏيرائي چيو ته هيءُ منهنجو تيرهون ڪتاب آهي ان بعد مشاعرو شروع ڪيو ويو اهو اعلان ڪيو ويو ته اڄوڪو مشاعرو صاحب خان ٻاٽي مرحوم جي نالي آهي ان بعد اڏيرو لعل اسٽيشن جي شاعرن حيدر امان جسڪاڻي ، احساس ميرل سهتو عمران وفائي ،عاجز عبدالغني ڇٽو ، حاجي غلام حيدر خاصخيلي ، امين اڏيرائي نصرپور کان آيل ريحان ابڙو ، خادم گھراڻو ، ڍول گھراڻو ، قاضي بدرالدين ، پليجاڻي کان آيل اداس سولنگي ، سهراب خان ٻاٽي ، جھول کان آيل محمد صادق خاصخيلي ، ٽنڊو آد م کان آيل گل حسن لاکو ، شهدادپور کان آيل عاشق علي چانڊيو حيدرآباد کان آيل فقير غوثل چانگ ، عبدالمجيد راجپوت ۽ شوڪت علي شوڪت پنهنجي نڪور شاعري پڙهي آخر ۾ صادق فقير جي لاءِ دعا مغفرت گھري وئي .
 
Back
Top