غلام مصطفيٰ جتوئي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏2 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    14 آگسٽ 1931

    سنڌ جي هن جهونو سياستدان 14 آگسٽ 1931 تي اڳوڻي نوابشاهه ضلعي جي شهر (هاڻوڪي نوشهروفيروز جي شهر) نوان جتوئي ۾ جنم ورتو. سندس والد خان بهادر غلام رسول خان جتوئي پنهنجي وقت جو برک سياستدان رهيو آهي ۽ هو سنڌ جي قانون ساز اسيمبلي جو ميمبر پڻ رهيو آهي.

    غلام مصطفيٰ جتوئي پنهنجي شروعاتي تعليم ڪراچي گرامر اسڪول مان حاصل ڪئي. جتان هن سينئر ڪيمبرج جو امتحان پاس ڪيو. جڏهن ته 1952ع ۾ بئريسٽري جو امتحان پاس ڪرڻ لاءِ انگلينڊ هليو ويو پر والد جي شديد بيماري سبب هو پنهنجي تعليم مڪمل ڪري نه سگهيو ۽ هڪ سال کان پوءِ کيس واپس وطن اچڻو پيو. هو پهريون ڀيرو 1958ع ڌاري اولهه پاڪستان جي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ۽ 1965ع ۾ ٻيهر ساڳي سيٽ تي چونڊيو ويو. 1969ع ۾ ڪنوينشن مسلم ليگ کان ڌار ٿي پاڪستان پيپلز پارٽي جو ميمبر ٿيو ۽ 1970ع وارين چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو. ذوالفقار علي ڀٽي حڪومت ۾ اچڻ بعد هن کي ان وقت مواصلات جو وفاقي وزير بڻايو. بعد ۾ هو 1973ع ۾ سنڌ جو وزيراعليٰ مقرر ڪيو ويو. جنهن عهدي تي هي 1977ع تائين رهيو. مارچ 1977ع وارين چونڊن ۾ هن صوبائي اسيمبلي جي چونڊ کٽي ۽ ٻيهر سنڌ جو وزيراعليٰ ٿيو. جنرل ضيا جي مارشل لا کان پوءِ هن جمهوري جدوجهد ۾ پيپلزپارٽي جي سنڌ جي صدر جي حيثيت ۾ بهرو ورتو ۽ ايم آر ڊي جي جدوجهد ۾ 1983ع دوران اڳواڻي ڪئي. 1985ع ڌاري هن جا پيپلز پارٽي جي اڳواڻ محترمه بينظير ڀٽو سان اختلاف ٿي پيا. جنهن ڪري هي پيپلز پارٽي کان ڌار ٿي ويو. جنهن کان پوءِ هن هڪ نئي پارٽي نيشنل پيپلز پارٽي جو بنياد رکيو. 1988ع جي چونڊن ۾ هي کٽي نه سگهيو. ان ڪري 1989ع ۾ پنجاب جي شهر ڪوٽ ادو مان ٿيل ضمني چونڊن ۾ نواز شريف جي مدد سان قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو. جنهن کان پوءِ هو اسلامي جمهوري اتحاد ۾ شامل ٿيو ۽ هن کي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ چونڊيو ويو. جنهن بعد هن محترمه بينظير ڀٽو جي خلاف قومي اسيمبلي ۾ بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪئي جيڪا ناڪام وئي. 1990ع ۾ تڏهوڪي صدر غلام اسحاق پاران محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت برطرف ڪرڻ کانپوءِ هن کي ملڪ جو نگران وزيراعظم بڻايو ويو. ان کان پوءِ ٿيل چونڊن جي نتيجي ۾ هن اها سيٽ نواز شريف جي حق ۾ خالي ڪئي. بهرحال هيءَ 1993ع واري اليڪشن ۾ ٻيهر قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو. جڏهن ته فيبروري 1997 واري اليڪشن ۾ هي چونڊون کٽي نه سگهيو. جنهن کان پوءِ هو پاڻ عملي طرح سياست کان رٽائر زندگي گذاري

    سليم گل چنا، ڪراچي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو