• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڳوٺاڻيون ڳليون.....(حسن درس)

محمد اسلم عباسي

سينيئر رڪن
(حسن درس)
ڳوٺاڻيون ڳليون

تنهنجيون ڳالهيون ڪن ٿيون

رستا ڀُڻڪن ٿا
چارا چُن چُڻ ڪن ٿا
سورج مُکي تي
ڀوءنرا ڀُڻ ڀُڻ ڪن ٿا
واڙين منجهه وليون
تنهنجيون ڳالهيون ڪن ٿيون

ڌڻ ڌنارن سان
موٽي اچن ٿا
دونهان ڌُڌَڙ سان
گڏجي نچن ٿا
چڙا، چنگ، ٽَليون
تنهنجيون ڳالهيون ڪن ٿيون

سُگهڙ هٿن جا
ٽوپا مُرڪن ٿا
اکيون سُمهن ٿيون
ڌاڳا جاڳن ٿا
سڄي رات رليون
تنهنجيون ڳالهيون ڪن ٿيون.

 
Back
Top