هڪ ڏينهن شيخ سعدي جي گهر ان جو هڪ پراڻو دوست ڪجهه پئسا وٺڻ آيو شيخ سعدي رح جن ان کي پئسا ڏئي رخصت ڪرڻ کانپو سُڏڪا ڏئي روئڻ لڳو تنهن تي سندس گهر واري چيس ته جيڪڏهن پئسن جي واپسي جي اميد نه هيئي ته ڪو به بهانو ڪرينس ها! شيخ سعدي رح وراڻيس ته اهڙي ڪا ڳالهه ناهي مون کي روئڻ ان ڳالهه تي آيو آهي ته مان پنهنجي دوست جي ضرورت کان ايتريقدر اڻواقف ڪئين رهيس جو ان کي پاڻ منهنجي دروازي تي اچڻو پئجي ويو....