عبدالڪريم گدائي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏2 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    عبدالڪريم گدائي سنڌ جو بهترين شاعر، ڪريم آباد، تعلقي ٺل ۾ پهرين جنوري 1901ع ۾ پيدا ٿيو. گدائيءَ جي تعليم سنڌي فائنل هئي. هن دنيا ۾ روزي روٽيءَ جي بندوبست لاءِ ڪلارڪ، سپاهي ۽ صحافي جهڙا مختلف فرض سرانجام ڏانا. سندس ٽي شاديون ٿيون. اولاد ۾ ٻه پٽ ٻه نياڻيون هيون. سندس مشهور تصنفون، ”خان ڳڙهه کان جيڪب آباد تائين“، ”پيماني تي پيمانو“، ”ساڻيهه جا سور“، ”پکڙا ۽ پنهوار“ شامل آهن، ان کان علاوه ڪيئي فيچر، ڪهاڻيون ۽ اسٽيج ڊراما پڻ لکيل آهن. سندس وفات 28 جنوري 1978ع ۾ ٿي ۽ آخري آرامگاهه افضل بابا قبرستان جيڪب آباد ۾ آهي.

    عبدالڪريم گدائيءَ جو گهريلو نالو ”بگو“ هو. اسڪول ۾ سندس نالو عبدالڪريم لاشاري لکرايو ويو. گدائي 1911ع ائنگلو ورنيڪيولر اسڪول ۾ داخل ٿيو ۽ 1916ع ۾ پنج درجا پاس ڪري سکر جي هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو. اهڙي طرح 1920ع ۾ فائنل جو امتحان ٺل جي سنڌي اسڪول مان پاس ڪيائين.

    سندس پهرين نوڪري پوليس ۾ ننڍي منشي واري رهي. جڏهن شاعري شروع ڪيائين ته پنهنجي لاءِ تخلص ”گدائي“ جو انتخاب ڪيائين. گدائي صاحب پنهنجي هڪ تصنيف ۾ لکي ٿو، ”جڏهن آئون 1920ع ڌاري پوسٽ آفيس شڪارپور ۾ ڪلارڪ هوس، تڏهن جليانوالا باغ جي واقعي خلاف احتجاجي ڏينهن ملهايو ويو. منهنجي دل ڪانگريس طرف ڇڪجي ويئي. گدائي شروعات ۾ خلافت تحريڪ کان متاثر هو پر پوءِ جوش ۾ نوڪري ڇڏي وڃي ڪانگريس ۾ شامل ٿيو. 1925ع ڌاري سندس شاعري سنڌو ۽ ٻين هفتيوار اخبارن ۾ شايع ٿيڻ لڳي. پر سندس شاعري جو حقيقي دور هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ شروع ٿئي ٿو. گدائي صاحب لکي ٿو، ” 1947ع کان پوءِ آزادي وارو خواب شرمندءِ تعبير رهجي ويو، اسين سنڌي پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن ٿي وياسون. امنگون ۽ اميدون پائمال ٿي ويون. تڏهن کان شاعري موجوده موڙ اختيار ڪيو.“

    گدائي صاحب جو شروعاتي ڪلام هفتيوار پيغام، صداقت، سنڌو، سنڌ زميندار، روزانه الوحيد ۾ شايع ٿيندو رهيو. پاڻ 1952ع ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ شامل ٿيو. ان دوران گدائي صاحب مقامي اخبارن صبح سنڌ، ستاره سنڌ، فرنٽيئر گزيٽ، انقلاب، امروز ۽ مجاهد جو ايڊيٽر به رهيو.

    گدائي جي شاعري سنڌ سان پيار ۽ انسيت جو مظهر آهي. سندس نالو سنڌ جي ترقي پسند شاعرن جي فهرست ۾ ڳڻيو وڃي ٿو.

    گدائي جي شاعري مان چونڊ ٽڪرا نموني طور هيٺ ڏجن ٿا.

    * سفر زندگي جو ڪٺن هو گدائي بهر طور گذريو گذاري ڇڏيوسين,

    * خبردار هاري جو ڀوتار آيا پراڻا شڪاري کڻي ڄار آيا.

    * اڄ به ساري رات، رنو ويٺي مارئي سارو ملڪ ملير جو آيو واڳن وات ڪڍي ڪوئي ڪات، ماري مانگر مڇ کي.

    * نه اٽو جنهن کي، نه اجهو ميسر
    نه ٻارن کي چولو، نه عورت کي چادر

    نه پنهنجي بدن تي لنگوٽي برابر
    نه ڪوسيءَ ٿڌيءَ ۾ ڪو پيرن ۾ پادر.

    * آ واٽ تي ڪاري ٻاٽ اگر پر پنهنجي رت جو تيل ڏيئي
    هر موڙ مٿان آزادي جي هڪ مشعل ٻاري وينداسين.

    گدائي صاحب جي هڪ اردو غزل جو بند:

    * ڪب رها غافل مين تيري ياد سي افترا هي، جهوٽ هي، الزم هي.

    سليم گل چنا، ڪراچي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: عبدالڪريم گدائي

    اڄ عبدالڪريم گدائي جي 34هين ورسي آهي۔

    [​IMG]

    عبدالڪريم ”گدائي“ [ 1978ع – 1901ع ]
    ميمڻ عبدالغفور سنڌي

    [JUSTIFY]سنڌ جو جهونو اديب، ڪهنه مشق شاعر ۽ قومي ورڪر، محترم عبدالڪريم ولد بجار خان لاشاري بلوچ، 24 شوال 1319هه مطابق پهرين جنوري 1901ع تي، ڪريم آباد تعلقي ٺل ضلعي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ٺل مان وٺي، جيڪب آباد ۽ سکر مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري، 1918ع ۾ پوسٽ کاتي ۾ ملازم بڻيو. چئن سالن بعد اُتان استعفا ڏئي، خان صاحب بهادر خان کوسي جي پٽن: مير شاهل خان ۽ مير سڪندر خان جن جو خانگي طرح ”ٽيوٽر“ (Tutor) مقرر ٿيو. اُنهن ئي ڏينهن ۾ لطف الله بدويءَ جي صحبت مان سخن جي ميدان تي ”گدائي“ تخلص سان پاڻ کي پڌرو ڪيائين.

    1932ع کان نهايت ئي بيباڪيءَ سان ”تحريڪ آزاديءَ“ واري هلچل ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي، ٺل ڪانگريس ڪاميٽيءَ“ جو سيڪريٽري پڻ منتخب ٿيو. پوءِ ته فرنگين (انگريزن) خلاف خوب نظم لکڻ لڳو. ورهاڱي بعد ”سنڌ هاري ڪاميٽيءَ“ ۾ شموليت اختيار ڪيائين؛ ۽ عوامي شعر لکڻ شروع ڪيائين. ”4– مارچ تحريڪ“ توڙي ”ون يونٽ“ خلاف به خوب آواز اُٿاريائين. سندس تصنيفات حالانڪ ايتريون گهڻيون ناهن، مگر ”ٿورا ڪڻا ٿالهيءَ ۾ ڀلا“ – مصداق ”خانڳڙهه کان جيڪب آباد تائين“ (1965ع – تاريخ)، ”ساڻيهه جا سور“ (1965ع – شاعري)، ”پکڙا ۽ پنهوار“ (1975ع – شاعري) ۽ ”پيماني تي پيمانو“ سنڌي ادب ۾ بهترين ڪتاب تسليم ڪيا پيا وڃن. هيٺ ”عريبن جي عيد“ عنوان سان سندس هڪ نظم مان چند مصرعون نموني طور ڏجن ٿيون:-

    خدايا تون دنيا جو داتار آهين – جيارين يا مارين ته مختيار آهين!؛
    اڙين ۽ اڌينن جو آڌار آهين – چون ٿا، ستر پوش ستار آهين!.
    تون ڄاڻين ٿو سڀ ڪجهه، چئي ڇا ٻڌايان ؟
    خوشيون عيد واريون، ڪٿان اڄ ملهايان ؟
    نه ٻچڙن کي چولو، نه عورت کي چادر – نه پنهنجي بدن تي، لنگوٽي برابر!؛
    نه پٽڪو مٿي تي، نه پيرن ۾ پادر – سندم ڏوهه ڪهڙو آ خلاق – اڪبر!.
    گهرن ۾ اميرن جي کانا پچن ٿا – حويليءَ ۾ خونچا، اچن ۽ وڃن ٿا؛
    ننڍا ۽ وڏا سڀ، خوشيءَ ۾ نچن ٿا – ڏسي ٻار پنهنجا مونکي وٽ پون ٿا.
    اوهانجا عجب راز باريڪ يا رب – تون رزاق سڀ جو، اهو ٺيڪ يار رب!؛
    رهين ٿو جي شهرڳه جي نزديڪ يا رب – ته منهنجي دنيا، ڇو آ تاريڪ يا رب؟
    ڪڏهن ڪا خوشين جي به تمهيد ٿيندي ؟
    اسان جي به يا رب ڪڏهن عيد ٿيندي ؟

    (1) – اِنهيءَ سلسلي ۾ ”گدائي“ صاحب جا شروعاتي اشعبار ”سنڌ زميندار“ (سکر)، ”سنڌو“ (شڪارپور)، ”فرنٽيئر گزيٽ“ (جيڪب آباد) ۽ ”صداقت) (شڪارپور) رسالن ۾ پڻ ڪثرت سان شايع ٿيڻ لڳا.

    (2) – سندس انهن قومي خدمتن عيوض 1960ع ۾ حڪومت پاڪستان طرفان هڪ سـؤ روپيه ماهيانه وظيفو به ملڻ شروع ٿيو، جيڪو تاحيات حاصل ڪندو رهيو.[/JUSTIFY]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. abdullah jarwar

    abdullah jarwar
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2013
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    181
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Tando Allahyar
    عبدالڪريم ”گدائي“
    هي شهر آ ڪهڙو شهر؟
    هي شهر آ ڪهڙو شهر جتي، ڪو قدر نه آ فرزانن جو،
    هر ساعت ۾ هر پلپل ۾، ٿو خون ٿئي ارمانن جو،
    ڪيڏي نه فضا م ٻوسٽ آ، دم گهٽجي ٿو انسانن جو.
    هي شهر آ ڪهڙو شهر جتي، هر هڪ جي ريت نرالي آ،
    آ ڪال محبت جو ڪيڏو، هي شهر وفا کان خالي آ،
    هت چرٻٽ چرٻٽ راجا آ، ڇا پرجا ڀولي ڀالي آ.
    هي شهر آ ڪهڙو شهر جتي؟ ڪو ماڻهو ڪنهن جو ميت نه آ،
    آ مڙهه جي ماٺ هوائن ۾، ڪو ساز نه آ سنگيت نه آ.
    هي شهر آ ڪهڙو شهر جتي؟ هر ماڻهو آهي بيگانو،
    ڪنهن جو به ڪنهين سان چاه نه آ، هرڪو ٿو پنهنجا ڪرم پٽي،
    پر ٻئي ڪنهن جي پرواه نه آ، هن رات انڌيري ٻوسٽ کان،
    ڇا نڪرن جي ڪا راهه نه آ؟

    هي شهر آ ڪهڙو شهر جتي؟ احساس جي دولت ڪانه رهي،
    نقصان جو ڪو ارمان نه آ، سڀ زنده مڙدو بڻجي ويا،
    ڪو خوشين جو سامان نه آ، جيون جي جوت اجهامي وئي،
    ڪنهن دل ۾ ڪو طوفان نه آ.

    هي شهر آ ڪهڙو شهر جتي؟ ٿا سور ملن سچ وارن کي،
    جت مان ملن ٿا ڪوڙن کي، بدماشن بدڪردارن کي،
    ۽ ڪاٺ ڪڙا زنجير ملن، هن ديس سندي دلدارن کي.
    هي شهر آ ڪهڙو شهر جتي؟ ڪنهن دل ۾ ڪو احساس نه آ،
    هر ماڻهو پيار کان پالهو آ، ڪنهن کي به وفا جو پاس نه آ،
    هن شهر جي زهري آبهوا، ڪنهن اهلِ وفا کي راس نه آ.
    هي شهر آ ڪهڙو شهر جتي؟ ڪيڏي نه فضا م ٻوسٽ آ،
    دم گهتجي ٿو فرزانن جو، ڪنهن جي ته وفا جو قدر ٿئي،
    ڪو داد ٿئي ديوانن جو، ڪا جوت جلي ڪا لاٽ ٻري،
    ڪو خون ٿئي پروانن جو.

    هي شهر آ ڪهڙوشهر جتي؟ هي شهر ته يارو پنهنجو آ،
    هن شهر ۾ گڏجي جيئڻو آ، هن شهر ۾ گڏجي مرڻو آ،
    هن بادخزان کي ختم ڪري، هت جشن بهاران ڪرڻو آ،
    ڪا سورٺ اخر سڙڻي آ، ڪو راءُ ته آخر مرڻو آ.

    هي شهر آ ڪهڙوشهر جتي؟ هن شهر جي شان بچائڻ لئه،
    ڪي سورهه سگهه ڀي ساريندا، ۽ خون پگهر پنهنجو هن تي،
    ڪي هوشو نيٺ ته هاريندا، جند جان ڪري قربان سڀئي،
    ڪو ٻارڻ نيٺ ته ٻاريندا، ڪي دولهه دل ڀي ڌاريندا،
    هن شهر جي سينڌ سنواريندا!
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو