محمد خان سيال
سينيئر رڪن
بلوچستان جي شهر تربت ۾ بيگناهه سنڌي پورهيتن جي قاتلن جي کُليو کلايو پٺڀرائي ڪري، ڪجھه سنڌي قومپرستن پنهنجي پير تي پاڻ ئي ڪهاڙو هنيو آهي ـ اها تلخ سچائي آهي ته ائين ڪري هنن پنهنجي منهن تي، پاڻ ئي دانگي ملي ڇڏي آهي ۽ هاڻ پنجاب جي عام زيادتين جي باري ۾ سنڌين کي بي وقتائتو جذباتي بڻائي، بيگناهه سنڌي پورهيتن جو خون نه رڳو لوڙهڻ چاهين ٿا پر بلوچن جي انهيءَ ويڙهاڪ گروپ کي بچائڻ لاءِ هٿ پير به هڻي رهيا آهن جنهن بي گناهه سنڌي پورهيتن جي قتل جي پاڻ ذميداري قبول ڪئي آهي ـ
سوال آهي ته جيڪڏهن بلوچن جي هڪ ويڙهاڪ گروپ ابيگناهه سنڌي پورهيتن جي ذميداري، رضا خوشيءَ سان پاڻ قبول ڪئي آهي ۽ ڪجھه ڏينهن گذرڻ جي باوجود به انهن اهڙي ترديد ڪونه ڪئي آهي ته پوءِ آخر ڇو ڪجھه سنڌي قومپرست، سنڌي پورهيتن جي قاتلن کي بي ڏوهي ۽ معصوم ثابت ڪرڻ لاءِ وهَلُور پيا وڃن ۽ سندن ننڊون حرام ٿي پيون آهن ۽ اهو به ته انهن جا ڪهڙا خودغرضيءَ وارا مفاد ان جي پويان لڪل آهن، سو کيرٿر جيڏو وڏو سوال آهي؟ شايد اهي ڪجھه ڏيهي ۽ پرڏيهي قوتن جا ڇاڙتا آهن ۽ انهن کي خوش ڪرڻ لاءِ هڪ ٽنگ تي لاڳيتو نچي رهيا آهن ـ
بي گناهه سنڌي پورهيتن جو خون لوڙهڻ لاءِ هاڻ اهي پنجاب جي زيادتين جو بار بار ورد ڪري۽ سنڌي ـ بلوچ اتحاد برقرار رکڻ جي آڙ ۾، اصل قاتلن ڏانهن سنڌين جو ڌيان هٽائڻ چاهين ٿا ـ ڪنهن سچ چيو آهي: ڏاچي هڻي ڏهه ته توڏو هڻي تيرنهن ـ