محمد خان سيال
سينيئر رڪن
بي گناهه سنڌي پورهيتن جي بلوچستان ۾ ٽارگيٽ بڻائي قتل ڪرڻ کي، ڪي سنڌي قومپرست جائز قرار ڏيڻ لاءِ عجيب تماشو ڪري رهيا آهن ـ
هڪ اهڙي ئي سنڌي قومپرست لکيو آهي: ڇا تربت ۾ مزدور کٽي ويا هيا يا اتان جا ماڻهو ايترا امير ٿي ويا آهن جو مزدوري لا۽ ٿر ۽ سنڌ جي ٻين علائقن مان ماڻهو گهرايا ٿا وڃن...؟ مونکي انهيءَ سنڌي قومپرست جي ذهني طور صحتمند هجڻ تي شڪ آهي ـ ماڻهو پورهيو ڪرڻ لاءِ ملڪ کان ٻاهر وڃي سگھي ٿو پر بلوچستان ڇو نه ٿو وڃي سگھي، سو ڇو؟
ٿر ۽ تلھارجا پورهيت، بلوچستان ۾ شاهراھه ۽ پل تي ٿيندڙ اڏاوتي ڪم لاءِ پورهيو ڪرڻ واسطي اهڙي ريت ويل هئا جيئن انڊس ڊيلٽا جي تباهيءَ سبب، لکين سنڌي مهاڻا ٻارن ٻچن سميت پنجاب جي ڍنڍن تي لڏي ويا آهن ۽ اتي پورهيو ڪن ٿا ـ اتي به اهو سوال پڇي سگھجي ٿو ته ڇا پنجاب جي ڍنڍن تي پنجابي مهاڻا کٽي ويا آهن جو سنڌين کي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي؟
عام پورهيت کي اها خبر ناهي ته ڪهڙي اڏاوتي ڪمپني ڪنهن جي انتظام هيٺ ڪم ڪري ٿي ۽ نه ئي ڪنهن پورهيت کي اهڙي سوال پڇڻ جي عام طور ضرورت پوندي آهي ـ سنڌي ۽ سرائيڪي پورهيتن کي شناختي ڪارڊ چيڪ ڪري شهيد ڪيو ويو پر چون ٿا ته ليوي جي ڊيوٽي ڏيندڙ بروهين کي سر جيئدان ڏنو ويو، سو ڇو؟
افسوس آهي ته ڪي هٿ ٺوڪيا سنڌي قومپرست، بيگناهه سنڌي پورهيتن جي قتل کي جائز ڪوٺڻ لاءِ: ڏاچي هڻي ڏهه ته توڏو هڻي تيرهن، واري ڪار ڪري رهيا آهن ـ
مان اهڙن ڪوڙن قومپرستن کان پڇان ٿو جيڪي بلوچستان کان سنڌ ۾ آيل ماڻهو، اڏاوتي ڪمپني جھڙوڪ: فرنٽيئر ڪور يا ڪنهن ٻئي اهڙي اداري ۾ ڪم ڪندي ڏٺا وڃن ته انهن سان به ڇا اهڙو حشر ڪرڻ گھرجي؟