محمد خان سيال
سينيئر رڪن
اسان سمجھيو هو ته بلوچ دهشتگردن جي هٿان بي گناهه سنڌي پورهيتن جي قتلام تي، اهڙا ڪجھه سنڌي قومپرست جيڪي پاڻ کي سنڌ جا ٺيڪيدارسڏائيندا وتن، تن جي گھٽ ۾ گھٽ غيرت ضرور جاڳندي ۽ اهي انهن بلوچ دهشتگردن کي ننديندا جن بلوچستان جي شهر تُربت ۾ پورهيو ڪندڙ بيگناهه پورهيتن کي رڳو انهيءَ ڪري قتل ڪيو جو اهي سنڌي ۽ سرائيڪي هئا ۽ ويچارا مسڪين پيٽ جي باهه اُجهائڻ لاءِ روزگار سانگي تربت ويا هئا نه ته ڪو مسڪين پنهنجا گھر ۽ ٻارٻچا ائين سولائي سان ڇڏيندو آهي ڇا؟ ائين ڪرڻ لاءِ سنڌين توڙي سرائيڪين جي شناختي ڪارڊن ذريعي اڳواٽ سڃاڻپ ڪئي وئي ۽ پوءِ کين گولين جو کاڄ بڻايو ويو ـ مٿان وري بلوچستان لبريشن فرنٽ (بي ايل ايف) اها ذميداري قبول ڪئي آهي ـ
پر افسوس ڪجھه سنڌي قومپرستن جي ذهنيت تي ٿئي ٿو جن بي گناهه سنڌي ۽ ٻين پورهيتن جي قتل کي جائز ڪوٺڻ لاءِ، عجيب دليل گھڙڻ شروع ڪيا آهن جن کي ڪوبه عقل وارو انسان ڪونه مڃيندو ـ ڪاڏي وئي سندن قومي غيرت؟ ڪاڏي وئي سندن سنڌي قوم پرستي؟
هونئن به بيگناهه سنڌي ۽ سرائيڪي يا کڻي پنجابي پورهيتن کي مارڻ ڪٿان جي سورهيائي آهي؟ وڙهڻو اٿن ته ’مانگر مڇن‘ سان سڌي ويڙهه ڪن، ننڍڙن جيتن کي ماري پاڻ کي سورهيه سڏائيندڙ توڙي انهن جي حامين جي ذهنيت تي افسوس ٿئي ٿو ـ اهڙي ظالماڻي ڪارروائيءَ جي سڌي يا اڻ سڌي ريت حمايت ڪندڙ سنڌي قوم پرستن کي شرم اچڻ گھرجي ۽ کين ياد رکڻ گھرجي ته سندن اهڙين حرڪتن سبب هنن اڳ به پنهنجي پت وڃائي آهي ۽ رهيل سهيل پت هاڻ وڃائي ڇڏي اٿئون ۽ اها ڳالهه کين هاڻ ته سمجھه ۾ اچڻ گھرجي ـ
هاڻ رڳو هڪ مثال وٺون ٿا ته جيڪڏهن بيگناهه سنڌي پورهيتن کي بلوچستان ۾ سنڌي هئڻ جي ڏوهه ۾ قتل ڪيو وڃي ٿو ته پوءِ بلوچستان کان سنڌ ۾ روزگار لاءِ ايندڙ بلوچن جو آخر ڪهڙو جواز موجود آهي ۽ ڇا انهن جو به اهڙو حشر ٿيڻ گھرجي جحڙو سنڌي پورهيتن جو ڪيو ويو آهي؟ اها ڳالهه اهڙا سنڌي قومپرست اسان کي ضرور ٻڌائين؟ جيتوڻيڪ مان ڪنهن بي گناهه انسان کي مارڻ جو هر حال ۾ سخت مخالف رهيو آهيان، پوءِ هو ڪهڙي به رنگ، نسل، فرقي ۽ مذهب جو ڇو نه هجي يا ڪهڙي به ٻولي ڳالهائيندڙ ڇو نه هجي؟ ۽ منهنجو مقصد ڪنهن به هڪ ٻولي ڳالهائيندڙن کي، ٻي ٻولي خلاف ڀڙڪائڻ به هرگز ناهي ـ
ڪجھه هٿ ٺوڪين سنڌي قومپرستن اچرج ۾ وجھندڙ موقف اختيارڪيو آهي ته بلوچستان ۾ پل تي ڪم ڪندڙ اهي سنڌي پورهيت، فرنٽيئر ورڪس اداري جي رٿا تي ڪم ڪري رهيا هئا تڏهن کين قتل ڪيو ويو آهي پر جيڪڏهن ائين به هجي ته به سندس قتل جائز ڪونه ٿو ٿئي ـ مسڪين پورهيتن کي ته پيٽ قوت لاءِ مزدوري گھرجي، انهن جو سياست سان ڀلا ڪهڙو واسطو؟ هاڻ دبئيءَ ۾ رهندڙ بلوچ دهشتگردن جي مکيه حامي هڪ سنڌي قومي پرست وري نئين بولاٽي کاڌي آهي، فرمائي ٿو ته اهي پورهيت هڪ پنجابي حليم عادل شيخ جيڪوڪراچيءَ ۾ رهي ٿو، تنهنجي ورتل ٺيڪي تي تربت ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ويل هئا پر ٿرين جو چوڻ آهي ته پنجن ٿرين کي هڪ ٺيڪيدارعطاءِالله بلوچ تربت وٺي ويو هو ـ
ياد رهي ته سندن، مرحوم سنڌي قومپرست ليڊر جي باري ۾ به اها ڳالهه مشهور هئي ته هو صحيح وقت تي غلط ڳالهه ۽ غلط وقت تي صحيح ڳالهه ڪندو هو تنهن ڪري، شايد نيت صاف هئڻ جي باوجود به، هو سنڌين کي عملي طرح ڪو خاص فائدو ڪونه پهچائي سگھيو هو پر اٽلندو ائين ڪريَ هن سنڌين کي گھڻو نقصان پهچايو هو۽ ساڳي ڳالهه هاڻ وري ڪجھه سنڌي قوم پرستن، بلوچ دهشتگردن هٿان بي گناهه سنڌي پورهيتن جي قتل کي جائز ڪوٺيَ، دهرائي آهي