عبدالحفيظ پيرزادو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏2 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    پاڪستان جي اڳوڻي تعليم ۽ قانون واري وزير عبدالحفيظ پيرزادو جو واسطو سکر جي برک گهراڻي سان آهي . سندس والد عبدالستار پيرزادو سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير رهي چڪو آهي. حفيظ پيرزادي پنهنجي سياسي زندگي جي شروعات پاڪستان پيپلز پارٽي کان ڪئي. هي ذوالفقار علي ڀٽو جو تمام ويجهو دوست رهيو آهي. 1970 وارين چونڊن ۾ هوڪراچي مان پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو . انهي دوران شروع ۾ کيس قانون جو وفاقي وزير بڻايو ويو.بعد ۾ تعليم جو شعبو سندس حوالي ڪيو ويو . 1793ع جو آئين ٺاهڻ ۾ سندس وڏو ڪردار رهيو. جڏهن 1977ع ۾ پيپلز پارٽي جي تڏهوڪي سرڪار خلاف مولوين ۽ واپارين تحريڪ هلائي هئي ۽ چونڊن ۾ ڌنڌالي جا الزام لڳايا ويا هئا، تڏهن ڀٽي صاحب مخالف ڌر جي اڳواڻن سان ڳالهين لاءِ هڪ ٽه رڪني ڪميٽي جوڙي هئي، جنهن جو ميمبر عبدالحفيظ پيرزادو پڻ هو. جنرل ضياءُالحق جي مارشل لا لڳائڻ جي نتيجي ۾ پيپلز پارٽي جي پهرين حڪومت جو خاتمو آيو ۽ ڀٽي صاحب کي گرفتار ڪيو ويو . ان وقت حفيظ پيرزادو پيپلز پارٽي جي اڳواڻن مان هڪ هو. ڀٽي جي ڦاسي جي سزا کان پوءِ سندس بيگم نصرت ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو سان سياسي اختلاف ٿيا. جنهن کان پوءِ ان ڪجهه عرصو برطانيا ۾ جلاوطني جي زندگي گذاري جتي هن ممتاز علي ڀٽي سان گڏجي سنڌي، بلوچ ۽ پختون فرنٽ جو بنياد وڌو. 1980ع جي آخر ۾ هو پاڪستان واپس موٽي آيو ۽ ڪجهه عرصي کانپوءِ هن عملي سياست کان علحيدگي اختيار ڪئي. اڄ ڪالهه هو پنهنجو وقت وڪالت جي شعبي کي ڏئي رهيو آهي ۽ سندس نالو پاڪستان جي مشهور ۽ ناليواري قانوندان جي حيثيت ۾ ورتو وڃي ٿو.

    سليم گل چنا، ڪراچي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو