عابده پروين 1957ع ڌاري لاڙڪاڻي شهر جي محلي علي گوهر آباد ۾ استاد غلام حيدر خان جي گهر ۾ جنم ورتو.سندس والد موسيقيءَ جو وڏو شوقين هو.عابده کي شروعاتي راڳ جون رمزون والد سمجهايون.والد کان بعد هن لاڙڪاڻي ۾ استاد ميهر علي خان کان موسيقيءَ جي سکيا ورتي.هن استاد سلامت علي خان ۽ استاد محمد جمن کي پنهنجو استاد ڪري مڃيو آهي.هن استاد محمد ابراهيم ۽استاد منظور علي خان کان متاثر ٿي سندن انداز مان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو. 1970ع ۾ سندس خاندان لاڙڪاڻي مان لڏي مٽياري ۾ رهائش اختيار ڪئي.کيس ريڊيو تي آڻڻ وارو دين محمد زمان مٽياري هو.سڀ کان پهرين 1972 ع ۾ هن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پروگرام ” شوقيه ڳائيندڙن “ ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.کيس فن کي نکارڻ ۽ سنوارڻ ۾ شيخ غلام حسين وڏي محنت ڪئي ۽ هن هڪ سال اندر تمام گهڻي مقبوليت حاصل ڪري ورتي. 1979ع ۾ کيس پي ٽي وي تي ممتاز مرزا پروگرام ”سنڌ سينگار“ ۾ متعارف ڪرايو.اردو پروگرامن ڏانهن سندس دلچسپي سلطانه صديقيءَ پيدا ڪئي.هن اردي جي پهرين پروگرام ”سُر سنگم“ ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري پوري ملڪ ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪيو.ٽي وي سندس ڳايل گيت ”گهوم چرکڙا سائيان دا“ جي مشهوري کانپوءِ سندس آواز جي ڌاڪ مچڻ لڳي.سندس ڳايل اردو غزل ” جب سي تو ني مجهي ديوانا بنا رکا هي“ ملڪ جي سنجيده حلقن جي دلين ۾ گهر پيدا ڪري ڇڏيو. هن شاهه عبدللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام کي صحيح پڙهڻ لاءِ رات ڏينهن سخت محنت ڪئي. هن مارشل لا دوران ڀٽائي ۽ سنڌ جي ٻين قومي شاعرن جي مزاحمتي شاعري ڳائي سنڌ واسين کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي. 1981ع ۾ هن لڳاتار ٽن ڪلاڪن تائين ڀٽائيءَ جي شاعري ڳائي رڪارڊ قائم ڪيو. هوءَ ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪي آهي ۽ کيس ڪيترائي ايوارڊ مليا آهن.سندس تعليم بي.اي تائين آهي.1975 ع ۾ هن حيدرآباد جي سينيئر پروڊيوسر غلام حسين شيخ سان شادي ڪئي، جنهن 1994 ع ۾ وفات ڪئي. کيس اولاد ۾ هڪ پٽ سارنگ ۽ ٻه ڌيئرون سليما ۽ پرهه آهن. سليم گل چنا، ڪراچي