هن بعد، شاهه عبداللطيف بلڙيءَ آيو؛ ۽ ٿورن ڏينهن ۾ قبو اڏارائي راس ڪيائين. هڪڙيءَ سر تي ”لطيف“ اُڪرائي. اها دروازي جي ڀرسان هڻائي ڇڏيائين. تن ڏينهين بلڙيءَ جي گاديءَ تي مخدوم عبدالواسه ويٺل هو؛ سو جڏهن قبو ڏسڻ آيو، تڏهن اها سر ڏسي چوڻ لڳو ته ”واه! عبداللطيف ڀانئين ته هنگ اديءَ جو به مان وارث ٿيان.“ ائين چئي اها سر يڪدم ڪڍرائي ڦٽي ڪيائين؛ ۽ اُن جي جاءِ تي هڪ ٻي لسي سر هڻائي ڇڏيائين. محمد صلاح، جو مخدوم عبدالواسع جي عزيزن مان هو، مگر شاه جو گهڻگهرو هو، تنهن اها سر کڻي وڃي شاه کي ساري حقيقت ٻڌائي. شاه کي ڏاڍو تعجب لڳو، ۽ چيائين ته ”لطيف“ الله تعاليٰ جي اسمن مان هڪڙو آهي، جنهن جو آءٌ پڻ هڪ ٻانهو آهيان.“ هڪ دفعي ميان نور محمد ڪلهوڙي شاه عبدالطيف جي ملاقات جو شوق ظاهر ڪيو؛ ۽ کيس دعوت چوائي موڪليائين. شاه دعوت قبول ڪئي ۽ مقرر ٿيل ڏينهن تي وٽس ويو. جڏهن مهماني کائڻ کان پوءِ، شاه رخصت وٺڻ لڳو، تڏهن ميان نور محمد کيس هڪ سونن سنجن سان سينگاريل گهوڙي، تحفي طور ڏني. اها گهوڙي ڏاڍي سرڪش هئي؛ ۽ ڪنهن کي به هٿ لائڻ نه ڏيندي هئي. جيڪو اوڏوا يندو هوس، تنهن کي چڪ ۽ لتون هڻندي هئي. ميان نور محمد جي اها نيت هئي، ته شاه عبداللطيف سان پڻ اهڙي هلت ٿئي. شاه نڪا ڪئي هم نڪتا تم، ٽپ ڏيئي گهوڙيءَ تي چڙهي ويٺو ۽ لغام پڻ اڇلائي ڦٽو ڪيائين. گهوڙيءَ وٺي کيس کنيو، ۽ کن ۾ نظر کان غائب ٿي ويئي. ڪيترا ماڻهو پٺيان ڊوڙيا، مگر پهچي نه سگهيا. آخر هڪ ساعت پٺاڻان، شاه گهوڙيءَ کي ڪڏائيندو اچي نڪتو، ۽ آڻي نور محمد جي اڳيان بيهاريائينس. نور محمد جڏهن هيءُ حال ڏٺو، تڏهن ڏاڍو پشيمان ٿيو، ۽ شاه سان پنهنجي نيت باسي، معافي گهريائين؛ ۽ پڇيائين ته ”لغام ڪهڙي سبب کان لاهي ڇڏيو؟ شاه وراڻي ڏنيس ته ”اي مورک! جنهن صورت ۾ منهنجي حياتيءَ جي واڳ ئي ڌنيءَ جي وس آهي، تنهن صورت ۾ هن وهٽ جي واڳ، پنهنجي هٿ ۾ جهلڻ مناسب نه ڄاتم؛ اها به ڌڻيءَ کي ئي سپرد ڪيم.“” انهيءَ واقعي کان پوءِ، ميان نور محمد ڪلهوڙي جو شاه ۾ وڏو ويساه ٿيو، ۽ دشمن مان ڦري دوست ٿي پيو. چون ٿا ته سندس پٽ ميان غلما شاهه ڪلهوڙو، شاه جي دعا سان ڄائو هو. شاه عبداللطيف جهڙي ايڪانت پسند آدميءَ کي ڪوٽڙيءَ ۾ به آرام نه آيو؛ ۽ ستتئي اتان لڏي وڃن جي سٽ سٽيائين، پنهنجي سيرن جي دوران ۾ هڪ خلوت گاه اڳيئي چتائي ڇڏي هئائين، جا اگرچه ظاهر ۾ هڪڙو سيهرو هو، مگر شاه جي نوراني نظر ۾ هڪ نور جو ٽڪر هئي. هُن جي آسپاس واريءَ جا دڙا، کٻڙن جون ويڙهيون، ۽ ڪرڙن ۽ ڪنڊن جا جهڳٽا هئا. ڀرسان ڪراڙ نالي ڍنڍ ۽ ٻيا ننڍا پاڻي:ءَ جا دٻا ۽ دُبيون هيون. انيهءَ مڪان کي سڏيندا ئي ”ڀٽ“ ڪري هئا، يعني واريءَ جو دڙو. شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو ۽ مخدوم نوح هالن وارو، ٻئي همعصر اولياءَ، پاڻ ۾ نهايت گهرا سنگتي هوندا هئا، ۽ هڪ ٻئي وٽ گاهه گاه ملاقات لاءِ ويندا هئا. چون ٿا ته هڪ لڱا شاه عبدالڪريم، مخدوم صاحب جي چارچشميءَ لاءِ ٿي ويو. واٽ تي ڀٽ وٽان لنگهڻو پيس. اتي پنهنجن فقيرن کي اشارو ڪيائين ته ”ساڱري واه جي ڪپ تي منزل ڪبي؛ تنهن ڪري اتان ٿورو جهنگ ڪپي. زمين هموار ڪريو.“ فقيرن ائين ڪيو. پوءِ سڀني مريدن ث۽ معتقدن کي سڏي، اتي باجماعت نماز پڙهيائين. نماز ادا ڪري فرمايائين ته ”منهنجي اولاد مان هڪ الله لوڪ پيدا ٿيندو، جنهن جو هن هنڌ آستان ٿيندو، ۽ جو پڻ هڪ زبردست شاعر ٿيندو.“ اهو ويرانو، جنهن بنسبت شاه عبدالڪريم پيشنگوئي ڪئي هئي، ۽ جو هاڻ ”شاه جي ڀٽ“ جي نالي سان پڌرو آهي، سو نون هالن کان ٻن ڪوهن جي مفاصلي تي آهي. اتي شاه عبداللطيف لڏي اچڻ کان اڳيئي، پنهنجن فقيرن سميت ڪجهه وقت ايڪانت ۽ عبادت ۾ گذاريندو هو، فقيراڻي گذر لاءِ ڪنهن وڏي ڏيک ويک جو ضرور ڪونه هو،. پهريائين، پري کان چيڪي مٽي آڻي واريءَ مٿان وجهايارايائين ته ڀل ته زمين ڄمي. ڪم گهڻو ۽ ڪشالي ڀريو هو، مگر همت سان حل ٿي ويو. شاه پنهنجي سر به هن ڪم ۾ چڱو بهرو ورتو. آخر هڪڙو جهوپڙو پنهنجي لاءِ، هڪ حويلي پنهنجي والدين لاءِ، ۽ هڪ ننڍڙي مسجد پنهنجي جماعت لاءِ اڏارايائين، پنهنجي فقيرن کي پڻ ليڪاڪ ڍي پٽ وراهي ڏنائين؛ جن پڻ پنهنجي رهڻ لاءِ جهوپڙيون جوڙيون. شاه عبدالطيف اڃا ڀٽ تي ڪم ۾ مشغول هو، ته لاوچتو هڪ قاصد اچي کيس خبر پهچائي ته سندس پيءُ سخت بيمار آهي، ۽ سندس چڙهڻ جو ڪو امڪان نه آهي؛ ۽ چيائينس ته ”هلي سندس آخرين ملاقات ڪريو.“ چون ٿا ته شاه حبيب، قاصد جي هٿان هڪ ساڻس چيل بيت به نياپي طور ڏياري موڪليس، جو هيءُ آهي: ڪه جه نيه ننڌاه، جي مون واجهائندي نه ورو جيڪين مئي ڪنداه، سو جانب ڪرهو جيري. شاهه عبداللطيف، قاصد کي چيو ته ”آءٌ اجهو ڪي آيس“، ۽ هيءُ بيت سندس هٿان روانو ڪيائين: متان ٿين ملور، ڪين آڳاهون آهيان ڏسڻ ۾ ڪر ڏور، حد ٻنهي جي هيڪڙي. شاه حبيب جي دل کي، پٽ جي پيغام ملڻ شرط آٿت اچي ويو؛ مگر هن جي اچڻ کان اڳ ۾ ئي سندس روح وڃي پنهنجي حبيب سان واصل ٿيو ”الموت جسرءُ يوصل الحبيب اليٰ لقاءِ الحبيب.“ انهن عربي لفظن ۾ محمد صادق نقشبنديءَ، شاهه حبيب جيد وفات جي تاريخ ڏني آهي. ابجد جي حساب موجب سنه 1155 هجري مطابق 1742 عيسوي نڪري ٿو. شاه حبيب کي ڀٽ تي دفن ڪيائون ۽ سندس تربت، شاهه عبدالطيف جي قبي کان اتر طرف، اٺن نون وکن جي مفاصلي تي آهي. شاهه عبداللطيف کي پنهنجي پيءُ جي وفات ڪري نهايت صدمو پهتو، ۽ ڪيترا ڏينهن ماتم ۾ گذاريائين، هينئر ته آقي باقي ڪوٽڙيءَ مان دل کٽي ٿي پيس. سگهوئي سڄي اٽالي سميت اچي ڀٽ وسايائين؛ ۽ دنيا جي ڪوڙي جنسار کي ترڪ ڏيئي، قناعت جي ڪنڊ اختيار ڪيائين. هاڻ سندس نالي جي هاڪ، هر هنڌ پوڻ لڳي. ڪٿان ڪٿان جا ماڻهو، ڀٽ تي سندس زيارت لاءِ اچڻ لڳا. ڪيترائي استاد راڳيندڙ گويا، هندستان جي جدا جدا ڀاڱن مان پڻ اچي نڪتا. چون ٿا ته اٽل ۽ چنچل نالي، دهليءَ جا ٻه مشهور راڳيندڙ به اچي سندس خدمت ۾ حاضر ٿيا. سارو ڏينهن سرود ۽ سماع لڳو پيو هوندو هو؛ ۽ شاه پاڻ به پنهنجا ٺاهيل بيت ۽ ڪافيون ڳائيندو هو. سندس مريدن جو عدد پڻ هينئر وڌڻ لڳو. انهن مان تمر فقير سندس خاص خليفو هو، جنهن جو اولاد اڄت ائين سندس درگاه جو مجاور آهي. ٻيو هڪڙو فقير هو، جنهن کي ورو يا وڳنڌ ڪري سڏيندا هئا. ان سان پڻ شاه جي خاطر هئي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ساڻس چرچو گهٻو ڪري، پنهنجي دل وندرائيندو هو. محمود شاه به شاه صاحب جي خاص مريدن مان هڪڙو هو. چون ٿا ته هيءُ شخص اصل ۾ هڪ خاندان گهراڻي مان هو ۽ گهڻي مال ملڪيت وارو هو، مگلر جڏهن شاه سان ڏيٺ ٿيس، تڏهن سڀ ڪجهه ترڪ ڪري، فقط هڪ پاڻيءَ جو ڪوزو کني اچي سندس مريد ٿيو. شاه عبداللطيف کي هن شخص لاءِ ايڏي عزت هوندي هئي، جو وصيلت ڪئي هئائين ته ”منهنجي تربت هن جي پيرانديءَ کان ڪجو.“ شاه عنات، جاني ڏيري، ڀٽ جي آسپاس رهندڙ هڪ زميندار جو پٽ هو، ننڍيئي هوندي کان اچي شاه عبداللطيفج و مريد ٿيو هو. هو چڱو شاعر هو ۽ شاه کي سندس ڪلام مان گهڻو رس ۽ مزو ايندو هو. ميون هاشم علوي ريحان پوٽو به سندس مقرب مريدن ۽ راڳيندڙن مان هڪڙو هو؛ ۽ لکپڙهه جو ڪم به سندس ذمي هو. شاه جي هڪ ٻئي مريد سان پڻ گهڻي دل هوندي هئي، جنهن جو نالو بلاول هو؛ ۽ ڪڏهن ڪڏهن شاه سندس ملاقات لاءِ سندس ڳوٺ ڏانهن ويندو هو. مٿين ڄاڻايل مريدن کان سواءِ، بيا به ڪيترائي سندس خاص مريد هوندا هئا، جن تي جدا جدا ڪم رکيل هوندا هئا. شاه عبداللطيف جي حياتي، هاڻي سالن جي جدول تان هٽي، اچي مهنن جي مدي تي بيٺي آهي؛ ۽ قلب ۾ اچي ڪشش ٿي اٿس ته ڪربلا معليٰ جي زيارت ڪريان، سنڀري نڪتو آهي، ۽ اچي ونگ ولاسر ۾ منزل ڪئي اٿس، جتي سندس عزيز رهندا هئا. سيد جمال شاه، سندس ڀائٽيي جي پٽ، سندس گهڻي خاطري ڪئي. شاه به منجهائنس ڏاڍو راضي ٿيو، ۽ کيس اشاري طور چيائين ته کانئس پوءِ پاڻ ئي گاديءَ تي وهڻو آهي. ساڻس گهڻي محبت ڏيکاريائين، ۽ پاڻ سان گڏ ساڳئي هنڌ تي سمهاريائينس؛ ۽ ائين به چيائينس ته ”ابا، پاڻ ٻنهي جي نيٺ هڪڙي هنڌ جاءِ آهي.“ ٻئي ڏينهن اتان روانو ٿيو. واٽ ۾ هڪڙو مريد گڏيس، جو پڻ خدا رسيدو شخص هو. شاه کي ڏسنديئي چيائين ته ”قبلا، هي ڇا؟ ماڻهن کي چوندا وتو ته اوهان جو ڪفن دفن به ڀٽ تي ٿيندو، ۽ هاڻ وري پڇاڙيءَ جي وقت نڪتا آهيو هڪ وڏي سفر تي.“ شاه جي دل ۾ اهي اکر چُڀي ويا. ڳچ تائين ته بيخوديءَ جي حالت ۾ اچي ويو. آخر ارادو رد ڪري موٽي ڀٽ ڏانهن رخ رکيائين. پهچندي شرط، ويس کڻي ڪارو ڍڪيائين، ۽ ڪربلاج ي شهيدن جي ماتم ۾ ”سر ڪيڏارو“ چيائين. چون ٿا ته اهو سندس آخرين ڪلام آهي. پورا ايڪيهه ڏينهن خلونت اندر رهيو. انهي ساري عرصي ۾، ٻن ويلن جيتري ماني مس کاڌائين. جڏهن ٻاهرن ڪتو، تڏهن غسل ڪري، چادري اوڍي، مراقبي ۾ ويهي، پنهنجي رب سان رهاڻ ۾ مشغول ٿيو. فقيرن کي سماع ۽ سرود جو اشارو ڪيائين. ٽي ڏينهن برابر اهو لقاءُ لڳو پيو هو. چوڌاري چپ چپان لڳي پيئي هئي. سڀڪو سماع جي سوز ۽ ساز ۾ محو هو. آخر راڳ بند ٿيو. فقير شاه جي نزديڪ وڃي ڇا ڏسنت ه شيءِ ٺهيئي ڪانه. سندس روحاني ڪبوتر، هن خاڪي پڃري مان الائجي ڪيڏي مهل پرواز ڪري، وڃي عالم ارواح ۾ پهتو. سنه 1165 هجري مطابق سنه 1752 عيسوي جي صفر مهيني جي چوڏهين تاريخ هئي، جڏهن هن ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ جهان مان رحلت ڪئي. نڪا ڪا بيماري ٿيس، نڪو ڪو درد ڏڍائين،مراقبي ۾ ويٺي دم ڏنائين. شاه صاحب جو مبارڪ لاش سندس وصيت موجب، محمود شاه جي پيرانديءَ کان دفن ڪيو ويو. ستتئي سندس تربت مٿان، ميان غلام شاهه ڪلهوڙي پنهنجي خرچ سان هڪ عاليشان قبو اڏايو، جو سنه 1167 هجري مطابق سنه 1754 عيسويءَ ۾، انهن ڏينهن جي نامياري عيدن رفازي، جوڙي راس ڪيو. تالپرن جي راڄ ۾ مير نصير خان، انهي قبي ۽ مسجد جي چڱي مرمت ڪرائي، ۽ سندس ارادو هو ته قبي جي چوڌاري هڪ پڪي ديوار ٻڌائي، مٿس چار گنبذ رکايان؛ ۽ پڻ خيال هوس ته قبي ۾ اندر سونهري ۽ ميناڪاري ڪم ڪرايان، مگر زماني جي گردش ڪري ٽالپرن جي صاحبي جلد ختم ٿي، ۽ ڪم اڌورو ئي رهجي ويو. مير نصير خان جي وڏي ڀاءُ مير نور محمد خان، قبي جي اڳيان ايوان ۾ هڪ وڏو کوه کڻايو ۽ سندس سوٽ مير محمد خان، قبي کي چانديءَ جو دروازو وجهايو، جو اڃا تائين قائم آهي. قبي جي دروازي مٿان ڪيترا فارسي بيت اُڪريل آهن، جن مان شاه جي وفات جي تاريخ نڪري ٿي. انهن مان هڪ محمد پناه رجا ٺٽي واري جو چيل آهي، جو هئن آهي: گفت اين رجام ريد سن ارتحال پير گرديده محو عشق، وجود لطيف مير. مٿئين بيت سان لڳو لڳ وري هڪ ٻيو بيت آهي، جو پڻ محمد پناه رجا جو چيل آهي. زر نعره در فراق، دگر گرده سينه چاک شد محو در مراقبه، جسم لطيف پاک. ازانسواءِ مسجد جي هڪ ديوار تي، جا قبي جي اتر طرف آهي، هيٺيان ٻه بيت نقش ٿيل آهن، جن جا پويان ٻه لفظ ”رضوان حق“ شاعر جي وفات جي تاريخ ڏين ٿا: شاه صاحب، ذوالمناقب، سيدي عبداللطيف آنکه قطب وقت خود بودست در مردان حق چون ز جام اارجعي مخمور نوش وصل شد گفت ملهم غيب سال رحلتش رضوان حق. * شاه جي صورت ۽ سيرت شڪل شبيھ – پوشاڪ – خوراڪ ۽ آرام – بي طمعي – رحمدلي- رياضت – نئڙت – پاڪدامني – گاني جو شوق. شاهه عبداللطيف جي سچي تصوير ڪٿان ملي نٿي سگهي. ڪن ڪن رسالن ۾ هڪڙي تصوير ڏسڻ ۾ ايندي آهي، جا دعويٰ ڪئي ويندي آهي ته شاه جي آهي؛ مگر ائين هرگز نه آهي. اها هڪ وهمي تصوير ٿي ڏسجي، جنهن جي شاه جي شڪل شبيهه سان ڪابه مشابهت ڪانهي. چون ٿا ته شاه، نجيتوڻيڪ بلڪل قداور مڙس نه هو. تڏهن به وچولي قد کان البت ڊگهيرو هو. ڪلها موڪرا هئس، ۽ بدن ۾ نڪي ڪي تمام پتلو هو ۽ نڪي ڪي تمام ٿلهو. جسماني طاقت چڱي هيس، ۽ ساري حياتي تندرستل گذاريائين. سندس وار جوانيءَ جي ڏينهن ۾، ڳوڙهي ڪاري رنگ جا هئا، ۽ سندس سونهاري گهاٽي ۽ چاپئين هئي. سندس چمڙي ڪڻڪ رنگ هئي، مگر ٿورو سفيديءَ ڏي مائل. سندس پيشاني ڪشادي هئي، ۽ سندس اکيون وڏيون ۽ ڪاريون هيون، جي مشعلن وانگر پيون ٻرنديون هيون. سندس منهن مڻيادار هو، ۽ پيريءَ ۾ ته آقي باقي منجهائنس هڪ نوراني جمال پيو بکندو هو. سندس اٿڻ وهڻ، هلت چلت، ڳالهائڻ ٻولهائڻ نهايت فضيلت وارو هو. نهايت خليق ۽ حليم هو. ڪڏهين ڪڏهين کل چرچو به ڪندو هو، خاص ڪري پنهنجي هڪڙي فقير وڳنڌ نالي سان، جئن فصل پهرئين ۾ ڄاڻايو ويو آهي. هن تي ڪي ظريفانا بيت به چيا اٿس، جي ”سر بلوال“ جي پڇاڙيءَ ۾ ڏنل آهن. پر اڪثر ڪري گنڀيرتا ۾ گذاريندو هو، جرات ۽ حشمت وارو ته هڪڙو ئي هو، جنهن ڪري سڀيئي سندس ادب ڪنداه ئا. ڏيک ويک سان ته پوندي ڪين هيس؛ ۽ نڪو ڪو ٽنڊ ٽوپي ۽ سينڌ سرمي سان واهپو هوندو هوس. اٽلو انهن ڳالهين کان کيس نهايت نفرت ايندي هئي. ”سر آسا“ ۾ چوي ٿو ته: سرمو – سياهيءَ جو، رنن کي رهاءِ ڪانيڪ ارائي جي، مڙس ٿي م پاءِ اکين ۾ اٽڪاءِ،لالائي لالن جي شاه بلڪل سادي پوشاڪ پهريندو هو. اڪثر ڪري هڪ گڀيڙوءَ رتي ڪفني پائينود هو، جا ڪاري سوٽي ڌاڳي سان سبيل هوندي هئي. مٿي ۾ اڇي رنگ جي هڪ لنبي ٽوپي وجهندو هو. جهڙي قلندر پائيندا آهن، ۽ جنهن کي ”تاج“ يا ”ڪلاه“ ڪ ري سڏيندا آهن. ڪلاه جي مٿان ڇهه فوٽ کن ڪاري ڪپڙي جا، ٻٽي ور ڪري ويڙهي ڇڏيندو هو، جُتي پائيندو هو، مگر ڪڏهن پور پوندو هوس ته پيرين اگهاڙو به گهمندو ڦرندو هو. هٿ ۾ هڪ وڏي لٺ کڻندو هو، جنهن جو مٿو جوڳين جي بيراڳڻ جهڙو هوندو هو. کاڌي پيتي لاءِ وٽس هڪ وڏو ڪشتو يا ڪشڪول هوندو هو. اهي سڀيئي شيون، اڃا تائين صحيح سلامت، سندس فقيرن وٽ ڀٽ تي رکيل آهن. سادو کائيندو هو، سادو پهريندو هو؛ ۽ ننڊ به نهايت ٿوري ڪندو هو. ڪنهن اوچي يا سٺي بستري تي هرگز نه سمهندو هو، مگر هڪ پراڻيءَ کٿائينءَ گودڙيءَ تي، چون ٿا ته هڪڙي ڏينهن منجهند جي وقت، آرما ۾ هو ته ٻاهران ڪنهن باڪريءَ اچي هوڪو ڏنو: ”سوئا! پالڪ! چوڪا!“ شاه انهيءَ آواز تي ڇرڪ ماري اٿيو. فقيرن کي عجب لڳو ۽ سبب پڇيائون. فرمايائين ته ”ابا! اوهان باڪريءَ جو هوڪو نه ٻڌو؟ هن چيو ٿي ته ”جيڪو پلڪ ستو سو چڪو.“ انيهءَ کان پوءِ وري ڏينهن ڏٺي جو ننڊ نه ڪيائين؛ ۽ ٻين کي به صلاح ڏيندو هو ته گهڻو سمهڻ چڱو نه آهي. بلڪل لاطمع هو. ڪنهن ۾ به ڪنهن شيءَ جي لالچ نه رکندو هو، نڪي ڪي چاهيندو هو ته ڪنهن جو ٿورو کڻان. ڪنهن جي مهماني مڙي به اڪثر ڪري قبول نه ڪندو هو؛ مگر نجيڪڏهن ڪو گهڻو زور ڪندو هوس حب سان دعوت ڏيندو هوس، ته لاچار ڪنڌ نه ڪڍندو هو. ڳالهه ٿا ڪن ته سندس هڪڙو مريد ڪنهن ڏڳوراهين ڏيهه ۾ رهندو هو؛ ۽ هر سال زيارت لاءِ ايندو هو. پاڻ سان هڪڙو کٿو نذراني طور آڻيندو هو. هڪ دفعي مفلسيءَ سببان کٿي ڳنهڻ جي منجهس سمر ٿي نه هئي، جنهن ڪري انيهءَ سال، حياءَ وچان وڃي نه سگهيو. ٻئي سال اصلوڪي عادت موجب کٿو ساڻ کڻي، شاه جي ملاقات تي ويو. خوش خير عافيت بعد، شاه پڇيس ته ”ابا، پر سال ڇو ڀيرو ڀڳيءِ؟“ تنهن تي هن ويچاري وراڻي ته ڏني ته ”قبلا پر سال تنگدستيءَ سببان کٿو خريد ڪري نه سگهيس؛ ۽ چيم ته هٿين سکڻو وڃڻ نه جڳائي.“ تنهن تي شاه فرمايو ته ”اهو کٿو ئي گهوريو جو دوست کي دوست کان سڪائي.“ شاه بلڪل ٿور گهرجائو شخص هو. زندگيءَ جي ضرورتن پورين ڪرڻ جيڪو خرچ ايندو هو، سو ڪندو هو؛ باقي ٻيا پئسا، غريبن ۽ يتيمن کي ڏيئي ڇڏيندو هو. نه فقط ائين، پر پاڻآ کي تڪليف ۾ وجهي به ٻين جي پرگهور ۽ ادر پورڻا ڪندو هو. رحمدل ۽ ٻاجهارو ته هڪڙو ئي هو. انسان ذات لاءِ نهايت قرب ۽ همدردي هيس، پر گگدام حيوانن سان پڻ پيار هوس. پنهنجي هٿ سان ڪڏهن ڪو جانورنه ماريائين. ننڍپڻ ۾، جڏهن جيڏن سان گزڪمان راند کيڏندوه و، تڏهن به ڪنهن پکيءَ پکڻ کي نه ضربيائين. جهنگ جي سهن لاءِ ته هيڪاري قياس پوندو هوس؛ ۽ ماڻهن کي هدايتڪ ندو هو ته انهن کي نه آزاريو. چون ٿا ته وٽس ٻه ڪتا به هوندا هئا، جن مان هڪڙي کي ”موتي“ ۽ ٻئي کي ”کينهو“ ڪري سڏينداه ئا. انهن جي ماءُ ننڍي هوندي ئي مري ويئي هئي. سندن نڌڻڪي حالت ڏسي، کيس اهڙي ڪهل اچي ويئي، جو پاڻ وٽ آڻي، پنهنجي هٿن سان پاليائين. شاه عبداللطيف، جيترا پنهنجي تن کي تسا ڏنا، جيترا فاقا ۽ رياضتون ڪڍيون، اوتريون ڪنهن ورلي ڪڍيون هونديون، جئن جئن وڌيڪ سختي درپيش ايندي هيس، تئن تئن وڌيڪ وهسندو هو. جڏهن لڏي وڃي ڀٽ وسايائين،ت ڏهن پنهنجي هٿهن سان مزورن وانگي پورهيو ڪيائين. مٿي تي تغاريون ڍويائين، ۽ ٻيا به طرح طرح جا ڪشالا ۽ محنتون، ڄاڻي ٻجهي، خوشيءَ سان سر تي سهايائين. هڪ ڀيري جي ڳالهه ٿا ڪن ته سندس فقيرن شڪايت ڪئي ته ”ڪُت ۽ مڇرن اسان کي اهڙُ تنگ ڪيو آهي، جو ننڊ آرام ئيد حرام آهي.“ تنهن تي فرمايائون ته ”ابا، مڇر ته پاڻ اوهان جا سڄڻ آهن، جو اوهان کي غافل ٿي سمهڻ نٿا ڏين، پاڻ اوهان کي هدايت ٿا ڪن ته سستي ڇڏي سجاڳ ٿيو ۽ اٿي پنهنجي رب ساڻ اوريو.“ نئڙت ۽ نماڻائيءَ جي ته مورت هو. ڪاوڙ ۽ غصي جو ته وٽس نالو به ڪونه هو. ڪنهن جي عيب جوئي يا نڪته چيني نه ڪندو هو. سڀني کي صلاح ڏيندو هو ته تواضع ۽ خاڪساري اختيار ڪريو، جلال الدين رومي وارو متو هوندو هوس: دربهاران کي شود سرسبز سنگ خاک شو تا گل بُرويد رنگ رنگ. چون ٿا ته هڪ لڱا ڪنهن وڻ وٽان اچي لانگهائو ٿيو. اهو وڻ اگرچه نهايت ٺوٺ ٿيو پيو هو. شاه کي اچرج لڳو ۽ مريدن کان پڇيائين ته ”ابا، هن وڻ جي سڪڻ جو سبب ڪهڙو آهي؟“ منجهائن هڪڙي وراڻي ڏني ته ”قبلا هن وڻ کي ڀاڻ بيحد گهڻو ڏنو ويو ٿو ڏسجي.“ تڏهن شاه فرمايو ته ”ادا آهي به ائين. ڀاڻ[1] اهڙي چيز آهي جو ساون کي به سڪايو ڇڏي.“ شاه نهايت پاڪدامن ۽ پرهيزگار شخص هو. پنهنجي نفس ۽ شهوتن کي ماري مطيع ڪيو هئائين، پوح جوانيءَ جي وقت ۾ به ڪڏهين اُبتو پير نه کنيائين. مجازي عشق به ماڻيائين،م گر ثابت قدم رهيو. اڄوڪي زماني جي نوخيز پيرن فقيرن جئن انڌي عشق جو غلام نه هو، جو در حقيقت شهوت پرستي آهي. ڪاڪ نه جهليا ڪاپڙي موهيا ڪه نه مال جي ڇورن ڏنا ڇال، ته به لاهوتي لنگهي ويا. زال ذات سانگ هڻي ڪانه پوندي هيس. سندس زال ئي سندس لاءِ ڪافي هئي، جنهن سان نهايت سنٻنڌ هوندو هوس. اولاد جي ڪابه پرواه يا ڳڻتي ڪانه هوندي هيس؛ سٿئي ته ڇا، نه ٿئي ته ڇا. اگرچهج پاڻ شادي ڪئي هئائين، ته به ڇڙائيءَ جي تعريف ڪندو هو. چوندو هو ته ”موليٰ جي طالب کي جريدو رهڻ ضرور آهي، نه ته جئن مک ماکيءَ ۾ ڦاسي پوندي آهي، تئن هو به دنيا جي عيش عشرت ۾ اجڙجي ويندو، ۽ پوءِ جند ڇڏائڻ مشڪل ٿينديس.“ سندس تڙ ڏاڏي شاه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جا، پڻ پرڻي بنسبت اهڙائي خيال هئا. راڳ ته شاه جي جان جو جياپو هو؛ ۽ ساه به سماع ۾ ڏنائين. چوندو هو ته ”منهنجي دل ۾ الاهي محبت جو هڪ وڻ آهي، جو راڳ بنا سڪيو ٿو وڃي.“ ڪڏهن ڪڏهن ته ڏينهن جا ڏينهن، سماع ۽ سرود ۾ صرف ٿي ويندا هئس. اهڙي حالت ۾ پنهنجي وجود جو به سماءُ نه رهندو بوس، بعضي ته اکين مان اچانڪ لڙڪ پيا وهندا هئس. جذٻو ايندو هوس ته پاڻ به ڳائڻ ۾ اچي ڇٽڪندو هو؛ ۽ شايد مولانا روميءَ وانگي، انهيءَ وجد ۽ رقص جي حالت ۾ وايون ۽ ڪافيون بي اختيار سندس وات مان نڪرنديون هيون. مجازي عشق واري مضمونل جي راڳن سان ڪين پوندي هيس؛ فقط حقيقي ۽ معرفتي راڳ، ۽ صوفين جي معنوي ڪلام مان فرحت ۽ مزو ايندو هوس. نڪو ڪو فاحش عورتن جي گاني ۽ ناچ سان پوندي هيس. انيهءَ لاءِ ته کيس بلڪل ڌڪار ۽ نفرت هوندي هئي؛ ۽ سمجهندو هو ته اها شيطان جي ڇنڊيبازي آهي. پنهنجن مريدن ۽ فقيرن کي فهمايش ڪندو هو ته ”فاحش عورتن جي اوڏو ئي نه وڃو، متان ڪنهن مهل سندن شيرين زبانيءَ تي موهت ٿي، عزازيل جي چنبي ۾ ڦاسي، دين ۽ دنيا کان محروم رهو.“ مطلب ته شاه صاحب جي رهڻي توڙي ڪهڻي، هر هڪ آدميءَ لاءِ اعليٰ آدرش ه ئي، منجهس هر وجه جون خوبيون هيون. دنيا به هيس دين به هيس. مه ڏنائين ماڙهين، هيون ڏنائين هوت شاهه جو مذهب شيعو يا سني؟ امن لاءِ قرب ۽ خليفن لاءِ عزت – شريعت جي پيروي – حج جو ارادو – دين آزادگي- عشق جو مذهب روايت آهي ته شاه عبدالطيف پنهنجن ابن ڏاڏن وانگر سني مذهب جو هو؛ مگر ڪن ڳالهين ۾ سندس روش شيعن جهڙي به هئي. آل رسول لاءِ گهڻي محبت ۽ قرب هوندو هوس. پنهنجي ڪلام ۾ حضرت عليءَ ۽ امامن ڏانهن خاص اشارا ڪيا اٿس. ”سر ڪيڏارو“ ته سڄو امامن جي شهادت جي ذاڪر سان ڀريو پيو آهي، جنهن ۾ شهيدن جي سختين ۽ ثابت قدميءَ جي نهايت چٽي ۽ رقت آميز تصوير ڪڍي اٿس. شيعن وانگر محرم جو سارو مهينو ماتم ۾ گذاريندو هو؛ ۽ اهو وقت ڪارا ڪپڙا ڍڪيندو هو. امامن لا:ءِ قرب ۽ درد هوندو هوس، تنهن جو مصداق هيٺئين بيت مان ملي ٿو: حسن مير حسين جو، جن نه هينڙي جار خالق رب جبار، ڪين مرهندو تن کي. جيتوڻيڪ خليفن ڏانهن، رسالي ۾ ڪو اشارو نٿو اچي، سواءِ ٻن ٽن بيتن ۾، جي فقط بمبئي ڇاپ واري نسخي ۾ ڏنل آهن، مگر صريحاََ نامعتبر آهن؛ تڏهن به روايتن مان ٿابت ٿئي ٿو ته شاه کي خليفن لاءِ وڏي عزت هئي، ۽ ڪڏهين به پنهنجي زبان سان نڪته چيني نه ڪيائين، ۽ نڪا ڪا سندن لاءِ ڪنهن به وقت حقارت يا نفرت ظاهر ڪيائين. ائين چوڻ مناسب ٿيندو ته شاه نڪي سني هو، نڪي شيعو، چون ٿا ته هڪ لڱا ڪنهن شخص سوال ڪيس ته ل.شاهه سائين، توهين سني آهيو يا شيعا؟“ وراڻي ڏنائين ته ”ابا، آءٌ ٻنهي جي وچ ۾ آهيان.“ تنهن تي هن چيو ته ”انهن ٻنهي جي وچ ۾ ته ٻيو ڪي ڪين آهي.“ شاه جواب ڏنو ته ”آءٌ آهيان به اهوڪي ڪين.“ انهي هوندي به شاه، اسلام جي سڀني اصولن ۽ فروعن جي پوري طرح پيروي ڪندو هو. پنج ئي نمازون ساري پڙهندو هو. رمضان جا ٽيهئي روزا رکندو هو، ۽ ازانسواءِ ٻيا نفلي روزا به رکندو هو. خدا جو ذڪر ۽ تسبيح هميشه پڙهندو هو ۽ قرآن شريف جو پڻ دائما دور ڪندو هو. هڪ دفعي حج جو ارادو به ڪيو هئائين. واٽ ويندي، هڪ پاڻيءَ جي ڍوري پٽ، وڻ جي ڇانو ۾ ساهي کڻڻ لاءِ ويٺو هو،ت ه ايتري ۾ هڪڙو ٻڪرين جو ڌڻ پاڻي پيڻ لاءِ ڏاڍيءَ سڪ سان ڊوڙندو ايندو ڏٺائين. جڏهنل پاڻي پي رهيون، تڏهن ڍوري کي پٺ ڏيئي، بيهي پاڻيءَ ۾ مٽڻ ۽ ڦولهڙيون لاهڻ لڳيون. شاه کي نهايتع برت لڳي ۽ چيائين: ڏوريان ڏوريان م لهان، سال م ملان هوت جي اندر جا لوچ، مڇڻ ملڻ سين ماٺي ٿئي. ائين چئي، اڳتي هلڻ جي سڏ ڦٽي ڪري، پوئتي موٽيو. اگرچه شاه شريعت جو پورو پائبند هو، تڏهن به مذهبي ڳالهين ۾ نهايت آزاد خيال هو؛ ۽ چاهيندو هو ته هر هڪ انسان لاءِ اها آزادگي ضروري آهي، خواه هندو هجي يا مسلمان، خواه يهوديد هجي يا ڪرستان، مگر سڀ ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي مذب جي اصولن جي پوري طرح تعميل ڪرڻ گهرجي. سکڻي ايمان رکڻ کان،ز ياده زور عمل تي ڏيندو هو. مسلمان کي گهرجي ته قول ۽ فعل، ٻنهيل ۾ سچو مسلمان ٿي گذاري، ۽ نه رڳو مؤمن جي نالي تي فخر ڪري. ان پر نه ايمان، جن ڪلمي گو ڪوٺائين دغا تهجي دل ۾، شرڪ ۽ شيطان مھ ۾ مسلمان؛ اندر آذر آهين. اهڙيءَ طرح هندوءَ کي پڻ هندوءَ جي نالي تي، ۽ خالي ڪريا ڪرم تي راضي رهڻ نه گهرجي؛ مگر رهڻي توڙي ڪهڻيءَ ۾، پنهنجي ڌرم جي سچن متن تي پورو هلڻ گهرجي. ۽ اگرچه مؤمن جي نظر ۾ هو ڪافر آهي، تڏهن به پنهنجي ڪفر سان سچو ۽ وفادار هئڻ گهرجيس. ڪوڙو تون ڪفر سين! ڪافر م ڪوٺاءِ هندو هڏ نه آهيين، جڙيو ته نه جڳاءِ تلڪُ تنين کي، سچا جي شرڪُ سين. قرآن شريف ۾ پڻ چيل آهي ”لا اکراه في الدين يعني ”دين ۾ زور زبردستي روا نه آهي“؛ ۽ ٻئي هنڌ فرمايل آهي لکم دينکم وليٰ دين. يعني ”توهان لاءِ توهان جو دين ۽ منهنجي لاءِ منهنجود طين.“ شاه صاحب جو به اهوئي متو هو. موليٰ کي ملڻ جا ڪروڙين طريقا آهن؛ جيترا روح تيترا رستا. گيتا ۾ اهو مطلب هنن لفظن ۾ درج ٿيل آهي: ”جي جهڙيءَ ريت مون کي اوڏو اچن ٿا، تهڙيءَ ريت ئي آءٌ انهن ڏڇانهن وڃان ٿو، منهنجو ئي رستو وٺن ٿا، ماڻهو هر طرف کان، هي پارٿ!“ مولانا روميءَ، مثنويءَ جي ٻئي دفتر ۾ ”حضرت موسيٰ ۽ ريڍار“ جي ڳالهه ۾ ساڳيو مضمون هن طرح ادا ڪيو آهي: هنديان را اصطلاح هند مدح – سنديان را اصطلاح سند مدح مابرون راننگريم و قال را – ما درون را بنگريم و حال را. مطلب ته، جيڪڏهن انسان جي اندر ۾ حق لاءِ حب آهي، ته پوءِ حرڪت نه آهي ته ڪهڙيءَ به ريت، ڪهڙي به نموني، يا ڪهڙي به زبان ۾، يا ڪهڙي به مڪان ۾، خدا جي بندگي ڪري سگهي ٿو. زوريءَ يا زبردستيءَ سان، ڪنهن ماڻهوءَ کي هڪ دين مان برغلائي ٻئي دين تي آڻڻ مان ڪهڙو سود؟ البت، جيڪڏهن ڪو شخص سچي ن يت ۽ يقين سان ڪو دين اختيار ڪري ته روا آهي. چون ٿا ته شاه عبدالطيف، هڪ لڱا مٽارن (مٽيارن) جي جامع مسجد وٽان اچي لانگهاؤ ٿيو، ۽ اندران سندس ڪن تي هُل هنگامي جو پڙلاءُ پيو. اڳتي وڌي ڇا ڏسي ته هڪ واڻئي کي زبردستگيءَ طهر پيا ڪن. واڻئي جي واويلا پئي پيئي. شاه امالڪ اندر گهڙي ويو، ۽ واڻئي کي گهلي ٻاهر ڪڍي، مسلمانن کي مخاطب ٿي چيائينت ه ”ادا، ڪڏهن موچڙن سان به ڪو ماڻهو دين تي آيو آهي؟“ جي رهڻي رهيو نه سپرين،ته ڪهڻيءَ ڪبو ڪوه. شاه جو عقيدو هو ته جي ماڻهو پنهنجي دين يا ڌرم تي قائم رهيو، ۽ پنهنجي نفس تي ضابطو رکيائين،ته ضرور سندس قلب ۾ هڪ نئين قسم جي روهاني جذبو انپن ٿيندو، جو ڪش:ش ڪري کيس پنهنجي حقيقي محبوب جي ديدارجو مشتاق بڻائيندو. انهيءَم نزل تي پهچڻ بعد، دين ۽ مذهب هڪ معمولي ڳاله ٿيو پوي. پرين کي پسڻ جو طريقو علحدو آهي، جنهن جو دين ۽ مذهب سان ڪو واسطو ڪونهي. انهيءَ حالت ۾ صوفيانو ۽ عاشقانو طريقو گهربل آهي؛ پر جيستائين شريعت جي پاڙ پڪي نه هوندي، تيستائين طريقت حاصل ڪرڻ ناشدني آهي، سواءِ خدا جي خاص مهربانيءَ سان، مولانا رومي فرمائي ٿو: ملت عشق از همه دينها جداست عاشقان را مذهب و ملت خداست عاشقن ۽ صوفين جول مذهب علحدو آهي. هو نڪي هندو اهن نڪي مسلمان، نڪي مومن نڪي ڪافر. مسجد ۽ مندر، دير ۽ ديول، صوفيءَ: جي نظر ۾ هڪ آهن. صوفي لاڪوفي آهي، شاه جيتوڻيڪ ظاهري طرح شريعت جي آخر تائين پيدروي ڪندو آيو، تڏهين به سندس سچو مذهب صوفيانو هو. تصوف جي اصولن ۽ عقيدن جو مفصل بيان، فصل چوٿين ۾ ڏنو ويو آهي؛ ۽ پڻ ڇهين فصل ۾ شاه جي صوفياني شعر جي اُپٽار ڪئي ويئي آهي. انهن ٻن فصلن مڪان، اُميد ته شاه جي صوفياني روش جي پوري پوري خبر پئجي سگهندي. جيتوڻيڪ شاه عبدالطيف اهڙيءَ منزل تي رسيل هو، جتي کيس شريعت جي پابنديءَ جي بنهه ضرورت نه هئي، تڏهن به، جنهن صورت ۾ هو ماڻهن جو هادي ۽ مرشد هو، تنهن صورت ۾ پاڻ انهن لاءِ مثال ٿي، سڀيئي ديني فرض بجاءِ آڻيندو هو. هميشه اهو خطرو هوندو هوس ته متان ماڻهو، سندس صوفيانيون رمزون پروڙي نه سگهن، ۽ وڃي گمراهيءَ ۾ پون؛ ۽ ٻنهي جهانن کان وڃن. * شاهه جو شعر۽ شاعري شعر جي زندگي – شاه ۽ ٻيا شاعر – شاه جي بزرگي – جمال ۽ حق جو مشاهدو ۽ حقيقت جي پروڙ – شاعري پيغمبريءَ جو جزو آهي – شاعر جي صنعت: فصاحت، بلاغت، سلاست، جدت ۽ جوش – شاه جن مختلف لياقتون – سندس اوج ۽ زندگي سنڌ ڏيهه ۾ شاعرن جي ڪمي ڪانهي. گهڻن ئي درجن جا شاعر ٿي گذريا آهن، ۽ اڃا تائين به پيا پيدا ٿيندا. جيستائين حسن ۽ حق، عشق ۽ خوبي دنيا ۾ موجود آهن؛ تيستائين شعر جو ميدان پڻ گرم رهندو. پر شعر کي به لاها چاڙها آهن. بعضي سندس زمين آباد آهي، ته بعضي غيرآباد ، جڏهين انساني سڀاءُ، روحاني شين کان وڌيڪ، جسماني شين ڏي مائل ٿيندو آهي، تڏهين شعر جي بازار به البت بي رونق ٿي ويندي آهي، پر وري وري نوان نوان رنگ روپ ڌاري وڃي پنهنجي اصلوڪي اؤج تي رسندو آهي. شعر، نيڪ نيتن، پاڪ خيالن، ۽ عشق جي اُمنگن جو ترجمان آهي، ڪير ڄاڻي ته ڪر هاڻ پڻ ڪو وڏو شاعر فطرت جي ڪک ۾ سمايل هجي، جنهن جي آجي ٿيڻ جو اڃا وقت نه آيو آهي. سچل ۽ ساميءَ، بيدل ۽ بيڪس، يوسف ۽ صادق جا نالا هر ڪنهن سئا هوندا. هر هڪ جي ڪلام ۾ پنهنجي پنهنجي خوبي ۽ لذت آهي. ڪن پڙهندڙن کي هڪڙي مان مزو ايندو، ته ڪن کيد ٻئي مان. پر شاه عبدالطيف جهڙو هر وجه ڪامل ۽ هر دلعزيز شاعر، سنڌ ۾ اڃا ڪونه پيدا ٿيو. اهڙو ڪو سنڌي خواندو مشڪل لڀندو، جنهن کي سندس ڪلام جي سڪ نه هوندي؛ ۽ اهڙو ڪو هنڌ خالي نه هوندو، جتي سندس شعر جو پڙاڏو ڪن نه پوندو. سندس شاعراڻيءَ ”خستوريءَ جي خوشبوءِ سڀ ولايت واسي ڇڏي آهي.“ شاه ئي آهي جنهن ۾ هڪ وڏي شاعر جون ڪُلي لياقتون موجود آهن. سندس خيالي قوت جو هڪ وڏو پرياڻ هيءُ آهي، ته جئن جئن اسين سندس شعر تي اونهو غورڪ نداسين، تئن تئن اسان ۾ نئين نئين حيرت اُتپن ٿيندي. ٻين شاعرن جي خيالي قوت پڻ چڱي آهي، مگر شاه جي دز کي به نه رسي سگهندا. شاه جو ڪلام، خواه خلوت ۾ پڙهبو خواه محفل ۾، خواه ڪنهن مثال يا ٽيڪا طور ڪتب آڻبو، ته نيون نيون خوبيون اسان جي اچرج جو ڪارڻ ٿينديون؛ ۽ سندس طبع جي فراوانيءَ جي شاهدي ڏينديون. ۽ وري وري پڙهڻ سان سندس شعر ۾ ضرور اهڙي ڪا نئين نزاڪت نظر چڙهدني، جا اڳي اک کان گسي ويئي هئي. اهڙو ڪو ورلي لڀندو جنهن کي شاه جي مهراڻ مان معنيٰ جا موتي هٿ نه آيا هجن، يا جو سياڻپ ۽ ساڃاه جي سبق پرائڻ کان محروم رهيو هجي. جي تون بيت ڀائين، سي آيتون آهين. وڃيو من لائين، پريان سنڌي پار ڏي. ڪنهن به شاعر جي بزرگي اوتري قدر قبول ڪئي ويندي، جيتري قدر منجهس جمال جي مشاهدي ماڻڻ جي قابليت آهي؛ ۽ جيتري قدر مشاهدي جي ڪري سندس جيءَ ۾ جذبا ۽ اُمنگ اٿن ٿا. جمال جا پڻ ڪيترائي قسم آهن، جهڙوڪ طبيعي، جسماني، اخلاقي ۽ روهاني. مگر در حقيقت سڀ حسن جو مول هڪ ئي آهي؛ ۽ جنهن جنهن ويس ۾ پاڻ کي پڌرو ڪري ٿو، تنهن تنهن ويس جي پسڻ سان نينهن کي نوان نوان نيش اچن ٿا. دنيا ۾ ادنيٰ مان ادنيٰ انسان به حسن تي حيران آهي، ۽ ڏانهس رغبت رکي ٿو، مگر اها رغبت اڪثر پنهنجي ڪامنا پوري ڪرڻ جي اڇا اُتپن ڪري ٿي. ڀل ته اها اڇا ڪيترو به اڻ لکي هجي. اهڙو ماڻهو صرف مشاهدي سان گهڻي تائين ريجهه رهاڻ ڪرڻ جي قابل نه آهي، ستتئي پنهنجي ڪامنا سڌ ڪرڻ جي ڪوششڪ ري ٿو، جو ئي سندس اصلي ۽ آخرين مقصد آهي. اهوئيس بب آهي جو هو قدرتي توڙي صنعتي حسن جي نظاري مان سگهوئي ڪڪ ٿيو پوي. پر شاعر جي حالت ۾ پهريون ئي پهريون اثر، جو حسن جي مشاهدي ڪري مٿس پيدا ٿئي ٿو، سو آهي سندس ”وجود جو ورق“ ڌوئي صاف ڪرڻ. سندس ساري هستي سونهن واريءَ شيءِ جي مشاهدي سان ڀرجيو ٽمٽار ٿيو پوي؛ ۽ پوءِ اها شيءِ خواه ڪو قدرتي نظارو هجي، جهڙوڪ چمن جو چهچٽو، درياه جي لس ليٽ، چنڊ جي چٽائي، تارن جي جهرمر، ڪڪرن جي ڪارونڀار وغيره وغيره؛ خواه انساني حسن جو جلوو هجي، جهڙوڪ سپرينءَ جي سونهن، لالن جو لبيس، معشوق جو ناز ۽ سندس هار سينگڀار وغيره وغيره. شاعر اهڙي مشاهدي ۾ پاڻ کي محو ڪيو ڇڏي ۽ پنهنجي شخصيت کي وساري خود شيءَ جي آرسي بنجيو پوي. اهڙي وقت ۽ اهڙيءَ حالت ۾ پروڙيل حقيقت نس پس اها شيءِ نه آهي، مگر خود ”سونهن جو سر“ جنهن مان اها شيءِ ڦٽي نڪتي آهي. پروڙيندڙ ۽ پروڙيل شيءِ ٻئي پنهنجو پاڻ وڃايو ليءَ ٿيو وڃن. يوسف نالي شاعر اها حالت هن ريت نرفوار ڪئي آهي. محبوب کي صورت مين گم هوکي ويکهه نظارا، آپ سارا. شاعر کي نه فقط اهڙو نشڪام يا لاطمع مشاهدو نصيب ٿئي ٿو، مگر ان جي اظهار ڪرڻ لاءِ پاڻ سندس دل ۾ هڪ زبردست جنبش جاري ٿئي ٿي. سيمابي صورتون، جي مشاهدي بعد سندس اڳيان تري رهيون آهيون. تن کي هڪ محڪم ۽ سهڻي شڪل ڏيئي، ٻين انسانن جي دلين ۾ پڻ اهڙن جذبن اٿارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جهڙا مشاهدي وقت سندس دل ۾ اُتپن ٿيا هئا. هو هاڻ پاڻ کي،گ ويا هڪ پيغمبر يا داعي ڪري سمجهي ٿو. حق ۽ حسن جو هوڪو ڏئي ٿو، ۽ انسان ذات جي اُنتيءَ ۽ آسايش جو ڪارڻ بنجي ٿو؛ ۽ ماڻهو پڻ اهڙي اعليٰ انسان وٽان حياتيءَ ۽ حياتيءَ جي سچي مقصد جو سبق ڀليِءَ ڀت پرائي سگهن ٿا. سندس پيغام هڪ قسم جو الهام آهي. مولانا رومي فرمائي ٿو: شاعري جزويست از پيغمبري – جا هلانش کفر دانند از خري پر شاعر ۾ نه فقط حسن جي مشاهدي ۽ حقيقت جي پروڙ جي قابليت هئڻ گهرجي، مگر اُنس ان گڏ هڪ ٻئي هنر جو هئڻ پڻ ضروري آهي، جنهن کي شاعري صنعت چئجي ٿو. شاعر ان صنعت جي وسيلي، پنهنجن خيالن ۽ جذبن کي اهڙن عمدن ۽ اثرائتن لفظن ۾، اهڙيءَ سليس مگر رنگين عبارت ۾، اهڙن نون ويسن ورنن ۾، ۽ اهڙي ڍنگ ۽ طرز سان بيان ڪري ٿو، جو پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن جون دليون بي اختيار ڇڪجيو وڃن، ۽ اها نقش ڪيل تصوير سندن اکين اڳيان پيئي ڦري. ازانسواءِ وزن ۽ قافيي جو پڻ ضررو آهي، جنهن جي ذريعي شاعر جو ڪولام وڌيڪ لطيف ۽ لذيذ ٿئي ٿو. پر ڪلام اهڙو هئڻگ هرجي، جو مانحن جي دلين تي بجليءَ جهڙو اثر پيدا ڪري. انهيءَ لاءِ ڪن ٻين خاصيتن جو شاعر ۾ هئڻ واجب آهي، جن جي دوران شعر جو حسن هيڪاري نڪريو نروار ٿيو پوي. اها ڪامل شاعر جي آخرين منزل آهي. اهي خاصيتون آهن؛ فصاحت، بلاغت، سلاست، جدت ۽ جوش. فصيح ڪلام اهو آهي، جنهن ۾ هر هڪ لفظ اهڙو ڪم آيل هجي، جنهن جي اُچار ڪرڻ ۾ زبان کي ڪابه تڪليف يا هٽڪ نه ٿئي. اهو نمونو نه فقط ڪڏهين ڪڏهين، مگر هميشه شاعر جي ڪلام ۾ اختيار ڪيل هجي، نه ته سندس ڪلام کي فصيح نه چئبو. بلاغت اها آهي، جو ڪلام وقت ۽ حال جي مطابق هجي. انسان ۾ طرح طرح جا پور ۽ جذبا اُٿن ٿا؛ ڪڏهيدن غم ۽ غصو، ڪڏهين کل ۽ خوشي، ڪڏهين ڳڻتي ۽ فڪر، ڪڏهين مستي ۽ مدهوشي، ڪڏهين عشق ۽ محبت، ڪڏهين بيتابي ۽ بيقراري وغيره وغيره. شاعر کي اهي سڀيئي حالتون اهڙيءَ صفائيءَ چٽائيءَ ۽ درستيءَ سان مختصر، مگر مائيدار لفظن ۾ ب يان ڪرڻ گهرجن، جو پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن جو ڌيان کُپي وڃي، ۽ سندس سحرنگاريءَ تي موهت ٿي پون. سلاست جي معنيٰ آهي ته ڪلام ۾ اهڙا لفظ آيل هجن، جي رومره ماڻهو استعمال ڪن؛ ۽ استعارا، تشبيهون ۽ ٻيون ڪلامي صنعتون اهڙيون ساديون ۽ سوليون هجن، جو ماڻهو هڪدم پروڙي سگهن؛ ۽ هر هڪ ماڻهو پنهنجي پنهنجي فهم ۽ لياقت آهر ان مان لطف ۽ مزو حاصل ڪري سگهي. سڀ کان سهڻو شعر انهيءَ کي چئبو آهي، جو ڪو ماڻهو ان کي پڙهي يا ٻڌي ته ازخود ائين چوي ته ”سچ آهي“، ۽ ان جي سلاست سادگي ڏسي، دل ۾ اچيس ته اهڙو ”آءٌ چئي سگهان ٿو“؛ مگر جڏهين چوڻ جي ڪوشش ڪري، ته وايون بطال ٿيو وڃنس. ابن رشيق قيرواني پنهنجي ڪتاب ’العمدة‘ ۾ اهڙي شعر بابت هئن ٿو چوي؛ فا ذالقيل اطمع الناس طرا واذا ريم اعجز المعجزينا[1] جدت جي هيءَ مراد آهي، ته شاعر کي گهرجي ته مضمون اهڙا علحدا علحدا اختيار ڪري، جن تي ٻين شاعرن پنهنجي طبع آزمائي نه ڪئي هجي؛ يا جيڪڏهن ڪئي هجين، ته نه انهن کي اهڙي طرز ۽ نموني ۾ ادا ڪري، جو ائين معلوم نه ٿئي ته ڪنهن جو نقل يا تنبع ڪيو اٿس. ازانسواءِ پنهنجو مطلبن اهڙن نون نون طريقن سان بيان ڪري، ۽ هڪڙي خيال کان ٻئي خيال ڏي وڃڻ ۾ اهڙي ڪاريگري ڪتب آڻي، جو پڙهند:ڙ جو ڌيان ٽٽي نه وڃي. ۽ پڻ سندس لفظن ۽ جملن ۾ اهڙو جوش ۽ اثر هجي، جو ڀائنجي ته اهي لفظ ۽ جملا اندر مان اُڌما ڏيئي نڪتا آهن. شاه عبداللطيف ۾ مٿيون ڄاڻايل لياقتون هر طرح هيون.ا رواجي شاعرن جي ڪلام تي غور ڪبو ته ڏسبو ته ٻسو ئي ٻسو آهي. يا ته رڳو حسن جون هاڪون ۽ عشق جون صدائون آهن. يا ته رڳو تصوف ۽ ويدانت جا متا مڙهيل آهن؛ يا ته فقط وحدانيت جي واکاڻ آهي، يا ته رڳو ڀڳتي مارڳ جي پلٽ آهي. اهو حال نه فقط سنڌي شاعرن جو آهي، مگر اڪثر ڪري هندستان جي ٻين ڀاڱن جي شاعرن جو پڻ، پر شاه عبداللطيف جو شعر طرح طرح ڀاتين جو آهي؛ نهاجيت رنگين ۽ گوناگون آهي. هر قسم جي شاعريءَ جو استاد هو. سنڌ ڇڏيو، هندستان ۾ به سندس مٽ ڳولڻ مشڪل آهي. سندس نالو دنيا جي نام ڪٺين شاعرن جي دفتر ۾ داخل ٿيڻ جو هر وجه لائق آهي. شاه جي شاعراڻي ڏات اهڙي اعليٰ درجي جي هئي، جو شاعريءَ جو ڪوبه فن نه آهي، جنهن ۾ سندس دماغ درياءَ جي لهرن وانگر ڇوليون نه ماريون آهن. هر طرح جا مضمون سندس خيالي خزاني ۾ ميسر آهن؛ ۽ هر قسم جون خوبيون سندس عبارت ۾ موجود. مختلف موقعن لاءِ سندس عبارت مختلف آهي هر طرف کان سندس ذات باڪمال هئي. جيڪڏهن صرف شاعر ڪري ليکبس ته شاعرن جو شاه هو؛ جيڪڏهن صوفين جي صف ۾ شمار ڪبس ته فاني في الله هو؛ ۽ جيڪڏهن عاشقن جي قطار ۽ ڳڻبس ته عاشقن جو تاج هو. سندس ڪماليت جو دامن نهايت وسيع هو. ليس علي الله بمستنگر، آن يجمع العالم في واحد.[2] فيس بوڪ پيج شاھ جو رسالو تان ورتل