پ پ ، نواز شريف ۽ مظلوم قومن جو ڪيس ليکڪ: رڪ سنڌي ٻن اڳوڻن وزيراعظمن ۾ جڏهن جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ مشهور ”ميثاق جمهوريت“ وارو معاهدو ٿيو هو ته ان وقت فوجي آپيشاهي سٽيل عوام ۽ خاص ڪري پاڪستان جي مظلوم قومن منجهه اها اميد پئدا ٿي هئي ته هاڻ جڏهن به پ پ يا مسلم ليگ نواز مان ڪابه پارٽي چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي حڪومت جوڙيندي ته گهٽ ۾ گهٽ مظلوم قومن سان ماضيءَ ۾ ٿيل ناانصافين جو ازالو ڪيو ويندو. 1973 واري آئين ٺهڻ وقت مظلوم قومن سان جيڪي واعدا ڪيا ويا هئا. انهن جي پاسدراي ڪئي ويندي. فوجي آمريت جي دور ۾ آئين ۾ هڪ طرفيون ترميمون ڪري ننڍن صوبن جي عوام جا جيڪي حق غصب ڪيا ويا آهن، سي کين موٽي ملندا. چاڪاڻ ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جڏهن 1973ع جو آئين جوڙايو هو، ان وقت ننڍن صوبن جي عوام سان اهو واعدو ڪيو ويو هو ته 20 سالن جي عرصي بعد ان ۾ ترميون ڪري صوبن کي وڌيڪ اختيار ڏنا ويندا. پر جنرل ضياءَ طرفان ملڪ تي زبردستي قبضي بعد اهو واعدو وفا نه ٿي سگهيو. 36 سال گذري ويا. ان وچ ۾ جمهوري حڪومتون به آيون، ته آمريتن به عوام کي پنهنجن پنجوڙن منجهه جڪڙيو. پر سنڌ، بلوچستان ۽ پختون خواه جو عوام پنهنجا ڦريل حق ماڻڻ بدران ويتر ٿورا گهڻا يعني انڌا منڊا مليل حق به وڃائي ويهي رهيو. 36 سالن جي عرصي اندر ٻه ٻه ڀيرا پ پ ۽ مسلم ليگ نواز جون حڪومتون به آيون پر ”ادو ڄائو، ادي مئي، اسان اوترا جو اوترا.“ واري چوڻي موجب جيئن پوءِ تيئن مظلوم ۽ محڪوم قومن جو عوام ويو زنجيرن منجهه جڪڙندو. تاريخي طور الڳ وجود رکندڙ قومن جي سڃاڻپ کي ختم ڪرڻ، سندن تاريخي حقن تي راتاهي جو تسلسل نه فقط برقرار رهيو پر ان اڃا وڌيڪ خوفناڪ شڪل اختيار ڪري ورتي. پنهنجي ڪائناتي حقن لاءِ جهيڙيندڙ قومن سنڌين ۽ بلوچن کي فوج ڪشيءَ جو شڪار ٿيڻو پيو. ايم آر ڊي تحريڪ ۾ سنڌين جو رت وهايو ويو ۽ وري رياست جي رٽ قائم رکڻ جي بهاني بلوچن جي سينن ۾ سنگينون ٽنبيون ويون. جنرل مشرف جي دور ۾ بلوچستان ۾ جيڪو آپريشن شروع ڪيو ويو، سو اڄ به پنهنجي وحشتناڪ شڪل ۾ جاري آهي. بلوچستان جي ڌرتيءَ تي والار ڪرڻ لاءِ گوادر بندرگاه جو هيبتناڪ منصوبو پنهنجي مڙني خوفناڪين سان جاري آهي. سنڌ جا وسيلا لٽيا پيا وڃن. سنڌ ڌارين جي آبادڪاريءَ جو نه صرف شڪار آهي پر هاڻ ته ڌاريا ماڻهو سنڌ کي حصا پتيون ڪرڻ لاءِ ڌرتي ڌڻين سان ٻه پاڻي ڪرڻ لاءِ سينا ساهي رهيا آهن. هن وقت جڏهن حڪمرانن ۽ حڪمران رهندڙ پارٽين جي اڳواڻن جي سيني ۾ملڪ جي سالميت ۽ استحڪام جو درد دکي رهيو آهي. ان وقت اسان مظلوم قومن جا هيڻا ۽ بي يارو مددگار ماڻهو سندن خدمت ۾ نماڻو عرض رکون ٿا ته ٻيلي پاڪستان هوا ۾ بيٺل ڪو ڦوڪڻو ڪونهي، پر هيءُ ملڪ هتي موجود قومن جي وجود جو ئي نالو آهي. هتي رهندڙ سنڌين، پنجابين، پٺاڻن، بلوچن ۽ سرائڪين جي جيئرن جاڳندن ماڻهن جي ساه ۽ پساه سان ئي هن ملڪ جي دل ڌڙڪندي آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي هن ملڪ جو ايڏو ئي اونو ۽ فڪر آهي ته پوءِ ان ۾ رهندڙ ماڻهن جي خوشحاليءَ ۽ حقن واري معاملي تي ڇو ٿيون اکيون ٻوٽيون وڃن. ملڪ تڏهن مستحڪم ۽ جٽادار ٿيندو، جڏهن هتي رهندڙ قومون پاڻ ڀريون ٿينديون، مستحڪم ۽ مضبوط ٿينديون. سندن پئدائشي حقن جو احترام ڪيو ويندو. ڪالهه جڏهن مسلم ليگ نواز جي سربراه نواز شريف ۽ سندس پارٽي ميثاق جمهوريت تي حڪومت سان ڳالهين لاءِ چارٽر پڌرو ڪيو آهي ۽ خود نواز شريف اها دعوى ڪئي آهي ته هو ننڍن صوبن جي عوام کي گڏ کڻي هلڻ گهري ٿو ته اسان جي دل کي وري اها انڌي منڊي تسلي ملي آهي ته من وقت جي تلخ حقيقتن ۽ ماضيءَ جي تجربن مان ملڪ جي هن وڏي پارٽي ۽ سندس قيادت ڪجهه پرايو هجي. وڏي صوبي ۾ اڪثريت رکندڙ ان پارٽيءَ جي قيادت جي ذهن ۾ ملڪ کي بچائڻ ۽ مستحڪم ڪرڻ جو حقيقي درد جاڳيو هجي. پر پ پ حڪومت کي موڪليل ان فارمولي ۾ ميان صاحب جي پارٽي وري به قومن جي حقيقي حقن ۽ اختيارن واري معاملي کي اڳيان آڻڻ کان ڄاڻي واڻي گوٿناٿ ڪئي آهي ۽ معاملي کي منجهائي عوام کي بتال ڪرڻ جا گر استعمال ڪيا آهن. هڪ طرف اين ايف سي ايوارڊ جي نئين سر جوڙجڪ ۽ ڪنڪرٽ لسٽ جي خاتمي جي ته ڳالهه ڪئي وئي آهي، پر صوبن (قومن) کي حقيقي خودمختياري واري سوال کي ڄاڻي واڻي وڏي فنڪاريءَ سان گول ڪيو ويو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ متحده قومي موومينٽ قومي اسيبمليءَ ۾ صوبن کي اختيار ڏيڻ لاءِ 1973ع جي آئين ۾ ترمين لاءِ هڪ بل تجويز ڪيو هو. جنهن ۾ صوبن لاءِ انهن حقن جي ڳالهه ڪئي وئي هئي، جيڪا ڳالهه لڳ ڀڳ 40 سال اڳ شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ ڪئي هئي. پر ان وقت جي فوجي حڪمرانن ملڪ کي ٻه ٽڪر ڪرڻ ته سهايو پر بنگالي عوام جي جائز گهرن کي قبول نه ڪيو. هاڻي جڏهن پلين هيٺان گهڻو پاڻي وهي چڪو آهي ۽ باقي ملڪ جو وجود به حڪمرانن جي افعالن سبب داءَ تي لڳل آهي، ان وقت گهٽ ۾ گهٽ ملڪ جي خيرخواهي جي دعوى ڪندڙ پارٽين جي قيادت کي به وقت ۽ حالتن آهر فيصلا ڪرڻ گهرجن. نه فقط نواز ليگ پر پ پ تي ان سلسلي ۾ وڌيڪ ذميواريون عائد ٿين ٿيون. پ پ کي تازين چونڊن ۾ ننڍن صوبن جي عوام وڌ کان وڌ مينڊيٽ ڌئي اقتدار جي ايوانن تائين پهچايو آهي. سنڌ، سرحد ۽ پختون خواه ۾ پ پ سميت ننڍن صوبن جي حقن جي ڳالهه ڪندڙ پارٽيون حڪومت ۾ آهن. هيءُ پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو پ پ، اي اين پي، ايم ڪيو ايم ۽ ننڍن صوبن سان تعلق رکندڙ پارٽيون مرڪز ۾ سگهاري پوزيشن ۾ آهن. ان سان گڏوگڏ مسلم ليگ نواز به ماضيءَ ۾ ۽ خاص ڪري اقتدار کان محروم هجڻ وقت صوبن کي حق ڏيارڻ جي ڳالهه ڪندي رهي آهي. نواز ليگ ساڳي طرح اي پي ڊي ايم ۾ به شامل مظلوم قومن جي پارٽين سان اهڙا واعدا ڪندي رهي آهي ته هو اقتدار ۾ اچي يا مخالف ڌر ۾ هوندي وقت جي حڪمران ڌر تي اهو دٻاءُ برقرار رکندي ته اها قومن کي پنهنجا حق ڏئي. خود بلوچستان جي حوالي سان نواز ليگ جا زباني ڪلامي اهي اقرار ۽ اعلان موجود آهن ته بلوچستان سميت ننڍن صوبن کي پنهنجا اختيار ملڻ گهرجن. هاڻي جڏهن آئين ۾ ترميمن لاءِ جاکوڙ جاري آهي ته ان وقت مظلوم قومن جو عوام حڪمران ڌر سميت پنجاب ۾ اڪثريت رکندڙ پارٽين آڏو اها حجت ڪرڻ ۾ حق بجانب آهي ته هاڻي گذريل 62 سالن ۾ ننڍن صوبن (قومن) سان ڪيل زيادتين جو حقيقي معنى ۾ ازالو ڪيو وڃي. آئين ۾ اهڙيون جٽادار ۽ عوام دوست تبديليون ڪيون وڃن. جنهن سان ملڪ جي سالميت آڏو آيل سوال ۽ خطرا ٽري سگهن. ان سلسلي ۾ اقتدار کان ٻاهر ويٺل ڌرين کي به اسان جي گذارش آهي ته هو هن معاملي تي سگهارو آواز بلند ڪن. جيڪڏهن ججن جي بحاليءَ لاءِ عوام کي رستن تي آڻي سگهجي ٿو ته پوءِ ملڪ جي استحڪام يعني هتي موجود قومن جي موت ۽ حياتي وارن معاملن تي مجرماڻي ماٺ ملڪ سان ڪهڙي سڄڻائپ چئي سگهجي ٿي. وفاقي پاڪستان ۾ ننڍين ۽ پوئتي پيل قومن جون شڪايتون دور ڪرڻ ۽ کين زندگي جي هر ميدان ۾ انصاف ڏيڻ ۽ خوشحالي جي رستي تي آڻڻ لاءِ ڪي بنيادي انقلابي تبديليون آڻڻيون پونديون. اهي پاڻ نه اينديون، پر انهن لاءِ ننڍين صوبن جي عوام کي موثر نموني آواز اٿارڻو ۽ جدوجهد ڪرڻي پوندي. ان لاءِ پاڪستان جي وفاق کي مضبوط ۽ مستحڪم ڏسندڙن جو فرض آهي ته هو ننڍين قومن جي جائز مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ گڏجي جدوجهد ڪن. منهنجي راءِ ۾ جيڪڏهن هيٺين 6 نقطن جي بنياد تي جدوجهد هلائي وڃي ته جيڪر پاڪستان جو وفاق مضبوط ۽ مستحڪم ٿيڻ سان گڏ خوشحال ۽ آسودو پڻ بنجي پوي، ۽ قومن ۾ وڌندڙ نفرتون هميشه لاءِ ختم ٿي وڃن. پاڪستان ۾ قومن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪي بنيادي نقطا: پاڪستان ۾ چئن قومن جي جداگانه قومي وجودن کي تسليم ڪري، پاڪستان کي هڪ گهڻ قومي ملڪ مڃيندي، چئني قومن جي وطنن (صوبن) کي آزاد ۽ خودمختيار رياستن جو درجو ڏنو وڃي. پارلياماني طرز حڪومت جي مطابق پاڪستان جو هڪ اهڙو وفاق قائم ڪيو وڃي، جنهن ۾ بالغ راءِ دهيءَ جي اصول تي سڌو سنئون چونڊيل قانون ساز اسيمبليءَ کي مڪمل بالادستي حاصل هجي ۽ وفاقي قانون ساز اسيمبليءَ ۾ مڙني قومن کي هڪ جيتري نمائندگي ڏني وڃي. وفاقي حڪومت صرف ٽي کاتا دفاع، پرڏيهي معاملا ۽ ڪرنسي پاڻ وٽ رکي. جنهن جي انتظاميه ۾ چئني قومن جي هڪ جيتري نمائندگي هجي. صوبن جي وچ ۾ سرمائي جي آزادانه منتقليءَ تي بندش وڌي وڃي ۽ وفاقي يونٽن کي پنهنجو الڳ بئنڪ سرمايو محفوظ ڪرڻ جو حق هجي ۽ سندن لاءِ الڳ بئنڪ، بجيٽ ۽ مالياتي نظام هجي. ٽيڪسن جي نفاذ ۽ وصوليءَ جو اختيار وفاقي يونٽن وٽ هجڻ گهرجي ۽ وفاق کي خرچ پکي لاءِ يونٽ هڪ جيترو ٽيڪس ادا ڪن. اهڙي طرح وفاق طرفان ملندڙ گرانٽون يا ٻيون امدادون هڪ جيتري تناسب سان يونٽن ۾ ورهايون وڃن. وفاقي يونٽن کي پنهنجي نيم فوجي تنظيم (مليشيا) رکڻ جو اختيار هجي. جنهن جي انتظامي ڪمن ۾ وفاقي يونٽ آزاد ۽ خودمختيار هجن. چئني قومن جي ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي ۽ هر ٻوليءَ کي پنهنجي واسطيدار يونٽ اندر سرڪاري توڙي خانگي لکپڙهه جي ڪمن ۾ استعمال ۾ آندو وڃي. اردو کي چئني يونٽن جي وچ ۾ رابطي جي زبان طور رهڻ ڏنو وڃي. انهن نقطن تي تيستائين ڪاميابي سان عمل ڪرائي نه ٿو سگهجي جيستائين: فوج ۾ چئني قومن کي هڪ جيتري نمائندگي ڏئي، فوج ۾ هڪ صوبي جي هڪ هٽيءَ کي ختم نه ٿو ڪجي. صوبن جي وچ ۾ ٿيندڙ لڏپلاڻ بند ڪرائي نه ٿي وڃي ۽ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻين صوبن جي آيل ماڻهن کي واپس نه ٿو ڪيو وڃي ۽ انهن جون ملڪيتون واپس ڪري مقامي رهواسين کي نه ٿيون ڏنيون وڃن. هندستان مان آيل مهاجرن کي هتان جي قومن ۾ ضم ٿي انهن جي ٻولي ۽ تهذيب کي اپنائڻ تي مجبور نه ٿو ڪيو وڃي. منهنجي نظر ۾ مٿين 6 نقطن جي بنياد تي ئي پاڪستان کي متحد ۽ مستحڪم ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن هن وقت به وڏي بالادست قوم طرفان ننڍين قومن جي سماجي ۽ معاشي حقن کي نظرانداز ڪيو ويو ته ننڍيون قومون مجبور ٿي اهڙا رستا اختيار ڪنديون، جيڪي وري ٻيهر هڪ ٻئي سان ملي نه سگهندا. اسان هتي پ پ، نواز ليگ، عوامي نيشنل پارٽيءَ، ايم ڪيو ايم، بلوچستان ۾ پ پ قيادت ۽ پنجاب جي عوام دوست ڌرين کي وينتي ڪنداسين ته هو هاڻي ملڪ کي بچائڻ لاءِ زباني ڪلامي دعوائن ڪرڻ ۽ مظلوم قومن جي نالي تي دل پشوري ڪرڻ وارن ترڪتالن کي ڇڏي اهڙا ديرپا قدم کڻن، جن سان ماضي ۾ ٿيل ظلمن ۽ نانصافين جي ڪاري باب جو هميشه لاءِ خاتمو ٿي وڃي. قدرت هر ڀيري اهڙا موقعا مهيا نه ڪندي آهي، خود پ پ لاءِ به هيءُ حقيقي معنى ۾ امتحان جو موقعو آهي. ڇاڪاڻ ته ننڍن صوبن جي عوام هميشه پ پ کي پنهنجو ڀرجهلو سمجهيو آهي ۽ ان مان ئي پنهنجن دکن ۽ دردن جو درمان ٿيڻ جي آس رکي آهي. جيڪڏهن هن ڀيري به مظلوم قومن جي جذبن کي فقط اقتدار جي ڏاڪڻ سمجهي استعمال ڪيو ويو ته پوءِ شايد مظلوم ماڻهو ڪي ٻيا دڳ ۽ واٽون وٺڻ تي مجبور ٿي پون. (ڇپيل روزاني سنڌ، حيدرآباد، 26 مارچ 2009ع)