نالو: سوڀو گيانچنداڻي پيءُ جو نالو: ٽنورمل گيانچنداڻي والده جو نالو: پدما جنم جي تاريخ: 3 مئي 1920ع جنم جو هنڌ: ڳوٺ ٻنڊي تعلقو ڏوڪري، ضلعو لاڙڪاڻو. زال: ليلان اولاد: ٻه، ڪيولرام ۽ سرڳواسي خوبچند ڀينرون: ڪلياڻي، پريميشوري (سرڳواسي) وديا ۽ ساوتري پرائمري تعليم: چار درجا قمبر ايوي اسڪول ۾، هڪ سال لاڙڪاڻي ايوي ۽ پوءِ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾. ڇهون، ستون درجو: اين جي وي هاءِ اسڪول، ڪراچي. فرسٽ ييئر ۽ انٽر آرٽس: ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي بي اي پارٽ ون ۽ ٽو: شانتي نڪيتن ڪاليج (ڪلڪته يونيورسٽي) جيڪا رابندر ناٿ ٽئگور جي والد ديويندر ناٿ جي قائم ڪيل هئي، جتي راڳ ۽ ساز جي سکيا وٺڻ ويو، پر انقلابي ٿي موٽيو. لاگريجوئيشن : ايس سي شهاڻي لا ڪاليج ۾ هڪ سال پڙهيو، پر 1942ع واري جدوجهد ۾ جيل ۾ وڃڻ سبب پڙهائي مڪمل نه ٿي. بعد ۾ وري ڪراچي يونيورسٽي ۾ 57-1958ع ۾ ٽرمس رکيائين. پر وري گرفتار ٿي جيل ۽ نظر بندي سبب پوري ڪري نه سگهيو. پوءِ 1967ع ۾ لا ڪاليج لاڙڪاڻي پڙهيو.جتي بعد ۾استاد ۽ پرنسيپال جي حيثيت ۾ به رهيو. وڪالت جو پيشو به ان وقت کان ئي اختيار ڪيائين. جيڪا 2001ع ۾ ڇڏي اڄڪلهه رٽائرمينٽ جا ڏينهن پيو گذاري. جيل- پهريون ڀيرو: 25 جنوريءَ 1942ع کان وٺي جولاءِ 1944ع تائين ڪراچي، حيدر آباد ۽ سکر جيل ۾ رهيو. ٻيو ڀيرو: نيويءَ جي بغاوت وقت 21 فيبروري 1946ع ۾ گرفتار ٿي هفتي کان پوءِ ضمانت تي آزاد ٿيو ۽ بعد ۾ حڪومت مٿس مڙهيل سڀ ڪيس واپس ورتا. ڪيس بغاوت فساد جي اڳواڻي ۽ ٻيا گهڻائي هئا. ٽيون ڀيرو: 1948ع ۾ پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ 17 اپريل 1948ع کان 1952ع تائين ڪراچي ۽ حيدر آباد ۾ رهيو. چوٿون ڀيرو: 1954ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان تي پابندي پوڻ شرط 12 جولاءِ کان مارچ 1956ع تائين حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ رهيو ۽ ٽي مهينا ڳوٺ ٻنڊي ۾ نظر بند رهيو. پنجون ڀيرو: آڪٽوبر 1959ع کان جون 1960ع تائين حيدرآباد چار مهينا، شاهي قلعو لاهور ۽ ٻه مهينا لاهور ۽ ٻه مهينا لاهور سينٽرل جيل ۾ قيد رهيو. جتان لاهور هاءِ ڪورٽ کيس سوڀو گيانچنداڻي ورسز گورنمينٽ آف پاڪستان وار ڪيس مان آزاد ڪيو ۽ ڳوٺ پهچڻ تي وري کيس پنج سال ڳوٺ ۾ نظر بند ڪيو. ڇهون ڀيرو: سيپٽمبر 1965ع کان جنوري 1966ع تائين سکر سينٽرل جيل ۾ ٽي مهينا هندستان ۽ پاڪستان جي لڙائيءَ وقت رهيو. جتي شيخ اياز سندس ساٿي هو. پهرين ڪهاڻي: اڍائي رپيا 1938ع ۾ لکيائين، جيڪا سنسار سماچار، جي ماهوار شمار ۾ ڇپي. پهريون مضمون: 1936ع ۾ ٽئگور ۽ سوامي تيرٿ ت لکيائين. جيڪو اين جي وي هاءِ اسڪول جي مئگزين ۾ شايع ٿيو پهريون ڊرامو: نيپولين انسينٽ هيلين 1938ع ۾ لکيائين جيڪو پڻ سنسار سماچار ۾ ڇپيو ڇپيل ڪتاب: 1. ڪڏهن بهار ايندو (ڪهاڻيون) 2. تاريخ جا وساريل ورق (ڪالم) 3. تاريخ ڳالهائي ٿي، 4. وڏي وٿ هئام (ڪالم)، 5. تاريخ بولتي هي (اردو ۾)، 6. انقلابي کي موت (اردو ۾) 7. سنده کي انقلابي رهنما (اردو ۾) اڻ ڇپيل ڪتاب: 1) ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا، 2) سنڌ ايڪويهين صديءَ جي ڏاڪي تي، 3) انٽرويوز، 4) تقريرون، 5) خاڪا ۽ مضمون. سياسي سرگرمي: ڪانگريس، سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ پارٽي ۾ رهيو. شاگرد، مزدور ۽ هار تحريڪن سان وابسته رهيو. ايڊيٽر: جنوري 1957ع کان وٺي اڄ تائين سنڌي ادبي سنگت سان لاڳاپيل رهيو آهي، جن جي دستوري ۽ خاص گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪندو رهي ٿو. ادبي ۽ سياسي دوست: ٽئگور، جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، حسن ناصر، فيض احمد فيض، حسو ڪيولراماڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، شيخ اياز، ڪرشن کٽواڻي، جمال ابڙو، اياز قادري، نورالدين بخار، علي احمد بروهي، رشيد ڀٽي، حميد سنڌي، ابراهيم جويو، غلام رباني، انور پيرزادو، هدايت منگي، تاج بلوچ، رزاق مهر، يوسف سنڌي، محمد علي پٺاڻ، انور ابڙو، منٺارسولنگي،ڊاڪٽر گل، عنايت ميمڻ ۽ اڻ ڳڻيا. سياسي شخصيتون جن کان متاثر ٿيو: مارڪس، اينگلس، لينن، گانڌي، جواهر لعل نهرو، سڀاش ڀوس، سوميندر ناٿ ٺاڪر، پنا لعل داس گپتا، يوسف مهر علي، مولانا ڀاشاني، مولانا عبيدالله سنڌي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، ڪاسترو ۽ چو اين لائي. جيل ياترا ــــ پهريون ڀيرو: جنوري 1942ع ۾ جڏهن ڪامريڊ سوڀو سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو سيڪريٽري هو، ان وقت ڪئٽ انڊيا تحريڪ هلي رهي هئي. هن ان تحريڪ ۾ سرگرميءَ سان حصو وٺڻ شروع ڪيو، جنهن ڪري مٿس گرفتاريءَ جا وارنٽ نڪتا پر هو روپوش ٿي ويو ۽ لڪ ڇپ ۾ تحريڪ ۾ به حصو وٺندو رهيو. آخر ميٺا رام هاسٽل تي شاگردن کي ليڪچر ڏيندي گرفتار ٿيو. جيتوڻيڪ هي جيل هن لاءِ پهريون تجربو هو پر جيل ۾ وڃڻ کانپوءِ هن پڇتايو ڪو نه بلڪه ويتر سندس حوصلو وڌي ويو. ڇو ته ان عرصي ۾ سکر، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي جيلن ۾ هن جي ملاقات ملڪ جي وڏين شخصيتن سان ٿي، جن جي شخصيت جو به هن تي اثر ٿيو، جولاءِ 1944ع تي اڍائي سال قيد ڪاٽي ٻاهر نڪتو. ٻيو ڀيرو: 1946ع ۾ نيويءَ جي بغاوت وقت ڪراچيءَ ۾ جنرل اسٽرائيڪ ڪرائيندي گرفتار ٿيو. ڪميونسٽ پارٽيءَ جي سڏ تي عيدگاهه جي ميدان تي شهرين جو عاليشان جلسو ٿيو. هن جلسي ۾ انڊين نيويءَ جي جهازن جي عملي جي بغاوت Indian Nevel Munitry جي حمايت ۽ انگريز سرڪار خلاف يڪراءِ ٺهراءُ پاس ڪيا ويا. هي ڪراچيءَ ۾ پهريون ڪامياب جلسو هو، جنهن ۾ هر سياسي ۽ سماجي جماعت شرڪت ڪئي. هن جلسي کي جن ورڪرن ڪامياب بڻايو، انهن ۾ ڪامريڊ سوڀو سرفهرست هو. (اهوئي سبب هو جو ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اهڙي شاندار ڪاميابي ڏسي، سرڪار پارٽيءَ تي بندش لڳائي. ڪامريڊ جمال الدين بخاري ۽ ٻين ورڪرن کي سزائون مليون) هنن گرفتارين ۾ ڪامريڊ سوڀو گرفتار ٿيو پر جلد ئي هڪ هفتي کانپوءِ ضمانت تي آزاد ٿيو. جيل ۾ هن سان اوتار ڪشن آنگل (هندستاني فلمن جو ڊائريڪٽر ۽ اداڪار) ۽ پروفيسر پارواڻي به گڏ هئا. ان سلسلي ۾ بغاوت يا فسادن جو هڪ ڪيس رجسٽر ٿيو جو حڪومت ٻن ٽن مهينن ۾ واپس ورتو. ٽيون ڀيرو: پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ پاڪستان ڊفينس رولس DPR تحت هن کي گرفتار ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد جي جيلن ۾ رکيو ويو. هن ڀيري گرفتاريءَ جو سبب کيس اهو ٻڌايو ويو ته جيئن ته هو هندو آهي ان ڪري غدار آهي. گرفتاريءَ دوران سڄي ملڪ جي ڪميونسٽن، اديبن ۽ اخبار نويسن سان، جي پڻ جيلن ۾ بند هئا، سندس واسطو پيو. جن ۾ شرف علي، عزيز اسلام بخاري، ڪامريڊ حسن ناصر، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، پرچووديارٿي، اوتار ڪشن آنگل، گوبند مالهي، ڪيرت ٻاٻاڻي، ابراهيم جليس، ريڊ سولري، اشوڪ ڪيولراماڻي، عبدالرحمان مٺا، غلام محمد خان کنڊ، عبدالغني خان، قاضي عطاءُالله ۽ ڊاڪٽر اشرف هئا. ان کانسواءِ قاديانين خلاف هلايل تحريڪ جا عالم حامد بدايوني ۽ قدوس بهاري به هئا جن سان به هن جو ملڻ جيل ۾ ٿيو. ڪراچي جيل جي سپرنٽينڊنٽ هڪ ڪرستان هو. هن کي جنهن باريڪ ۾ رکيو ويو، اتي هن گل پوکي پٿريلي باريڪ جي اندر سونهن پيدا ڪري ڇڏي ته سپرنٽينڊنٽ جو حڪم آيو ته هن کي ٻي باريڪ ۾ بدلي ڪيو وڃي. هن سليٽ لکي سپرنٽينڊنٽ ڏانهن موڪلي ته ”مان توسان ملڻ ٿو چاهيان“. ان زماني ۾ قيدين کي پنو ڪو نه ڏيندا هئا پر سليٽ ڏيندا هئا. سپرنٽينڊنٽ هن کي گهرايو. هن کيس چيو ”سپرنٽينڊنٽ صاحب! ايڏو ظلم ڇو ٿو ڪرين، اڃان مس ته گلن ڏسڻ لائق ٿيو آهيان ته وري منهنجي بدلي ٻي باريڪ ۾ ڪري ڇڏيئي“. جنهن کيس چيو، ”مان چاهيان ٿو ته جيئن تون سڀني باريڪن کي ڦلواري بنائي ڇڏين، انڪري مان توکي هڪ هنڌان شفٽ ڪري، ٻئي هنڌ ٿو رکان“. 1952ع ۾ ڪورٽ ڪيس هلايو. ”سوڀو گيانچنداڻي ورسز ڪرائون“. تحت، فتوا ٿي، چئن سالن کانپوءِ مارچ 1952ع ۾ آزاد ڪيو ويو ۽ چئن سالن جو سندس قيد غيرقانوني قرار ڏنو ويو. چوٿون ڀيرو: 1954ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي کي غيرقانوني قرار ڏئي مٿس بندش وڌي وئي. پارٽيءَ تي پابندي پوڻ شرط 12 جولاءِ 1954ع تي ڪامريڊ سوڀي کي گرفتار ڪيو ويو. هن دفعي جي ايم سيد، عبدالستار شيخ، محمد حسين عطا، ظفر الله پوشني به جيل ۾ ساڻس گڏ رهيا، جيڪي روالپنڊي سازش ڪيس ۾ گرفتار ٿيا هئا. جيل ۾ ڪامريڊ سوڀي جي طبيعت خراب ٿي پئي. مولوي مشتاق حسين جنهن بعد ۾ ڀٽي صاحب کي ڦاسي ڏني هئي، ان وقت اهو ايڊوڪيشنل ايدووڪيٽ جنرل هو، تنهن وڏو فائيل ڪڍي چيو، ”سائين اتنا بڙا فائل هي سوبهو گيانچنداني ڪا، 1939ع سي هم اس ڪي پيڇي هين“. پر جيئن ته هن جي طبيعت خراب ٿي پئي هئي، ان ڪري هن کي جيل مان ڪڍي ڳوٺ ۾ نظربند ڪري ڇڏيائون. جولاءِ 54ع تي قيد ٿيو ۽ مارچ 55ع تي جيل مان ٻاهر نڪتو. پنجون ڀيرو: جڏهن ايوب خان جي سربراهيءَ ۾ فوجي راڄ قائم ٿيو ۽ ملڪ مارشل لا جي لپيٽ ۾ اچي ويو، ان وقت ڪامريڊ سوڀي کي 12 آڪٽوبر 1958ع تي ڳوٺ مان گرفتار ڪري، حيدرآباد جيل پهچايو ويو، حيدرآباد جيل ۾ رکڻ سان حڪمرانن کي تسڪين نه ملي، جنهن ڪري هن کي اتان ڪڍي لاهور جي مشهور شاهي قلعي ۾ رکيو ويو. قصوري صاحب جو خيال هو ته هن ڪيس کي به اهڙو ئي شاهڪار ڪيس بنائجي، جهڙو هن جو 52ع وارو ڪيس هو ”سوڀو گيانچنداڻي ورسز ڪرائون“. فيڊرل ڪورٽ جو رپورٽيڊ ڪيس. هو ٽي مهينا شاهي قلعي ۾ رهيو. شاهي قلعو سياستدانن کي اذيتون ڏيڻ ۾ سڄي ملڪ ۾ ئي نه پر دنيا ۾ مشهور آهي. هن قلعي لاءِ مشهور آهي ته هتان يا ته ماڻهوءَ جو لاش نڪرندو آهي يا جيڪڏهن ڪو ماڻهو زنده نڪرندو آهي ته سياست کان ئي توبهه ڪري نڪرندو آهي. ڪامريڊ حسن ناصر کي به هن ئي مارشل لا واري دور ۾ هتي ئي شهيد ڪيو ويو هو. ڪامريڊ سوڀو شاهي قلعي مان نه صرف زنده نڪتو پر هن سياست تان به هٿ نه کنيو ۽ ساڳئي ئي جذبي تحت ڪم ڪندو رهيو. شاهي قلعي مان ڪڍي هن کي لاهور جي سينٽرل جيل ۾ نيو ويو. 28 مئي 1959ع تي هن سان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ نوي ڪلاڪن جو طويل انٽراگيشن (آڏي پڇا) ٿيو. ڪورٽ ۾ ”سوڀو ورسز اسٽيٽ“ تحت ڪيس هليو، جنهن مان کيس آزادي ملي. هنن ته ڇڏيس پر وري ٻاهر نڪتو ته سي آءِ ڊيءَ وارا ڦري آيس، جيڪي هن کي ڪراچيءَ کان گرفتار ڪرڻ آيا هئا. هو ميجر اسحاق جي اڳواڻيءَ ۾ هئا ۽ ايترا توائيءَ ۾ هئا جو جهيڙو ڪرڻ لاءِ به تيار هئا. هن کين هاءِ ڪورٽ جو ڪم ڏيکاريو، جنهن کي هنن نه ٿي مڃيو ته کين رجسٽرار وٽ وٺي ويو. رجسٽرار ٽيليفون ڪري جج کان پڇيو ”سائين ڇا ڪيان هي ڪراچيءَ کان سي آءِ ڊيءَ وارا آيا آهن. چون ٿا ته اسان سوڀي کي ڪراچيءَ وٺي وينداسين“. جنهن تي جج چيو ”انهن کي گهرائي چؤ ته جيڪڏهن انهن سوڀي تي صرف آڱر به رکي ته مان انهن کي اندر ڪري ڇڏيندس، سمجهن ڇا ٿا پاڻ کي. هي ڪورٽ آهي يا ٿاڻو“. جنهن کانپوءِ کيس ڳوٺ وڃڻ ڏنو ويو، جتي وري کيس پنجن سالن لاءِ نظربند رکيو ويو. ڇهون ڀيرو: 1965ع ۾ جڏهن هندستان ۽ پاڪستان جي جنگ لڳي ته ڪامريڊ سوڀي کي گرفتار ڪيو ويو. هن دفعي به ڊفينس آف پاڪستان رولس تحت گرفتار ٿيو. سبب وري به کيس ساڳيو ئي ٻڌايو ويو ته ”تون هندو آهين انڪري پاڪستان جي خلاف آهين“. اهو الزام هن تي اهي ماڻهو هڻندا هئا، جيڪي خود انگريزن جا غلام هئا. هن دفعي ٽي چار مهينا جيل ۾ رهيو، جيل ۾ بلوچستان جو نوروز خان ۽ شيخ اياز هن سان گڏ هئا. ان کانسواءِ سنڌ جا چوٽيءَ جا هندو ليڊر ۽ اديب به هئا، جن سان گڏ رهي هن کي سنڌي هندن جي ذهني ڪشمڪش ۽ لڳاءُ جو بخوبي اندازو ٿي ويو. انهن ۾ سيٺ پريمچند روهڙيءَ جو، ڪوڙو مل چڪ جو ۽ ٻيا نور هندو ليڊر هئا. هو جيترا به دفعا جيل ۾ ويو، سمورا دفعا بي ڏوهي ثابت ٿيو ۽ هڪ دفعو به هن تي ڪو ڪيس يا ڪو ڏوهه ثابت نه ٿيو. سليم گل چنا، ڪراچي