اڄ جو احساس

اڄ جو احساس
_______________

اڙي يارو منهنجا پيارو هي دنيا ڌوڙ ۽ ڇائي
ڀلائي ٿي ڀلايون هي ڏسي ٿي ڪوڙ ۽ ڇائي

نه هن جي ريت تي هلجو نه هن جي واٽ کي وٺجو
ڏيئي ٿي ڏيه کي نفرت هن جي اوڙ ۽ ڇائي

گمانن ۾ ڪري گم ٿي عقل ڏاهپ ڏيهن مان
هي ويري آهي پنهنجن سان ڪرائي گوڙ ۽ ڇائي

ڪئي ڪارون جي آيا دفن ٿي ويا دنيا ۾
هتي ڪو ئي نه رهڻو آ قبر مان روڙ آ آئي

ادا سڀ سان ڀلايون ڪيو ڀلايون ئي ڪم اينديون
نه ماريو ماڻهو هي انسان نه ڪريو ووڙ ۽ ڇائي


رسول بخش دائود پوٽه
 
Back
Top