سنڌ سلامت تي پيدا ٿيندڙ افسوسناڪ صورتحال...!!!

'ڏوراپن جو ڏيهه' فورم ۾ ممتاز قريشي طرفان آندل موضوعَ ‏16 اپريل 2015۔

  1. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    محترم دوستو.. سنڌ سلامت فورم جي خاص ۽ منفرد خصوصيت اها آهي ته هن اڱڻ تي مختلف مڪتبه فڪر جا دوست مذهبي سيڪشن ۾ هڪ ئي وقت هڪ ئي موضوع تي بي لاگ تبصرا، تنقيد ۽ صحتمندانه انداز ۾ بحث ۽ مباحثه ڪري مختلف مؤقف ۽ مختلف نظريا مستند حوالن ۽ مختلف دليلن سان پڙهندڙن تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا رهن ٿا.

    مان سمجهان ٿو سنڌ سلامت فورم جي وڌندڙ مقبوليت ۽ ڏينهون ڏينهن هن سٿ ۾ شامل ٿيندڙ رڪنن جي وڌندڙ انگ کي ڪجهه مخصوص عنصر برداشت نه ڪري رهيا آهن..اهو ئي سبب آهي جو ڪجهه فتنه گر، شر پسند رڪن وقت به وقت پنهنجن مضمونن سان عام مسلمانن جي دلين مان فرقن جي اختلافي مسئلن جي بنياد تي تلخيون ، رنجشون ۽ نفرتون ونڊڻ لڳا آهن. اهڙي روش جيڪري نيڪ نيتي سان هلندڙ مضمون به بد نيتي جي ور چڙهي بي لاڀ ٿيو وڃن...!!

    اڄڪلهه هن فورم تي نهايت افسوسناڪ صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. گذريل ڪجهه عرصي کان مذهبي سيڪشن ۽ پڻ ڪجهه ٻين سيڪشنز ۾ خاص منصوبه بندي تحت اهڙا قابل اعتراض مضمون لکجي رهيا آهن جن ۾ مخلف اهم مذهبي شخصيتن تي سڌوسنئون نالو وٺي توهين آميز ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن قسم جو انداز تحرير ڪنهن به انصاف پسند رڪن لا ناقابل قبول آهي ۽ خود فورم لا به نهايت نقصانڪار آهي. اهڙن مضمونن کي لکڻ جو مقصد صرف مسلمانن جي مختلف فرقن ۾ فتنو وجهڻ ۽ شر کي هوا ڏيڻ کانسوا ڪجهه به نه آهي.

    سنڌ سلامت فورم هڪ آزاد فورم آهي، جتي هر رڪن کي اخلاق جي دائري ۾ پنهنجي مسلڪ جي ڄاڻ پهچائڻ جو حق حاصل هئڻ گهرجي ۽ اسان کي اها حقيقت به تسليم ڪرڻ گهرجي ته ڪنهن ٻئي مسلڪ بابت مختلف اعتراضات يا اهم ڄاڻ پڙهندڙنن تائين پهچائڻ به ڪو مڪروهه فعل نه آهي. اسلام کي سمجهڻ لا اسان کي مختلف فرقن جي اعتراضي مسئلن کي به سمجهڻو پوندو، ان لا مستند حوالن سان مختلف حساس موضوع ڇيڙڻ ، انهن کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ غلط نه سمجهڻ گهرجي، اسان کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته هن قسم جا مضمون سمجهڻ ۽ سمجهائڻ اصل ۾ دين اسلام کي ئي سمجهڻ آهي.

    افسوس جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ سلامت فورم تي هر رڪن کي مليل ان آزادي جو فائيدو ڪافي رڪن اهڙي ريت وٺندا آهن جو اهي ڪنهن به مسلڪ جي شخصيتن خلاف سخت لفظن جو استعمال ڪري انهن احترام لائق شخصيتن جي ڪردار ڪشي ڪرڻ جون مذموم ڪوششون ڪرڻ لڳندا آهن، جيتوڻيڪ اهي ڪوششون به هڪ حد تائين برداشت ڪري سگهجن ٿيون صرف ان وقت تائين جيستائين پڙهندڙ تائين ان شخصيت جي حمايت ڪندڙن جو مؤقف به نه پهچي وڃي، ان کان پو اهڙا مضمون تالو لڳائي روڪيا وڃڻ گهرجن، اهڙي طريقي سان عام پڙهندڙ تائين ٻه مخلتف نظريا رکندڙن جا مؤقف پهچي وڃن ٿا، جيڪو هن فورم جو اصل مقصد به هئڻ گهرجي ته غير جانبدار رهي هڪ ئي موضوع متعلق ٻن مختلف نظرين کي پڙهندڙن تائين پهچائي ڇڏي. ڇو جو مان سمجهان ٿو ته هڪ ئي وقت هر مسلڪ کي خوش رکڻ به سنڌ سلامت فورم لا ممڪن نه آهي.

    جيتوڻيڪ سنڌسلامت فورم جا ڪيترائي رڪن ايترا باشعور ۽ سلجهيل آهن جو اهڙن بدنيتي سان لکيل مضمونن جي اصل حقيقتن کان آگاهه ٿي وڃن ٿا پر ان جي باوجود اهڙن فتنه پيدا ڪندڙ مضمونن جو فورن نيڪ نيتي سان مستند حوالن ، دليلن ۽ ثبوتن سان رد ڪرڻ به وقت جي هڪ اهم ضرورت آهي.
    مون هميشه اهڙي صورتحال ۾ ڪنهن به رڪن جي اهڙن مضمونن جي شڪايت انتظاميه کي نه ڪئي آهي بلڪه انهن مضمونن ۾ حصو وٺي با اخلاق طريقي سان پنهنجو مؤقف عام پڙهندڙن تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

    مون کي شديد ڏک آهي ته هن فورم تي هڪ رڪن جي ڪيل بيشمار اعتراضات کي ته برداشت ڪيو ويو پر جڏهن انهن اعتراضات جا جواب مڪمل ثبوتن ۽ دليلن سان ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو ته فورن مذڪوره مضمون کي مڪمل ۽ فورن منظر تان ئي غائب ڪيو ويو ...!!

    هڻن ته ايئن گهرجي ها ته هلندڙ مضمون کي اتي جو اتي بلاڪ ڪري پڙهندڙن تائين اهو نياپو موڪلجي ها ته ٻنهي ڌرين جا مؤقف پهچي چڪا آهن، انڪري اڳتي مضمون کي هلڻ کان روڪجي ٿو، هي طريقيڪار پهرين مضمونن ۾ به ڪئين ڀيرا ٿي چڪو آهي.

    سنڌ سلامت انتظاميه کي احساس هجڻ گهرجي ته هن قسم جا مضمون لکڻ ۽ وري انهن جا جواب لکڻ هڪ محنت طلب ڪم هوندو آهي. جڏهن اهڙا حساس موضوع شروع ٿي وڃن ته انهن کي اهڙي ريت هڪدم مڪمل ختم ڪرڻ لکندڙن لا نهايت مايوس ڪن صورتحال ٿي ويندي آهي. جيڪڏهن ڪنهن ڌر پاران هلندر مضمون ۾ غير اخلاقي جواب اچي به وڃن ته اهو مضمون کي ختم ڪرڻ جو جواز قطعي نه بنجڻ گهرجي، اهڙي صورتحال ۾ مذڪوره جوابن کي ختم ڪرڻ ئي مناسب حل ٿئي ٿو، سنڌ سلامت ۾ اڪثر اهڙا مرحلا ماصي ۾ به آيا آهن ۽ هيمشه غير خلاقي جوابن کي ختم ڪري تنبيهه ڪئي وئي آهي ، پر افسوس هن ڀيري اهو به نه ڪيو ويو..!!!

    مان هڪ سينيئر رڪن جي حيثيت سان ۽ مڪمل ذميداري سان اها ڳالهه لکي رهيو آهيان ته هلندڙ مضمونن کي اهڙي ريت مڪمل ختم ڪرڻ هڪ غيرمناسب قدم آهي، جنهن تي سنڌ سلامت انتظاميه کي فورن نظرثاني ڪرڻ گهرجي. گڏوگڏ منهنجي سنڌ سلامت انتظاميا کي گذارش آهي ته پنهنجي پاليسي تي نظر ڦيرائين ۽ مسقبل ۾ اهڙن انتها پسند قدمن کان پرهيز ڪن..!! ٻي صورت ۾ شايد هن فورم تي صرف واهه واهه ۽ لائيڪ ڪرڻ وارا رڪن ئي رهجي ويندا ۽ سنڌ سلامت پي ٽي وي وانگر رڳو اهو ئي تصور ڦهلائيندو رهندو ته سنڌ ۾ کير جون نديون وهن پيون ۽ هتي جي عوام وڏي خوشحال ۽ ڏينهون ڏينهن ترقي جي منزلن ڏانهن وڌي رهي آهي..!!
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏16 اپريل 2015
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سنڌ سلامت تي اهڙا مباحثه بلڪل به نئين ڳالهه نه آهن.. فورم شروعات کان ئي مذهب سيڪشن جي مواد کي سنڀالڻ، سلجهائڻ ۽ فيصلو ڪرڻ جي فڪر ۾ رهيو آهي.. ان باوجود جو اهڙي ذميداري اڳ به مختلف انتظامي رڪنن يا عام رڪنن مان چونڊ رڪنن جي حوالي ڪئي وئي آهي ته هو انصاف ڪري مواد جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري رڳو درست ۽ با اخلاق مواد فورم تي برقرار رهڻ ڏين ۽ جتي به مناسب سمجهن بداخلاقي يا ڪريل گفتگو ڪندڙ رڪن يا وري مذهبي شخصيتن جي توهين ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪن.. پر اهڙن ذميدارين کي نڀائڻ انهن سنڀاليندڙن جي وس ۾ نه رهيو جنهن جو ڪارڻ يا ته سندن مذهبي معلومات جي گهٽتائي يا وري رڳو پنهنجي ئي فرقي جي ڄاڻ هجڻ آهي...
    ان ڪري هميشه مون کي ئي هڪ قدم اڳتي کڻي مواد ۽ رڪنن کي سنڀالڻ جو ڪم نڀائڻو پوندو آهي.. پر جيئن ته مان خود به ڪو عالمِ دين نه آهيان نه وري درست يا غلط کي پرکي سمجهڻ ڄاڻان ان ڪري بحث ڪندڙن کي تيسين ڇوٽ ڏيندو رهيو آهيان جيسين هو اخلاق کي هٿ ۾ رکيو ايندا آهن... حالانڪه بااخلاق هجڻ باوجود انهن جي لکيل تحريرن ۾ لڪايل طنز، ٽوڪ ۽ زهريلي تنقيد صاف نظر ايندي آهي پر احساسن ۽ دلي مذهبي عقيدن خلاف ايترو ردِ عمل اچڻ فطري تقاضو سمجهندي هميشه نظر انداز ڪندو رهيو آهيان.. ها جڏهن به بداخلاقي صاف نظر اچڻ لڳندي آهي ته رڪنن جي توهين کي روڪڻ لاءِ بس هميشه وانگر هڪ ئي هٿيار استعمال ڪندي موضوع کي وڌيڪ بحث کان روڪيندو آهيان..
    يقينن اهو عمل به درست انصاف ناهي هوندو پر درست ۽ غلط جو فيصلو ڪرڻ ئي اهڙن موضوعن ۾ گهڻو ڏکيو هوندو آهي...
    توهان مٿي جن موضوعن جو ذڪر ڪيو آهي.. انهن موضوعن کي اڃان تائين ختم نه ڪيو ويو آهي... پر في الحال منظر کان رڳو ان ڪري هٽايو ويو آهي ته مون وٽ هن وقت اهڙن حساس موضوعن کي پڙهڻ ۽ رڪنن جي لڪيل مقصد کي سمجهڻ لاءِ گهربل انٽرنيٽ جي رفتار موجود نه آهي.. هن وقت به هي جواب موبائيل انٽرنيٽ (2جي) استعمال ڪندي موڪلي رهيو آهيان..
    توهان سميت سنڌ سلامت تي موڪليندڙ هر رڪن جي مواد کي هميشه قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي.. بس دوستن کي با اخلاق رهڻ جو درس شايد سمجهه نه ٿو اچي .. اهو ئي سبب آهي جو مخاطب ڪندي به عام روايتي اخلاقي لفظ توهان تائين ادا ڪرڻ ڪونه ٿو ڏانءُ اچي.. پنهنجي ڳالهه سمجهائڻ يا زوريءَ ٻئي کي مڃرائڻ جي چڪر ۾ اهڙا رڪن توهان بجاءِ تون تون ڪري رڪنن کي مخاطب ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا آهن... ۽ سچي ڳالهه ته اها آهي ته سنڌ سلامت تي رڪنن کي هڪ ٻئي کان اهڙي طريقي سان مخاطب ڪرڻ تي ئي دل جهرندي رهندي آهي ۽ جڏهن ڳالهه ان کان به اڳتي نڪرڻ لڳندي آهي ته پوءِ موضوعن کي بند ڪرڻ ۽ رڪنن کي تنبيهون ڏيڻ کان سواءِ ڪجهه رهندو ئي ناهي..
    توهان جي هن اپيل نما موضوع جو دل سان قدر ڪجي ٿو ۽ واعدو ڪجي ٿو ته نشاندهي ڪيل موضوعن مان نامناسب لفظن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري موضوعن کي ظاهر ڪبو پر ان شرط سان ته جيئن وڌيڪ بحث نه ٿي سگهي.. ته جيئن رڪنن جي ڪيل محنت ضايع به نه ٿئي ۽ دير سوير پڙهندڙن کي ٻنهي رخن جو مواد موجود ملي..

    اميد ته انتظاميه جي مجبورين کي سمورن رڪنن طرفان سمجهيو ويندو.. لک لائق
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    شڪر آهي ته سنڌ سلامت انتظاميه ادا قريشي جي دانهن تي تڪڙو مناسب جواب ڏئي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته هاڻ سنڌ سلامت انتظاميه ڪجه ميچوئر ٿي آهي. نه اسان ته سالن کان اهڙيون دانهون ڪندا ٿي آيا سي پر غير ميچوئر ۽ غير ذمه دار انتظامي رڪنن سٺن سٺن مضمونن ۽ رڪنن جي محنت کي ردي جي ٽوڪري جي زينت بڻائي ڇڏيو!
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ادا قريشي جهڙي ذميوار دوستن جا هن جهڙا موضوع مون کي لاگن ٿيڻ لاء مجبور ڪندا آهن. نه ته ڪيئي ادا قريشي جهڙي محنت ڪندڙ رڪن ائين دانهون رڙيون ڪندي فورم تان غائب تهي ويا. شڪر آهي ته انتظاميه کي ان جو احساس ٿيو آهي ته سٺن رڪنن جو غائب ٿيڻ جو سد باب ڪيو وڃي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    انتظاميه ميچوئر ٿئي باقي ٻين تي اهو بار ناهي ...... مونکي سمجهه ۾ ئي نه ٿو اچي ته فورم تي اهڙا مذهبي موضوع ئي ڇو ٿا موڪليا وڃن جو وضاحتون اچن ۽ انتظاميه کي بقول اوهان جي ميچوئر ٿيڻو پوي.
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ سلامت گذريل ڇهن سالن کان هلي پئي .... اها ٻي ڳالهه آهي ته سنڌ سلامت فورم تي ڪڏهن تيزي ته ڪڏهن وري خاموشي اڳ به رهندي رهي آهي. رڪن غائب ٿين ٿا، مجبوريون اٿن، وري اچن ٿا، ڪي نوان دوست نئين جوش سان اچن ٿا ۽ وري ٿڪجي پون ٿا يا وري ڪجهه دوست پاسو ڪري وڃن ٿا .... اهو سندن فيصلو هوندو آهي، سنڌ سلامت انتظاميه ڪنهن تي به بار زور ناهي رکيو. گهڻو ڪري اسان وٽ مذهبي موضوع ئي تنازعي جو سبب بڻجن ٿا. ان جو سبب آهي اسان وٽ موجود فرقه واريت ۽ سوچ ، عدم برداشت، ضد ...... جيڪا 15 صدين کان هلندي اچي.

    سچ اهو آهي ته دوستن پاران مذهبي سيڪشن ۾ ڪيل گستاخين سبب مونکي سنجيده دوستن کان الائي ڇا ڇا ٻڌڻو پوندو آهي ...... پر ڪري ڪجهه به ناهيان سگهندو .... اهوئي سبب آهي جو چاهيندي به ڪجهه سٺيون ڳالهيون به مذهبي سيڪشن ۾ ناهيان پوسٽ ڪندو ته متان ڪٿي ڪو دوست ناراض نه ٿي پوي.

    الا ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن
    مون سين مون پرين ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    اسان جو پيارو دوست ادا سليمان وساڻ لکي ٿو ته
    ادا سليمان وساڻ.. توهان جي ڳالهه درست آهي ته اها ذميواري سڀني رڪنن تي عائد ٿئي ٿي پر اصل ذميواري ته وري به انتظاميه جي ئي آهي ۽ رهندي. جڏهن به هلندڙ مضمون ۾ اهڙا مشڪل مرحلا اچن ته غير جانبدار انتظاميه جو فرض ٿئي ٿو ته پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري ۽ ڪو وچ وارو رستو ڏسي. هي طريقو ته خالص اسلامي طريقو آهي ته جڏهن ٻه مسلمان ڀائر پاڻ ۾ ڪنهن ڳالهه تي اٽڪي پون ته ٻيا غير جانبدار مسلمان انهن جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ رنجشن کي ختم ڪرڻ جو ڪوششون ڪن.

    سنڌ سلامت ۽ سنڌ الڳ الڳ نه آهن. هتي به سنڌ جيان ساڳيا مسئلا ساڳيا جهيڙا ۽ ساڳيون مشڪل حالتون پيدا ٿينديون رهن ٿيون ۽ ٿينديون رهنديون. اها هڪ زميني حقيقت آهي. سنڌ سلامت تي غير حقيقي يا خوابن واري ماحول جو تصور هڪ مذاق ئي هوندو.

    سنڌ سلامت فورم هڪ اهڙو پليٽ فارم مهيا ڪري ٿو جتي هر سنڌي پنهنجي سوچ ، پنهنجا خيال ۽ پنهنجا عقيدا ٻين تائين پهچائي ٿو ۽ نتيجي ۾ ٻين جي مخالفت ۽ پاڻ تي سخت تقيد به برداشت ڪري ٿو. اهڙي طرح مختلف رايا ۽ مخلتف نظريا پڻ سامهون اچڻ شروع ٿين ٿا. جن کي پڙهي هر هڪ رڪن پنهنجي پنهنجي ڄاڻ ۾ خاطر خواهه اضافو به ڪري ٿو.

    مان سمجهان ٿو سنڌي ٻولي ۾ هر قسم جي علمي ڄاڻ سڄي دنيا ۾ سنڌي پڙهندڙن تائين پهچائڻ ئي هن فورم جو اصل مقصد هجڻ گهرجي ۽ آهي، جنهن مقصد کي هن وقت تائين سنڌ سلامت انتظاميه ڪاميابي سان ، محنت ۽ قومي جذبي سان بخوبي پورو به ڪيو آهي.

    باقي رهي ڳالهه ته اهڙا موضوع ئي ڇو ٿا موڪيا وڃن ته ادا مان سمجهان ٿو هي فورم يا جيڪي به ٻين ٻولين ۾ فورم نيٽ تي موجود آهن، اهي ڪنهن ڪتاب جيان نه آهن جن کي پڙهندڙ رڳو پڙهي سگهن ۽ ليکڪ سان اختلاف را رکڻ باوجود خاموش رهن ۽ صبر ۽ برداشت سان پنهنجي ڳالهه پنهنجي دل ۾ ئي رکي ڇڏين.

    هنن فورمز جي سڀ کان سُٺي ۽ پاڻ ڏانهن ڇڪيندڙ ڳالهه اها آهي ته پڙهندڙ جو ڪنهن به لکيل ڳالهه سان متفق هجڻ ضروري نه آهي ۽ ڪو به رڪن ڪنهن به ليک تي پنهنجي ذاتي را ڏئي مخالفت ڪري سگهي ٿو يا پنهنجي وڌيڪ تشفي لا يا ڄاڻ لا اصل ليکڪ کا وضاحت گهرڻ جي گذارش به ڪري سگهي ٿو. اها ڳالهه ڪا ايتري خراب به نه آهي بلڪه ان عمل کي سڄي دنيا ۾ سکڻ ۽ سيکارڻ لا ضروري سمجهيو وڃي ٿو.
    سنڌ سلامت فورم به يڪ طرفه (one sided) نه آهي ۽ نه ئي هجڻ گهرجي. ڪتاب ، اخبارون ۽ رسالا مڪمل الڳ انداز سان معلومات پهچائڻ جا ذريعا آهن، جڏهن ته آن لائين فورمز تي معلومات پهچائڻ جو وري هڪ الڳ انداز هوندو آهي.

    سنڌ سلامت انتظاميه کي غيرجانبداري سان ۽ محتاط انداز سان هر رڪن جي مذهبي جذبن جو احترام ڪرڻ گهرجي ۽ هلنندڙ بحث دوران ٻئص ڌريون جيستائين اخلاق جي حدن ۾ رهي هڪ ٻئي سان اختلاف ڪنديون رهن تيستائين کين بحث مباحثه ڪرڻ جي اجازت به ڏيڻ گهرجي. ظاهر آهي ته الڳ الڳ مؤقف پيش ڪرڻ دوران هڪ ٻئي جي مخالفت ڪندي ٻنهي ڌرين پاران ڪجهه سخت لفظ به استعمال ٿي ويندا آهن، اها هڪ فطري ڳالهه آهي. ان صورتحال ۾ به اهو مؤقف اختيار ڪجي ته جنهن رڪن خلاف اهي جملا بيان ڪيا ويا آهن اهو پاڻ جيستائين شڪايت نه ڪري تيستائين انهن جملن کي برقرار رکيو وڃي ته جيئن پڙهندڙن تائين ٻنهي ڌرين جو اصل چهرو پهچندو رهي، انهن جو اخلاق ، انهن جي لفظن جو استعمال عام پڙهندڙن کان لڪائڻ غير ضروري آهي.
    ٻي اهم ڳالهه اها ته مخلتف اهم اسلامي شخصيتن کانسوا مخلتف مسلڪن جي اهم شخصيتن جي ادب احترام جو خيال رکڻ به بيحد ضروري آهي، ان جي لا هر رڪن کي پاڻ خيال رکڻ گهرجي. ڪنهن مضمون ۾ اهم شخصيتن خلاف تحفظات يا اعتراضات اچي به وڃن ته ان وقت تائين انتظار ڪيو وڃي جيستائين ٻين رڪنن جو مؤقف به پيش ٿي وڃي. اهڙي طرح سان هي فورم پڙهندڙ تائين رڳو اعتراضات برا اعتراضات پهچائڻ بجا اعتراضات ۽ انهن جا جواب پهچائي سندن ڄاڻ ۾ اضافو ڪرڻ جي مقصد ۾ ڪامياب ٿي سگهندو.

    بلڪل ادا سنڌ سلامت ڇهن سالن کان هلي پئي ۽ اسان جون دعائون آهن ته سنڌ ۽ سنڌ سلامت فورم جو وجود قيامت تائين برقرار رهي ۽ رهندو. انشاالله.
    پر.........
    ان جي لا اسان کي هڪ فعال ٽيم کي تيار ڪرڻو پوندو. ادارا يا فورمز بند انڪري ٿيندا آهن جڏهن اهي انفرادي شخصيتن تي دارومدار رکندا آهن. سنڌسلامت فورم کي ڪجهه مخصوص شخصيتن جو محتاج بنائڻ بدران هر دور ۾ ۽ هميسشه قائم رکڻ لا اهڙو طريقو ۽ اهڙو سسٽم تخليق ڪريون جو هي علم ۽ ادب جو سلسلو هميشه قائم و دائم رهي. بخدا منهنجو مقصد توهان تي يا ڪنهن به انتظامي دوست تي تنقيد ڪرڻ نه آهي، مان صرف اها گذارش ڪري رهيو آهيان ته سنڌ سلامت کي هڪ اداري جيان ترتيب ڏيڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾ هر ذميدار ماڻهو جون پنهنجون پنهنجون ذميواريون هجن ۽ سندس غير موجودگي ۾ سندس نعم البدل به پهرين کان موجود هجي ته جيئن پيار محبت جو هي ڏيئو هميشه ڪاميابي سان ٻرندو رهي.

    سنڌ سلامت فورم تي چهن سالن ۾ 6 هزار جي قريب رڪن بڻجي چڪا آهن، مطلب هر سال هڪ هزار رڪنن جو اضافو ٿئي ٿو، پر فيس بڪ جي ڪنهن به تفريحي پيج تي نظر ڦيرائبي ته ڪجهه ئي مهينن ۾ انهن جا 10 کان 15000 رڪن بڻجي وڃن ٿا..!!
    ان جو سبب اهو نه آهي ته سنڌي ماڻهو نيٽ گهٽ استعمال ڪن ٿا، يا انهن کي علم يا ادب سان ڪا دلچسپي نه آهي، پر ان جو سبب اهو آهي جو اڪثر سنڌي ڪمپيوٽر تي سنڌي لکڻ کان اڄ به اڻ واقف آهن. سنڌ سلامت فورم نه صرف سنڌي ادب کي سنڌين تائين پهچائي رهيو آهي پر سنڌي ماڻهن کي ڪمپيوٽر تي سنڌي بولي لکڻ لا پڻ اتساهي رهيو آهي، ان جي باوجود اسان گهڻو پوئتي آهيون. اڙدو ٻولي جي سنڌي ٻولي آڏو ڪهڙي حيثيت آهي..!! پر افسوس اڄ اڙدو ٻولي سنڌي ٻولي کان گهڻو اڳتي نڪري چڪي آهي.

    سنڌ سلامت تي اهڙو ماحول ، اهڙيون دلچسپيون پيدا ڪرڻ گهرجن جو ڪو به سنڌي هڪ ڀيرو اچڻ کان پو روزانو هن جو ڦيرو ڀرڻ تي مجبور ٿي وڃي. اسان کي اڃا به وڌيڪ بهتري جون ڪوششون ڪرڻ گهرجن. رڪنن جو ناراض ٿيڻ هڪ وقتي فيصلو هوندو آهي. ڪو به سنڌي اهو نه چاهيندو ته هي فورم بند ٿي وڃي.
    مخلتف رڪنن جو سنڌ سلامت تان غائب ٿيڻ جو اهم سبب سندس ذاتي ڪم ڪار ئي ٿي سگهن ٿا باقي جيڪڏهن ڪو ناراض ٿي به ويو آهي ته کيس پرچائڻ ۽ سندس جائز خدشا دور ڪرڻ به انتطاميه جو فرض آهي. اسان سڀ هتي هڪ ئي گهر جا ڀاتي آهيون. جيڪڏهن ڪو هڪ ڀاتي ڪاوڙجي وڃي يا ٻه ڀاتي وڙهي پون ته گهر جو وڏو انهن جا ويڇا ختم ڪرائيندو آهي ان وقت ايئن نه چئبو آهي ته اهو سندس فيصلو آهي ۽ اسان ڪنهن تي زور زبردستي نٿا ڪري سگهون...!! انتظاميه کي گهر جي وڏي جيان ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ٻي صورت ۾ گهر جا ڀاتي هڪ هڪ ڪري ويندا رهندا ۽ هڪ ڏينهن گهر ويران بڻجي ويندو..!!

    مذهبي موضوع تنازعي جو باعث ٻنجندا آهن تڏهن ئي ته انهن موضوعن کي رڪنن جي هڪ وڏي اڪثريت شوق سان پڙهندي آهي. اهو هر رڪن جي صوابديد تي ڇڏڻ گهرجي ته هو سنڌ سلامت جي ڪهڙي سيڪشن جو ڪهڙو موضوع شوق سان پڙهي ٿو ۽ اهو به رڪنن جو حق آهي ته انهن مضمونن سان متفق ٿئي ٿو يا نه. سنڌ سلامت انتظاميه جي ذميواري صرف اها هجڻ گهجي ته مخلتف علمي ادبي ڄاڻ سنڌي ٻولي ۾ عام پڙهندڙن تائين پهچائيندي رهي.

    ادا سليمان ...توهان جن سنجيده دوستن کي ًگذارش ڪندس ته انهن مذهبي مضمونن کان پاسيرا رهن ۽ پنهنجي مخصوص عقيدن تي لڪير جا فقير بڻجي پابند رهن. :)
    پنهنجن عقيدن جي مخالفت پڙهڻ جي جنهن دوست ۾ سهپ هجي اهو ئي انهن مضمونن کي پڙهي باقي ٻيا " تمام دوائين بچون ڪي پهچ سي دور رکين" وانگر سنڌ سلامت جا ٻيا کوڙ سارا سيڪشن موجود آهن انهن کي پڙهندا رهن.;)

    مان سمجهان ٿو ڪجهه تکيون مٺيون ڳالهيون لکي ڇڏيون اٿم، ممڪن آهي ته ڪجهه ڳالهيون توهان کي ناگوار به لڳيون هجن. ان لا پيشگي معذرت قبول ڪندا.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏18 اپريل 2015
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. محمد نويد جمالي

    محمد نويد جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    213
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    نواب شاھ
    انتظاميا تي تنقيد ڪرڻ سٺي ڳالھ ناهي. ڇو انتظاميا بنا ڪنهن لالچ جي رضاڪارانه طور تي ڪم پئي ڪري. ذميداري وري به اسان رڪنن جي ئي آهي ته اهڙي قسم جي حساس موضوع کي نظرانداز ڪري ڇڏيون. وڌيڪ بحث ئي نه ڪريون.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو