• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تون ڌاريو ديس منهنجي ۾

تون ڌاريو ديس منهنجي ۾

____________________

رڳو ناحق رڳو راڙيون ٿين پيون ديس منهنجي ۾

هي ڪهڙو ماڻهپو تنهنجو اچين ٿو ديس منهنجي ۾

کائين ٿو حق سنڌين جا مسلمان ڀي چوائين ٿو

هي ڪهڙي آ مسلماني ظلمت ديس منهنجي ۾

هن جا هي وسيلا سڀ ڦرين ٿو تون ناحق سڀ

ٻي جو حق ممنوع آ ٿو کائين ديس منهنجي ۾

ڌرتي ديس منهنجي جي اچين ٿو تون هتي ڇالئه

تون ڌاريو آ تو ڌاريو آ هتي هن ديس منهنجي ۾

تو سان جهيڙو آهي جاجڪ مري ويندي اڙي مروان

اٿيا سنڌي ٻڌي سندرو جڏهن هت ديس منهنجي ۾


رسول بخش دائود پوٽه
 
Back
Top