• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اينڊروائيڊ ڊيوائيس کي ڪمپيوٽر سان ڪنٽرول ڪريو...

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى

grG6JyY.jpg



سمارٽ فونز کي ڪمپيوٽر سان ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ هوئن ته کوڙ سارا پروگرام آهن.. پر تازو نظر مان گذرندڙ Mobizen جو ته اصل جواب ناهي.. ڇو ته ان ذريعي توهان جو فون پوري طرح ڪمپيوٽر جي ڊيسڪٽاپ تي موجود هوندو آهي.. جنهن کي مائوس سان بلڪل اهڙي طرح استعمال ڪري سگهجي جهڙي طرح فون کي پنهنجي هٿ جي آڱرين سان ٽچ ڪندي استعمال ڪري رهيا هجو..
هن جي اضافي خوبي اها آهي ته فون کي ڳنڍڻ لاءِ يو ايس بي ڪيبل، وائي فائي، ٿري جي يا وري ايل ٽي اي انٽرنيٽ کي به استعمال ڪري سگهجي ٿو.. موبي زين جي ڪنفگريشن ڪجهه توجه ضرور گهري ٿي پر منجهائيندڙ بلڪل به ناهي .. ان لاءِ..
  • سڀ کان پهريان سندن ويب سائيٽ www.mobizen.com تي وڃو جتان پلي اسٽور جو لنڪ حاصل ڪندي ايپليڪيشن ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو..
  • ايپليڪيشن جي انسٽاليشن کان پوءِ توهان ان جو کاتو بڻايو جنهن لاءِ رڳو پنهنجي اي ميل ايڊريس ۽ پسند جو پاسورڊ لکڻو پوندو..

  • RuFPu8.jpg

  • فون تي ايپليڪيشن انسٽال ٿي ويندي ته ان جي سيٽنگز ۾ توهان پنهنجي پسند جي ڪنيڪشن کي چونڊيو .. مثال طور توهان فون کي ڪهڙي ڪهڙي ذريعي ڪمپيوٽر سان ڳنڍڻ پسند ڪرڻ چاهيو ٿا..

17144723036_7cc823b4da_o.jpg

  • فون کي مڪمل طور پي سي سان ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ فون تي ڊيولپر موڊ ۽ ان ۾ يو ايس بي ڊي بگنگ موڊ جو فعال هجڻ ضروري آهي.. جيڪڏهن هي آپشز فعال نه هوندا ته موبي زين توهان جي رهنمائي پڻ ڪندو رهندو ته جيئن سولائي سان انهن کي فعال ڪري سگهجي..
  • ان کان پوءِ توهان ان جو ڊيسڪٽاپ پروگرام ڊائونلوڊ ڪري ڪمپيوٽر تي انسٽال ڪريو جنهن جي سائيز گهڻي نه رڳو 35 ايم بي آهي.. اهو ڊيسڪٽاپ ورجن پڻ سندن ويب سائيٽ تان ئي ڊائونلوڊ ڪري سگهبو آهي..
  • پهريون دفعو جڏهن توهان هن کي انسٽال ڪري هلائيندو ته هي پنهنجي ويب سائيٽ تان ڪجهه وڌيڪ اپڊيٽس ڊائونلوڊ ڪندو .. اپڊيٽ مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هي پروگرام ۾ لاگ ان اسڪرين توهان جي سامهون آڻيندو..
  • فون تي انسٽاليشن کان پوءِ جيڪا اي ميل ايڊريس ۽ پاسورڊ توهان چونڊيو هيو اهو ٽائيپ ڪريو ته توهان جي اڳيان توهان جو فون توهان جي ڪمپيوٽر جي ڊيسڪٽاپ تي توهان جي سامهون هوندو..

  • 6wyBB0.jpg

هاڻي توهان ان کي مائوس ذريعي اهڙي طرح استعمال ڪري سگهو ٿا جهڙي طرح آڱر سان ٽچ ڪندي توهان پنهنجي فون کي استعمال ڪندا آهيو.. فون ۾ موجود وڊيوز يا تصويرن کي ڪمپيوٽر جي وڏي اسڪرين تي ڏسي سگهڻ پڻ هاڻي آسان هوندو...
 
اسلام عليڪم ڀائرو
ڪم بهترين آ پر وڊيوز جوآواز ڪمپيوٽر ۾ ڪون پيو اچي . موبائيل ۾ اچي ٿو ان جو ڪو جڳاڙ هجي ته ونڊ ڪجو
 
ڪو سٺو اسڪرين آزمائي ڏسو..
سٺو ڪلپ به آزمائي ڏٺو آهي وڊيو پلي ڪرڻ وقت موبائيل ۾ موجود وڊيو پليئر ئي سليڪٽ ٿي سگهنٿا ۽ آواز به موبائيل ۾ ئي اچي پيو ، باقي ڪال ڪونه ڪري ڏٺي آهي ، ٿي سگهي ٿو ڪال جو آواز به موبائيل ۾ ئي اچي!
 
Back
Top