• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪينجهر ۽ اتان جي سنڌين جو وجود۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
اقوامِ متحده جي رپورٽ جي مطابق پاڪستان جي ڪل آبادي جا 10 ڪروڙ ماڻهون اهڙا آهن جن وٽ پيئڻ لاءِ صاف پاڻي موجود نه آهي۔۔۔ ۽ وري انهن مان 2 ڪروڙ ماڻهون گندي پاڻي واپرائڻ جي ڪري مختلف قسم جي بيمارين ۾ جڪڙيو وڃن۔۔۔ آخر ائين ڇو۔۔۔؟
ڇا اسان وٽ وسيلن جي گهٽتائي آهي۔۔۔ ؟ ڀلا جيڪي وسيلا موجود آهن ۔۔۔ ڇا اسان انهن وسيلن جو خيال رکون ٿا۔۔۔ ؟
اهڙن سوالن جي جواب لاءِ ايڪسپريس ٽي وي جي پروگرام شعور تحت ڳولا شروع ڪئي ۔۔۔ سنڌ جي خوبصورت ۽ مٺي پاني واري ڍنڍ ”ڪينجهر“ ڪراچي جي ويجهو هجڻ ڪري اڪثر گهمندڙ سان ڀريل رهندي آهي۔۔ پر هاڻي اها خوبصورت ڍنڍ مسلسل آلودگي جي ور چڙهندي پئي وڃي ۔۔ جنهن جو ڪوبه حال احوال وٺندڙ نه آهي۔۔۔
سنڌ سلامت جي رڪنن کي ڪينجهر جي حال کان واقف ڪندڙ هي پروگرام ٽن وڊيوز جي صورت ۾ لڳائي رهيو آهيان۔۔۔ ڇو ته سنڌ جي تاريخي ماڳ جو ذڪر ٿي رهيو آهي ان ڪري وڊيوز جي اردو هجڻ کي نظر انداز ڪيو وڃي۔۔۔

http://www.youtube.com/watch?v=peRj7dzAb8c

http://www.youtube.com/watch?v=7MkXbwRq1MY

http://www.youtube.com/watch?v=uJaZqNKm_Y4
 
جواب: ڪينجهر ۽ اتان جي سنڌين جو وجود۔۔۔

سائين زبردست شيئرنگ آهي
ڏاڍي ڏک جي ڳاله آهي ته سنڌي حڪومت هوندي اهو حشر آهي
 
جواب: ڪينجهر ۽ اتان جي سنڌين جو وجود۔۔۔

ادا سائين پاڪستان سڳوري ۾ حڪومت کڻي ڪنهنجي به هجي، پر سڄي پاڪستان جي مظلوم قومن سان ۽ خاص ڪري سوني ڪڪڙ سنڌ سان اهو ئي حشر رهندو ۔۔۔ سوال اهو ناهي ته حڪومت ڪنهنجي آهي؟ سوال اهو آهي ته ڪهڙو نظام آهي ۽ اسان ڪهڙي مصيبت ۾ ڦاٿل آهيون ۔۔۔ ڪينجهر ته ڇا درياهه سڪندو پيو وڃي، منڇر جي حالت اسانجي سامهون آهي، فصل اسانجا ختم ٿيندا پيا وڃن، ٻيو ته ٺهيو هاڻ قومي سگهه ۽ قومي سوچ به خطري ۾ آهي ۔۔۔ قوم هوندي ته قومي خزانا به استعمال ٿيندا ۔۔۔ نه ته پهاڪو آهي ۔۔۔ ڌڻ ته ڌڻي نه ته وڪڻ کڻي ۔۔۔ ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي، قوم اڃان ڪيترو سمهندي ؟ سوال اهو آهي ۔۔۔
 
سائين اهو ئي ته قومي نظريو آهي
 
Back
Top