• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

فيسبوڪ جا قانون اصل زندگيءَ ۾....

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
مان ڪجهه ڏينهن کان فيسبوڪ کان ٻاهر اصل زندگيءَ ۾ به پنهنجا دوست ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان پر ڪوشش آهي ته اصول ساڳيا اهي فيسبوڪ وارا ئي رکان!
پوءِ ڪجهه ايئن آهي ته مان هر روز پنهنجي گهٽيءَ مان لنگهندو آهيان، اتي ويهندڙ ماڻهن کي ٻڌائيندو آهيان ته مان ڇا کائي رهيو آهيان، مان ڪيئن محسوس ڪري رهيو آهيان. مان ڪجهه وقت اڳ ۾ ڇا ڪيو ۽ ڪجهه دير کان پوءِ ڇا ڪندس! مان ٻين جون ڪچهريون پڻ ٻڌڻ لڳو آهيان ۽ انهن مان هر ڪنهن جي جملي تي مان ايترو چوندو آهيان "پسند آيو" مان انهن کي ڪتڪتاڙيون به ڪڍندو آهيان ۽ اها شئي اثر به ڏيکاري چڪي آهي،
اهو ئي سبب آهي جو ايتري مختصر عرصي ۾ منهنجا ٽي فالوور به ٿي چڪا آهن جيڪي هر وقت مون کي فالو ڪن ٿا ۽ مون کي ڳولي رهيا آهن.
هڪ : پوليس وارو
ٻيو: چرين جو ڊاڪٽر
ٽيون: گدوءَ جي وين وارو ڊرائيور....



facebook-addict.jpg
 
هههههههههههههههههههههههههههه...
بچ مست بچ... پهرين فالوور جي وَر چڙهئين ته هڙئي وَر ڪڍي ڇڏيندئي..
 
Back
Top