ساحل تنها دوست جنهن شعور پيج تي مذهب ۽ مسلماني تي ڪجه تنقيد ڪئي آ جنهن جو جواب ڏيڻ ۽ ڪجه عرض گذارش رکڻ واجب ٿا سمجهون ___________________________________________________ ڀائو جي ڳالهين مان لڳي ٿو ادو دهريو آهي ۽ اهو دهريو هجڻ به هن جي شعور جي گهٽتائي ۽ ڪمي آ جو هن سماج کي سمجهي نه سگهيو آهي .....هن مطابق سڀ ڪجه عقل آ باقي سڀ ڪوڙ آ دوکو آ .....پر ڀائو کي اها شايد خبر نه آهي ته هي دنيا عربين سال کان وجود رکي ٿي ۽ هي سائنس ۽ وغيره جنهن کي هي ڪل سمجهي ٿو ان کي ته شروع ٿيندي ڪجه صديون ٿيون آهن ته پو هي بنو نوغ انسان اڳم ۾ جيڪا عمر گذاري سان ڪم جي نه هئي ۽ هاڻي هي سهولتون آهن ۽ اڃا به سهولتون وڌنديون ......؟؟؟؟؟؟؟ ادا ايئن نه آهي ڀاءُ هي ڪجه صدين کان تون ڇو ٿو ڳڻين تو ته شرعات ڪر ڪيئن انسان پيدا ٿيو ڪيئن ڪائنات پيدا ٿي ....ها هي تو کي عقل ٻڌائي ٿو يا مذهب ....مذهب به اسلام جنهن تنهنجي ڳاله روحن کان ڪئي جنهن جو دليل قرآن ۾ ۽ منهنجي مرشد لطيف ڏنو آ الست بربڪم جڏهن ڪن پيوم ..... هاڻي سائنس روحن بابت ڇا ٿي چئي .... هن سماجي شعور بابت ڇا ٿي چئي ...... ها جيئن ٻيڙي پاڻي تي ئي هلي سگهي ٿي آساني سان ۽ تنهنجو آواز ڪم جو ئي نه آهي هوا نه هجي ته جيئن ته هنن کي ميڊيم جي ضرورت پوي ٿي ساڳي نموني تنهنجي عقل کي به مذهبي ميڊيم جي ضرورت پوي ٿي ور نه بيڪار آ عقل ڏاهپ _____ عقل کي سڀ ڪجه سمجهڻ وارا پهرين اهو ته ڏس جڏهن تون ماءُ جي پيٽ “۾ هئين ته تون ان عقل کان خالي هئين جڏهن هن دنيا ۾ آئين ته پهرين رڙ سان شروعات ڪيئه جڏهن ته رڙ جو ڪو سبب به نه هيو پو پنجن سالن تائين تون لفظ به نه ڳالهائي پئي سگهين ۽ آهستي هن ماحول ۽ معاشري جي ماڻهن توکي ڳالهائڻ سيکاريو ۽ شين جي تميز سمجه ڏيڻ شروع ڪئي تان جو عقل سليم تي پڳين 40 سالن ۾ ۽ پو وري تنهنجو عقل گهٽجڻ شروع ڪيو تان جو 72 ۾ آئين ۽ ڪم کان به فارغ هاڻي ان شيءِ تي ڪيئن ٿو ڀروسو ڪري سگهجي جيڪا ننڍي ٿي وڌي ٿي ۽ وڏي ٿي گهٽجي ٿي ...جي هن کي مذهب اسلام جيڪو هڪ مڪمل دين آ دين فطرت آ نه هجي ته پو جانور ۽ انسان ۾ فرق ئي نه آهي جنهن جو مثال اهو ته ته يورپ ۾ اوگهڙ جو تصور ئي نه آهي نه ستر ڪنهن ڀيڻ جو ڀاءُ جي لاءِ آهي ...هي ادا ترقي يافته انسان جانور کان به بد تر آهي شعور لحاظ کان ڇو ته جانور به پنهنجي اوگهڙ ڍڪي ٿو ۽ هن جو ڪنٽرول الله وقت سان منسوب ڪري ڇڏيو ....ڳاله کي مختصر ڪجي ته جنهن عقل تي ڀڀڪيون پيو ڏين ٿو اهو ڪنهن ۾ آهي ته ڪنهن ۾ آهي ئي ڪين جيڪو گدوحيدرآباد ۽ نفسياتي ڪنهن هاسپيٽل ۾ ڌڪا پيو کائي ...ان تي تون پورو جو پورو هلڻ ٿو چاهين پر ان عقل کي عقل سليم ڪرڻ واري مذهب جي چيچ کان سواءِ اهو ائين ئي آهي جيئن آواز هوا کان بنا ڪنهن تائين ڪين پڄندو تون ڀل ڀڀڪيون هڻندو ره ...۽ اهو تنهنجو عقل سالم نه چئبو ڇو ته انسان کي خليقيندڙ وٽ ان جي هر ڀلي بري جو تدارڪ جي خبر آ سو اهو ئي قانون فطرت کي سمجهي تنهنجي لاءِ سوا لک انبيا موڪليا جن تنهنجي يعني انسان جي سماجي جوڙجڪ ڪندي ڪندي آنحضرت صلي الله وسلم جو دين آيو جيڪو هڪ مڪمل تڪميل ٿيل آ هن تي هلڻ سان بهتري آ انسانيت جي لاءِ سڪون آ آرام آ ......سو هونش ڪر بي هونش نه ٿي سماجي رويا جيڪي تو کي حلال حرام ماءُ ڀيڻ زال ۾ تميز سيکاري هن معاشري کي هڪ بهترين دڳ پيو ڏي تنهن کان تون انڪاري ....ڊارون توکي هاڻي چيو ته جاندار منجها جاندار ۽ بي جان منجها جاندار ۽ جاندار منهنجا بيجان پيدا ٿي سگهي ٿو منهنجي قرآن ته تو کي اهو به عقل ڏنو ته انسان مٽي منجهان بي جان شيءِ منجها ۽ پو هڪ مان ٻه ....۽ پو نسل درنسل کي ٽيئن طريقي سان مباشرت سان سلسلو هلائي ڏنو...... وڃي ڳوله ....عقل استعمال ڪر ان کي سمجهڻ لاءِ جنهن ۾ اميبا جي تصور ۾ هڪ ۾ ٻه ٿيڻ جو عمل تنهنجي عقل کي سالم ڪيو ته هو قدرت الله هر شيءِ تي قادر آ ....فباا يٰ اعليءِ ربڪمٰا تڪذبان.........جاري