• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسان به ٻڪري وانگر آسرن ۾ آهيون

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
هڪ دفعي هڪ ٻيلي ۾ هڪ ڀولڙي کي ٻيلي جو بادشاهه منتخب ڪيو ويو. ڀولڙي جو مزاج جيئن ته ٺينگ ٽپا ڏيڻ وارو هوندو آهي ۽ ان کي هڪ جاءِ تي ويهڻ نه ايندو آهي ان ڪري اُن ٻيلي ۾ ”جهنگل ۾ منگل“ وارو مثال لڳو پيو هو. هر جڳهه تي جتي بادشاهه سلامت ويندو هئو، ڪچهريون مچي وينديون هيون. بادشاهه سلامت جي درٻار سجي ويندي هئي.
هڪ ڏينهن ڀولڙو بادشاهي جي ڪرسي سنڀالي ويٺو هو، درٻاري به موجود هئا ته هڪ ٻڪري فرياد کڻي آئي ۽ چيائين ته بادشاهه اڄ صبح شينهن آيو هو ۽ چيائين ته مان تنهنجا ٻچا کائي ويندس. ڀولڙي بادشاهه ان ٻڪريءَ جي ڳالهه وڏي غور سان ٻڌي ۽ پوءِ تيزيءَ سان ڀولڙو وڻ تي چڙهي ويو، هڪ وڻ کان ٻئي وڻ تي ٽپو ڏئي ايئن سو وڻن تائين گهمي ڦري وري ڪجهه لمحن ۾ ساڳئي ڪرسي تي اچي ويٺو ۽ ٻڪري کي چيائين تون بي فڪر ٿي وڃ شينهن تنهنجي ٻچن کي ڪجهه نه ڪندو. ٻڪري ڀولڙي بادشاهه تي ڀروسو ڪري واپس هلي وئي.
ٻئي ڏينهن وري درٻار لڳو، ساڳئي ٻڪري ويچاري روئيندي پٽندي آئي، بادشاهه منهنجا ٻه ٻچڙا هئا، ٻنهي کي شينهن کائي ڇڏيو ۽ ڌمڪي ڏنائين ته سڀاڻي منهنجي مڙس کي کائيندو. اهو ٻڌي ڀولڙو وري اڳ کان به وڌيڪ تيزيءَ سان ٽپو ڏئي وڻ تي چڙهيو ۽ گهمندو ڦرندو اڌ ٻيلي جو چڪر ڏئي وري موٽي آيو. ٻڪريءَ کي چيائين ”تون وڃ، شينهن تنهنجي مڙس کي ڪجهه به نه ڪندو“ ٻڪري ويچاري وري بادشاهه جي لفظن تي ڀروسو ڪري هلي وئي.
ٽئين ڏينهن تي درٻار لڳڻ کان به اڳ ۾ ٻڪري ويچاري اُتي پهچي وئي ۽ جيئن ئي ڀولڙي بادشاهه کي ڏٺائين ته ٻيڪاٽ ڪري سڄو ٻيلو مٿي تي کڻي روئڻ لڳي... بادشاهه سلامت ظالم شينهن منهنجي مڙس کي به کائي هليو ويو ۽ سڀاڻي مون کي به کائيندو.
ڀولڙي وڏي همدردي واري شڪل ٺاهي ۽ ٻڪريءَ جي مٿي تي هٿ گهمايا.. چيائين ”ڏس مان تنهنجي ڪري ڪيڏي ڀڄ ڊڪ ڪئي ، هزارين وڻن جو چڪر هنيو پر قدرت کي ڪجهه ٻيو ئي منظور هيو. هاڻي وڃ، جيڪو تقدير ۾ هوندو اهو ٿيندو“
جيڪڏهن ڏسجي تي اسان جي حالت به ان ٻڪريءَ کان مختلف ناهي، اسان جا حڪمران ساڳيا لٽيرا ماڻهو جيڪي اسان جي لاءِ وڏا وڏا دعويٰ ڪن ٿا پر حقيقت ۾ اسان جي لاءِ ڪجهه نه ٿا ڪن ۽ وري جڏهن ڪو حادثو ٿئي ٿو ته ڪاغذي ڪاروائين ۾ يا ٽي وي جي پروگرامن ۾ اچي وڏي همدردي ڏيکارين ٿا ته اسان ايئن ڪنداسين هونئن ڪنداسين. اسان ٻڪريءَ وانگر انهن تي ڀروسو ڪري ماٺ ڪري ويهي رهندا آهيون. خبر تڏهن پوندي آهي جڏهن وري اسان سان ڪِيس ٿيندو آهي ۽ نيٺ اهي ساڳيان حڪمران اهو ئي چوندا آهن ته بابا جيڪو تقدير ۾ هوندو اهو ٿيندو
 
اها خبر هوندي به اسان جي مثال انهي ٻڪري وانگر آهي پوءِ به ووٽ انهي کي ئي ڏيون ٿا جنهن کي پهرين آزمائي چُڪا آهيون. اسان ئي ڪونه ٿا چاهيون ته اسان جي حالت بدلي... ته پوءِ انهي ۾ ڀولڙي بادشاه (حڪمرانن) جو ڪهڙو ڏوه؟
 
Back
Top