سنڌ ڌرتي جيڪا املهه انسانن جي حوالي سان هڪ زرخيز ڌرتي آهي، سنڌ جي ماضيءَ جي تاريخ اهڙن ماڻهن جي اهڙن ڪردارن سان ڀري پئي آهي جنن ماڻهن سنڌ ڌرتيءَ ۽ ٻوليءَ جي بغير ڪنهن لالچ ۽ ذاتي مفاد جي خدمت پئي ڪئي آهي پر اڄ جي دور ۾ به جڏهن مجموعي طور تي ڏسجي ٿو ته سنڌي هڪ قوم جو نظريو ڪجھه ڪمزور آهي۽ هر هڪ پنهنجي ذاتي مفاد جي پورائي لاءِ ڪوشان آهي اُتي اِن نفسانفسي واري دور ۾ به اسان کي اهڙا املهه ماڻهو ڳولڻ سان ملي سگھندا آهن جيڪي پنهنجو پاڻ کي بغير ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي پنهنجي سنڌ وطن ۽ اُن جي ٻوليءَ لاءِ وقف ڪيو ويٺا آهن اهڙو ئي هڪ ماڻهو مون اُن وقت ڳولي هٿ ڪيو جڏهن عبدالعزيز منڱريي صاحب فون ڪئي ته ”ادا! سنڌي جا 50 جي لڳ ڀڳ فونٽس ٺاهيندڙ سائين عبدالستار زرگر توهان جي شهر ۾ رهي پيو توهان جي ڀلا ڪڏهن ملاقات ٿي آهي“ سندس جي اهڙي اطلاع تي حيران ٿي ويس، جئين ته عبدالستار صاحب جي سنڌي ٻولي لاءِ ڪيل خدمتن جي اڳ ئي خبر هئي سندس جا يونيڪوڊ ۾ ٺهيل فونٽس اڪثر زير استعمال رهندا آهن سو سندن نالو منهنجي لاءِ ڪو اجنبي نه هو، عزيز صاحب سائين جو نمبر به ايس ايم ايس ڪري موڪليو، اڃان اهو جو آءُ سائين سان رابطو ڪريان ان کان اڳ سائين خود مون سان رابطو ڪري ورتو. سائين سان فون تي ڳالهائڻ کان پوءِ اهڙي بخت آور شخصيت جنهن پنهنجو پاڻ کي سنڌي ٻوليءَ جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هجي سان ملاقات جو شوق جاڳي پيو. سائين سان پروگرام سيٽ ڪري ملاقات لاءِ ويس. جئين ته اڳ سائين سان ملاقات ٿيل نه هئي، سو پاسي واري دُڪاندار کان پُڇا ڪيم ته سائين عبدالستار زرگر صاحب ڪٿي رهن ٿا؟ اُنهي پاسي ۾ هڪ ڪميپوٽر روم ڏانهن اشارو ڪندي ٻڌايو ته سائين اِتي ويٺو آهي، ڏٺم ته هڪ 50 ۽ 60 جي وچ واري ڄمار جو شخص ڪمپيوٽر تي مشغول لڳو پيو آهي، سلام ڪري سائين سان پنهنجو تعارف ڪرايم جئين ته ان کان اڳ عزيز صاحب سائين کي اسان جي معتلق ٻڌائي چڪا هئا سو آءُ نالي جي حوالي سان سائين وٽ ڪو اجنبي نه هوس. سائين سان تفصيلي ملاقات ٿي، سائين نهايت ئي خوش طبيعت، صوفي مزاج وارا انسان آهن، ۽ مونکي اهو ٻڌي نهايت حيرت ٿي ته پاڻ معمولي پڙهيل آهن ۽ ڪمپيوٽر جي مخصوص پروگرامن کان سواءِ ٻيو ڪو ايترو نٿا ڄاڻن. آءُ انهي کي ڪنهن معجزي کان گھٽ نٿو سمجھان جو سائين جهڙو هڪ بظاهر گھٽ پڙهيل ماڻهو ويهي سنڌي ۾ 50 جي لڳ ڀڳ فونٽس ڊزائين ڪري وٺي، شايد قدرت سنڌي ٻوليءَ جي بقا جي لاءِ سائين کي استعمال ڪري رهي آهي، وگرنه صورتحال اِها آهي جو اسان جا ڪئين آءِ ٽي ڪورس ڪيل به ايم بي سنڌي سافٽويئر انسٽال ڪرڻ نٿا ڄاڻين. سچ پڇجي ته جيڪڏهن عبدالماجد ڀرڳڙي ۽ سندس ئي ٽيم ۾ شامل عبدالستار زرگر جهڙا خلوص مند ۽ پنهنجي زبان جي لاءِ جاکوڙي فرد ڪنهن ٻي زبان کي ملن ها ته شايد اها انهن مان وڏو فائدو وٺي ها ۽ اهڙي زبان وارا کين هڪ نمايان مقام ڏين ها جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ جي لاءِ اهڙا فرد رضاڪاراڻه طور صرف پنهنجي ٻولي جي خدمت جي جذبي هيٺ پاڻ ارپيو ويٺا آهن پر ڏٺو وڃي ته سنڌي قوم کي سندن ڪيل محنتن مان جيڪو فائدو وٺڻ گھرجي ها سو اڃان تائين نه وٺي سگھي آهي. سائين جيڪي فونٽ ٺاهيا آهن سي تمام بهترين دلڪش ۽ سُٺي انداز ۾ آهن بقول سائين جي ته انهن ۾ اڃان به بهتري ۽ نواڻ جي گنجائش موجود آهي پر ڪير دلچسپي وٺڻ وارو به هجي ته! جڏهن سائين کي اِها خبر پئي ته سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ جا ڪجھه نوجوان نه رڳو يونيڪوڊ تي مشتمل سنڌي ويب سائيٽون جوڙي رهيا آهن پر يونيڪوڊ جي ايجاد مان پڻ فائدو وٺي رهيا آهن ته سائين ۾ وري به پنهنجي ٻولي جي خدمت جو حوصلو جاڳي پيو آهي ۽ سائين جي بقول ته هو نهايت خوشي محسوس ڪري رهيو آهي ته سنڌ جي نوجوانن ۾ پنهنجي ٻولي بابت ڪم ڪرڻ جو شعور جاڳي رهيو آهي. سائين نه رڳو سنڌي زبان ۾ فونٽس تي ڪم رهيو آهي پر ڪجھه اهڙا فونٽس به ٺاهيا آهن جيڪي ايم بي سنڌي جي ڪيبورڊ ۾ ئي اردو لکي سگھن ٿا جنهن سان ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن مضمون يا ڪتابي لکت جي وچ ۾ ايندڙ اردو عبارت لکڻ ۾ آساني ٿيندي. ٻيو ته اهڙو فونٽ سنڌي ڪيبورڊ تي هريل ماڻهو آساني سان اردو جي لاءِ استعمال ڪري سگھي ٿو. سائين عبدالستار زرگر جهڙا ماڻهو يقينن پنهنجو فرض ادا ڪري رهيا آهن ۽ انهن جنهن ٻوليءَ ۾ لوليءَ ورتي آهي اُن ٻولي جو قرض چُڪائڻ جي لاءِ عملي جذبي ۽ ڪم سان ميدان ۾ موجود آهن ضرورت اِن ڳالهه جي آهي ته اسان سندن جي ڪاوشن مان فائدو وٺڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪريون ۽ اهو ئي ڪنهن زندهه قوم جو شعار هوندو آهي. آفتاب احمد ٽالپر