حفيظ ڪنڀر جا فوزيه حفيظ جي امڙ بابت لکيل تاثرات

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏18 اپريل 2015۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    سنڌ جي نامياري ليکڪ جنهن هيٿن گُل مهندي ۽ مور اُڏاڻا مور جهڙا يادگار ناٽڪ لکيا تنهن ڳڙهي ياسين جي سيد فئملي سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر فوزيه شاهه سان شادي ڪئي. ادي فوزيه کان هڪ دفعي پُڇيم
    ”ادي ايتري اڪيلائي جو سبب آخر ڇا؟“
    چئي ”ادا بابا جڏهن اسان کي شهر آندو ته ڳوٺ جي ڪُجهه مائٽن اسان سان ۽ ڪُجهه سان اسان رابطو رکڻ پسند نه ڪيو. باقي ڪُجهه هُئا جن اسان کي ۽ اسان انهن کي وساري ڇڏيو. ايئن اڪيلا ٿي وياسين.“
    اڄڪلهه هو ابو ظهبي ۾ رهي ٿي جتي سندس ماءُ انتهائي ڳڻتي ڄوڳي حالت ۾ آهي. حفيظ اُن بابت پنهنجا تاثرات ۽ يادون لکيون جيڪي هُن جي اجازت سان هتي ڏجن ٿيو،

    فوزيه جي امي:

    فوزيه کي هُن ٻانهُن، ڇاتي، ڀاڪرن، چُمين ۽ دُعائن ۾ ويڙهي سنڀاليو ۽ پڙهايو ڇو ته فوزيه کي ڊاڪٽر بنائڻ جو خواب سندس والد غُلام مُصطفى شاهه اڌ ۾ ڇڏي هليو ويو هو. شاهه صاحب Law ڊپارٽمينٽ ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري هُئا جِن کي پروموشن جو ليٽر ۽ ڦڦڙن جي ڪئنسر جي رپورٽ ساڳي ٽئبل تي ساڳي ڏينهن مليا. هي اُهو ئي غلام مُصطفىٰ شاهه هو جنهن جو ذڪر شيخ اياز پنهنجي آٽو بايوگرافي ۾ ڪيو آهي، ٻئي يار هُئا. فوزيه کي يتيمي مئٽرڪ ۾ ملي. پوري فئملي ۾ هڪ ماءُ ۽ هڪ ڌي ۽ ٻي ڪراچي جي چؤطرف اڪيلائي هُئي. فوزيه ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ۾ هلي وئي.

    زندگي فليٽ ۾ سُري چُري رهي هُئي. هو ڊاڪٽر ٿي وئي. فوزيه جي ڊاڪٽري فوزيه جي نؤڪري اما جي خوشي هُئي. ٻه زندگين ۽ هڪ فليٽ تي 24-25 سال گُذري ويا هڪ ڏينهن هُن ماءُ سان مون جهڙي بي ترتيب ۽ ان ڊسيپلينڊ شخص سان شادي جي ڳالهه ڪئي ۽ اُن هفتي اسان ٻنهي ڪورٽ ۾ شادي ڪئي. 2006 کان پوءِ هُن جي هٿ جي لٺ walker ۾ تبديل ٿي وئي ۽ پوءِ walker ويل چيئر ۾ تبديل ٿي ويو. امان بستري داخل ٿيندي وئي. هُن وٽ هاڻي انگريزن جي دؤر جو ۽ اُن کان پوءِ جي شڪارپور، سکر ۽ ڳڙهي ياسين جون ڳالهيون هيون. تسبيح، سيراندي کان دوائون، ٽي وي سيٽ ۽ فوزيه سان رابطي لاءِ هڪ فون سيٽ جنهن تان هو فقط هڪ ئي نمبر ملائيندي هُئي سو هو فوزيه جو. مون به امان کي 9 سال فوزيه جو نمبر ڊائل ڪندي ڏٺو. بس . . . . .۽ ٻيو فوزيه جي پابنديءَ سان جاب جو ڊيلي فڪر.

    ”نؤڪري تي اڄ نه وئين؟؟“ هُن جو سوال

    فوزيه: ”امان اڄ ته آچر آهي موڪل آهي.“ فوزيه امي کي ڊيوٽي تي وڃڻ کان اڳ ۾ چُمي ڏيڻ ڪڏهن به نه وساريو.

    ”پنهنجو ڊاڪٽري وارو اڇو ڪوٽ پائي پوءِ امي کي ڀاڪر پائي نه“ امان هُن ڪڏهن ڪڏهن ياد ڏياريندي هُئي ۽ پوءِ فوزيه جي واپسي جو اوسيئڙو . . .جيستائين هو گهر پُهچي.

    هُنن ٻنهي جي هر عيد ڇا هُئي؟ صُبح اک کُلي. فوزيه نوان ڪپڙا پاتا. بستري تي پيل امان کي چُمي ڏيئي ايندڙ عيد تائين عيد مُبارڪ چيو. هڪ فليٽ ۾ ٻنهي جي عيد ٿي وئي ۽ ايئن سالن تائين ٻه زندگيون رهيون. ٻه ڀاتين تي مُشتمل هن ”فئملي“ سان گڏ منهنجي پهرين عيد تي فوزيه مون کي ٻُڌايو

    ”“هن گهر ۾ 25 سالن کان پوءِ پاڻ 3 ڀاتي عيد ملهائي رهيا آهيون. عيد واقعي اهڙي سُٺي هُجي ٿي ڇا؟

    ”اسان ٻئي اُن ڏينهن سمنڊ ڪناري ويا هُئاسين“ فوزيه والد جي وڃڻ کان پوءِ سمنڊ جي چيچ پڪڙي رکي هُئي. امان کي هڪ ڪمري ۾ هفتا مهينا سال ٿي ويندا هُئا. ڏينهَن جي يادگيري به کسجي ويندي هُئس. هو اگر روم مان ويل چيئر تي نڪتي به سهي ته هاسپٽل وڃڻ لاءِ ئي نڪتي.

    ”اڃان نؤڪري تي ڪون وئي آهين؟“

    فوزيه: ”امان! اڃان ته ٽائم ڪونهي ٿيو. 10 منٽن جي پنڌ تي ته ضياءُالدين هاسپٽل آهي.“

    امان: ”ها ٺيڪ آهي.“

    ”تون امان لاءِ پوليس جي نؤڪري نه ڳولين. . . .Competent interrogator ٿيندي“ فوزيه مون کي کِلي چوندي هُئي. پاڪستان ۾ هُن جي ويل چيئر روم مان آخري ڀيرو 2013 ۾ نڪتي هُئي ۽ ابو ظهبي ۾ به اهڙو ئي روم هُن جو انتظار ڪري رهيو هو جتي هُن جو بيڊ آڪسيجن مشين، ويل چيئر۽ فوزيه سان جاب ٽائم ۾ رابطي ۾ رهڻ لاءِ ٽيليفون سيٽ هو ۽ شڪارپور ڳڙهي ياسين جو يادگيريون هُيون. هُن جي جسم مان جڏهن آڪسيجن گهٽ يا سوڊيم جي جي ڪمي ٿيندي هُئي ته هو Hyponatremia ۾ هوندي به ڳڙهي ياسين لاءِ وفلندي هُئي. هُن انگلئنڊ گهُميو، هانگ ڪانگ ڏٺو، وري اسپين هلي ۽ سڀ وساري ڇڏيو. هُن وٽ سُلطان ڪوٽ ۽ ڳڙهي ياسين جون يادگيريون ئي هيون. امان جيئن اسان اسان گڏ بارسيلونا مان واپس آئي ته هُن جون ڳوٺ جون يادگيريون وڌڻ لڳيون.

    ”فوزيه بيبي! هيڏانهن اچ ته توسان ڳڙهي ياسين جون ڳالهيون ڪريان!“

    فوزيه: ”امان اچان ٿي. . .ماني کائي وٺان.“ هُن فوزيه جي سامهون مون کي سدائين ”ڇوڪر“ يا ”ڇوڪر حفيظ“ سڏيو. مون تي اُن جي کلندي سدائين وضاحت ڪئي. ”منهنجي لاءِ ته تون ڇوڪر آهين نه پُٽ؟“

    ”ڇوڪر ماني کاڌي؟“

    ”ڇوڪر حفيظ جي طبيعت صحيح آهي نه؟“

    هُن مون کي جڏهن به سڏيو ابا چئي ۽ پُٽ چيو ۽ دُعائون ڏنيون. هُن جي دُعائن جا آرزومند ماڻهو هُن کي ”وڏي امان“ چوندا هُئا.

    هي وڏي امان 2 اپريل تي وري اُن ويل چيئر تي روم مان نڪتي. هاسپٽل پُهتي. ايمرجنسي روم کان پوءِ ICU ۾ آئي جتي وينيليٽر هُن جي انتظار ۾ هو. هاڻي نه هو فوزيه کي سڏي ٿي نه مون کي. نه اسان ٻنهي کي گڏ آواز ڏي ٿي ۽ ڊاڪٽر چون ٿا ته هُن کي گهر مُنتقل ڪرڻ نا ممڪن آهي. ويل چيئر بيڊ جي ڀر ۾ آهي. فوزيه هر هر روئي مون کان پُڇي ٿي . . .”امان گهر واپس ايندي؟“

    آءُ چوان ٿو ”توکي هُن ڊاڪٽر بڻايو. تو هُن کي بيڊ تي ڏهه سال سنڀاليو. تون ئي ڊاڪٽر آهين. ٻُڌاءِ ته امان واپس ايندي گهر؟“

    اسان ٻئي ڄڻا ٽي ڪُشادن رومز واري فليٽ ۾ . . .هڪ ٻئي کي ان سوال جو جواب ڏيڻ لاءِ مُنهن تڪيندا ٿا رهون. . . . .!


     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533

هن صفحي کي مشهور ڪريو