عبدالعزيز لغاري
سينيئر رڪن
سجود اهڙو ڪريان سڄڻ کي ڀلي ته زاهد چڙي پوي
حيران ٿين ڀلي هڙئي نمازي وضو ملان جو ڇڙي پوي.
سڄڻ کي سجدو ڪرڻ اگر جي گناه آھي ته پوءِ ڇاهي؟
سڄڻ جي خاطر سزا ملي ڀل
نصيب اهڙو کُلي پوي.
هڪ ئي ڌڪ ۾ هڙئي ڪفارا
قضا ٿين منهنجيون سڀئي نمازان
ادا وڃن ٿي هڪ ئي پل ۾
قضا جو قائل سڙي پوي.
اگر مگر جي هت ڳالھ نه هلندي
عشق وارن اڳيان ڪنهن جي دال نه ڳرندي
عشق ته آھي باغ عدن جو
حُسن جو گل ٽِڙي پوي.
عشق ۾ جيڪو مسرور ٿئي ٿو
دنيا جا سڀ سور سهي ٿو
عشق ته آھي سارو چريائي
عقل جي ڪَل ٿڙي پوي
حيران ٿين ڀلي هڙئي نمازي وضو ملان جو ڇڙي پوي.
سڄڻ کي سجدو ڪرڻ اگر جي گناه آھي ته پوءِ ڇاهي؟
سڄڻ جي خاطر سزا ملي ڀل
نصيب اهڙو کُلي پوي.
هڪ ئي ڌڪ ۾ هڙئي ڪفارا
قضا ٿين منهنجيون سڀئي نمازان
ادا وڃن ٿي هڪ ئي پل ۾
قضا جو قائل سڙي پوي.
اگر مگر جي هت ڳالھ نه هلندي
عشق وارن اڳيان ڪنهن جي دال نه ڳرندي
عشق ته آھي باغ عدن جو
حُسن جو گل ٽِڙي پوي.
عشق ۾ جيڪو مسرور ٿئي ٿو
دنيا جا سڀ سور سهي ٿو
عشق ته آھي سارو چريائي
عقل جي ڪَل ٿڙي پوي