عبدالعزيز لغاري
سينيئر رڪن

سنڌ جي سدا بهار صوفي بزرگ حضرت سلطان الاوليا خواجه محمد زمان رحه لواري شريف واري جا ڪجھ بيت اهل فڪر اهل نظر دوستن جي نانءُ .
ڪي عناصر ۾ اڙيا ڪي تارن ۾ ترسن
ڪي لنگهي جڳ جسم جو وڃي روح رسن
تهان پوءِ طبقا روح جا لکين لک چون
ڪي اول درجي اڙيا ڪي ٻين ٽئين اڙي اڀن
ڪوڙين منجهان ڪن روح لنگهي رب ڀيٽيو.
بي عمل عالم لاءِ پاڻ فرمائن ٿا.
تن توجه تونه ٿو سر نايون سجده ڪرين
من جي مري ماري جو سڳو سورين سونه
ڪڏھن ٿيندئي ڪونه ڦوڪي ڌوتي فائدو.
آقا نامدار حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي حقيقت جي باري ۾ فرمائن ٿا ته
حقيقت حبيب جي عجب جهڙي آھ
نڪي چئبو سو ڌڻي نڪي مخلوقاءِ
شفق جي ساڃاءِ جامع ليل نهار کي.
هڪ جڳه پاڻ فرمائن ٿا.
پريان جي پچار ۾ اچي جن آرام
دنيا تن کي دام پڇن موسم موت جي.
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: