شهيد نذير عباسي هڪ اهڙو عظيم اڳواڻ هو، جنهن پنهنجي مقصد ۽ نظرئي خاطر اجتماعي مفادن انفرادي مفادن کي قربان ڪري ڇڏيو. نذير عباسيءَ 10 اپريل 1952 ع تي ٽندوالهيار ۾ هڪ اهڙي غريب گهراڻي ۾ اکيون کوليون، جنهن کي صدين کان پيڙهيو ويو. هو ننڍپڻ دوران تمام گهڻو شرارتي ۽ ذهين نذير شاگردي دوران پڙهڻ بدران سماجي ڪمن تي وڌيڪ ڌيان ڏيندو هو. هو پنهنجا ڪتاب کڻي اسڪول جي غريب ۽ مسڪين شاگردن کي پڙهڻ لاءِ ڏيندو هو. توڙي جو انهي عمل تي گهر وارا مٿس ناراض ٿيندا هئس پر هو پنهنجي مٺڙين ڳالهين سان پنهنجي گهر وارن کي راضي ڪري وٺندو هيو. هن شعور سنڀالڻ کانپوءِ پنهنجي سياسي وابستگي ملڪ جي هڪ کاٻي ڌر سان جوڙي، جيڪا ملڪ جي مزدورن ۽ پورهيتن لاءِ جاکوڙي رهي هئي. نذير عباسي حساس طبيعت جو مالڪ ۽ محبتي ماڻهو هو. هن ۾ ڪنهن به قسم جي خودي ۽ وڏائي نه هئي. سدائين پنهنجي ساٿين جو احترام ڪندو هو. هو پاڻ کي به ڏکيو رکي پنهنجي ساٿين جي تڪليفن کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو.اهو ئي سبب هو جو هو جڏهن به جيل ۾ ويندو هو ته سياسي قيدي کيس تمام گهڻو ڀائيندا هئا. هن پنهنجي ذاتي زندگيءَ بدران تنظيمي ذميوارين کي اهميت ڏني. هن پنهنجي سڄي زندگي غريب ۽ مسڪين شاگردن ۽ مظلوم ۽ پيڙهيل ماڻهن جي آجپي ۽ خوشحاليءَ لاءِ وقف ڪري ڇڏي. هو انهي عوامي جدوجهد واري سفر ۾ سهڪيو ضرور پر ٿڪو ڪٿي به نه ...! توڙي جو انهي سفر ۾ کيس تمام گهڻين ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو پر هن انهن سڀني کي بهادري سان ڏئي پنهنجي عملي جدوجهد جو ثبوت ڏنو. نذير عباسي کي 30 جولاءِ 1980 ع تي ڪراچي جي هڪ گهر مان گرفتار ڪيو ويو. گرفتاريءَ بعد سندس جسم تي وحشياڻو تشدد ڪيو ويو. سندس جسم تي سگريٽن جا ڏنڀ ۽ بجليءَ جا ڪرنٽ لڳايا ويا. هن تي ايترو ته تشدد ڪيو ويو جو سندس نڪ ۽ وات مان رت ريلا ڪري وهڻ لڳو. هن کي هڪڙي گهڙي به سمهڻ نه ڏنو. جيڪڏهن هن جي اک لڳي به وئي ٿي ته هن کي ڌڪ هڻي ننڊ مان جاڳايو ويو... گرفتاري جي نون ڏينهن کانپوءِ هن تشدد جا تاءَ نه سهندي هميشه لاءِ پنهنجون اکيون ٻوٽي ڇڏيون .مرڻ بعد سندس مڙهه گهر وارن کي نه ڏنو ويو ۽ رات جي اونداهيءَ ۾ ڪراچي جي سخي حسن قبرستان ۾ دفنايو ويو. هن کي انهيءَ ڪري ماريو ويو جو هن هڪ اهڙي دنيا گهري پئي، جنهن ۾ ڪو به پيٽ بکيو ۽ انگ اگهاڙو نه هجي. ڪو به طبقاتي فرق نه هجي. ڪنهن به ظالم ۽ مظلوم جو تصور نه هجي. برابري وارو نظام هجي، جنهن ۾ ماڻهن کي زندگيءَ جون سموريون سهولتون ميسر هجن. ڪو به ڪسمپرسي وارين حالتن ۾ روڊن ۽ ڦٿ پاٿن تي ڀٽڪي ڀٽڪي نه مري.. دنيا ۾ جيڪي ماڻهو مقصد خاطر پنهنجي جان جو نظرانو ڏيندا آهن، اهي مري به امر ٿي ويندا آهن. شهيد نظير عباسي به اهڙن ماڻهن مان هڪ آهي، جنهن کي شهادت جو جام نوش ڪندي ڪيترائي سال ٿي ويا آهن، پر هو اڄ به زنده آهي ۽ زنده رهندو....!! سليم گل چنا، ڪراچي