اسپين جو دلچسپ پر خطرناڪ ترين ايئر پورٽ!

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏19 اپريل 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    [​IMG] ايئرپورٽن کي سڄي دنيا ۾ محفوظ بڻائڻ جي هرممڪن ڪوشش ڪئي ويندي آهي، پر اسپين ۾ هڪ اهڙو ايئرپورٽ به آهي جنهن جي وچان عام ٽريفڪ وارو روڊ به گذرندو آهي ۽ جهاز لهڻ يا اُڏڻ وقت ان کي ڦاٽڪ سان بند ڪيو ويندو آهي، ميڊيائي رپورٽن موجب اسپين جي علائقي جبل الطارق ۾ جبرالٽر ايئرپورٽ تي رن وي جي وچان گذرندڙ روڊ تان عام ٽريفڪ جي رواني رهندي آهي پر جهاز کي گذارڻ لاءِ عام ٽريفڪ کي روڪيو ويندو آهي، جنهن کان پوءِ جهاز رن وي تي پنهنجو سفر مڪمل ڪندو آهي. عملدارن جو چوڻ آهي ته جبل الطارق ۾ ميداني علائقو نه هجڻ جيترو آهي ۽ جتي ايئرپورٽ ٺاهيو ويو آهي اتي رڳو 6.8 ڪلوميٽر علائقو ميداني هو، جنهن کان پوءِ ايئرپورٽ جو رن وي ڪنهن روڊ جي وچان ڪڍڻ کان سواءِ ڪو ٻيو رستو نه هو. جبرالٽر ايئرپورٽ جو هي رن وي مصروف ترين روڊ ونسٽن چرچل ايوينيو وچان گذرندو آهي، ان رن وي کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ان جي ٻنهي طرفان کان بيريئر لڳايا ويا آهن، جتي جئين ئي جهاز لهي رن وي تي ڊوڙندي پنهنجي اصل هنڌ تي پهچندو آهي تيئن ئي بيريئر کي هيٺ ڪيو ويندو آهي ۽ ٽريفڪ هڪ ڀيرو ٻيهر رواني ٿي ويندي آهي، جهازن جي رن وي جي ڪري هتي اڪثر ٽريفڪ کي 10 منٽن جي لاءِ بند ڪيو ويندو آهي ۽ گاڏين جون ڪئين قطارون لڳي وينديون آهن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو