ڪي ماڻهو تاريخ ٿيندا آهن. انهن جي سموري شعوري زندگي مسلسل جدوجهد ۽ پنهنجي آدرشن جي حاصلات لاءِ لڳاتار جاکوڙ جي علامت هوندي آهي. ڪامريڊ چاچا اسماعيل قريشي به هڪ اهڙي ڪردار جو مالڪ هئو. هُو خير پور ضلعي جي شهر سڳيون جي ڀرسان قريشي ڳوٺ ۾ ڄائو نپنو. هوش سنڀاليائين ته ويجهو ئي راڻيپور واري پيرن جي شهرت، نيڪ نامي ۽ دٻدٻو ڏٺائين. روايت موجب پاڻ به ان گاديءَ جو پهريان فقير ۽ پوءِ خليفو بڻيو. ڪيترن ئي سالن تائين هُن جو ڪم راڻيپور جي پيرن جي لاءِ سندن مريدن خادمن کان ڏَنُ وصول ڪري درگاهه تي پهچائڻ هوندو هئو. پوءِ جڏهن 1983 ۾ ايم. آر. ڊي جي تحريڪ پئي هلي ۽ قيادت پاران جيل ڀريو تحريڪ جي حڪمت عملي جوڙي وئي ته چاچو به جيل ۾ وڃڻ لاءِ رضاڪار طور اڳيان آيو. گرفتاريءَ کان پوءِ کيس سکر سينٽرل جيل موڪليو ويو. جتي پهريون ڀيرو سندس ملاقات ڪميونسٽ پارٽي جي ڪارڪنن سان ٿي جيڪي پڻ ان ساڳي ارادي ۽ مقصد سان اڳي ئي قيد هئا. اتي پيپلز پارٽيءَ جا هاڻوڪا ڪجهه وڏا اڳواڻ به باندي هئا جن ۾ نثار کهڙو، بابل جکراڻي، ڄام سيف الله ڌاريجو ۽ ٻيا شامل آهن. ڪامريڊ ڄام ساقي جيل ۾ انهن ساٿين جو اسٽڊي سرڪل وٺندو هئو. ان کان علاوه ساڳي جيل جي جنرل وارڊ ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي دوستن جو هڪ ٻيو اسٽڊي سرڪل پڻ هلندو هئو جنهن ۾ چاچي اسماعيل کي به ويهڻ جو موقعو مليو. جنهن کان پوءِ اها ئي ڪار ٿي جنهن کي ڀٽائي پنهنجي لفظن ۾ هيئن بيان ڪيو آهي: جڏهانڪر ٿيام، ساڃاهه سپيرين سين، تڏهانڪر تِرَ جيترو، وير نه وسريام. اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري. چاچو اسماعيل رڳو جيل منجهان آزاد نه ٿيو پر راڻيپور جي پيرن کان به آزادي ماڻي اچي ڪميونسٽن جي ساٿ جو ساٿي بڻيو. ڪامريڊ غلام رسول سهتي سان سندس گھڻي لڳندي هئي. پنهنجي خانداني بيهڪ ۽ سماجي رتبي جي حساب سان کيس هارين ۾ ڪم ڪرڻ ۽ هارين جي لاءِ ڪم ڪرڻ سڀ کان وڌيڪ سَنهنجو ۽ بهتر لڳو ان ڪري هُو سنڌ هاري ڪميٽيءَ ۾ سرگرم ٿي ويو. پنهنجي شهر سڳين ۾ 1985 ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي ورسيءَ جو شاندار پروگرام رکرايائين جنهن ۾ هاري اڳواڻن، ڪارڪنن، ڪميونسٽ پارٽيءَ جي قيادت کان علاوهه پيپلز پارٽيءَ جو شيخ رشيد، معراج محمد خان ۽ ٻيا چوٽيءَ جا اڳواڻ شريڪ ٿيا. مونکي ياد آهي ته اهو پروگرام ايڏو وڏو ۽ شاندار هئو جو چاچي اسماعيل جلسي گاهه جي لاءِ پنهنجي زمين جا ٻه ايڪڙ پنڊال جي حوالي ڪيا هئا جن کي ٽريڪٽر سان ڪِيڻ هڻي سڌو ڪيو ويو هئو. ان جلسي ۾ گھٽ ۾ گھٽ 2 هزار ماڻهو شريڪ ٿيا هئا. انهن ڏينهن ۾ ئي چاچي اسماعيل کي سنڌ هاري ڪميٽيءَ جي مرڪزي ڪميٽيءَ جي ميمبر طور کنيو ويو ۽ هُن پنهنجون ذميواريون وڏي ايمانداري ۽ نيڪ نيتي سان نڀايون. سنڌ هاري ڪميٽي هميشه ڪميونسٽ پارٽيءَ جو عوامي محاذ رهي آهي ان ڪري جڏهن به پارٽي پاڻ ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي ته سنڌ هاري ڪميٽيءَ سميت سندس سمورن عوامي محاذن ۾ به ان جا اثر ڏٺا ويا. 1987 ۾ پارٽي اندر اختلافن ۽ ڀڃ ڊاهه کان پوءِ سنڌ هاري ڪميٽي به نئين سر منظم ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ چاچو اسماعيل ڪميٽيءَ جو مرڪزي جوائينٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو. اهڙيءَ ريت 1989 واري پارٽيءَ جي ڀڃ ڊاهه کان پوءِ هاري ڪميٽي منجهان به اهي دوست هليا ويا جيڪي پارٽي ڇڏڻ جو فيصلو ڪري چڪا هئا. ان ڪري نئين سر جوڙجڪ ۾ چاچو اسماعيل هاري ڪميٽيءَ جو مرڪزي نائب صدر مقرر ٿيو 1990 ۾ سنڌ جي شهر ڏوڪريءَ ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي صوبائي ڪانفرنس ٿي هئي جنهن ۾ چاچي اسماعيل قريشيءَ کي صوبائي ڪميٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ويو هئو. 2004 ۾ سنڌ هاري ڪميٽيءَ کي ٻيهر منظم ۽ فعال بڻايو ويو. ۽ چاچي اسماعيل قريشيءَ کي ان جو مرڪزي صدر مقرر ڪيو ويو. پنهنجي وفات جي ڏهاڙي يعني 4 مارچ 2009 تائين هُو ڪميونسٽ پارٽيءَ جي صوبائي ڪميٽيءَ جو ميمبر ۽ سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو مرڪزي صدر رهيو. چاچو اسماعيل قريشي انتهائي مضبوط اعصابن جو مالڪ ماڻهو هئو ۽ بهترين ماڻهن سندس ابتدائي تربيت ڪئي هئي. پر ان هوندي به پنهنجي زندگيءَ ۾ مون ٽي ڀيرا کيس ڀڄندي ڀُرندي ڏٺو. پهريون ڀيرو جڏهن 1987 ۾ ڪامريڊ غلام رسول سهتي وارن پارٽي ڇڏي. سهتي سان چاچي جو گھڻو چاهه ۽ لڳاءُ هوندو هئو ان ڪري اهڙي ماڻهوءَ جي هليو وڃڻ سان ضرور تڪليف ٿئي ٿي. ٻيو ڀيرو 1989 ۾ جڏهن ڪامريڊ مانڌل شر ۽ ان جا دوست پارٽي ڇڏي ويا. انهن ڊاڪٽر اعزاز نظير واري لائين اختيار ڪئي. اهو دور به چاچي اسماعيل قريشيءَ لاءِ ڏاڍو تڪليف ڀريو دور هئو. آخري ڀيرو مون کيس ان وقت ڪمزور ڏٺو جڏهن 1991 ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي پارٽي کان الڳ ٿيو. انهن ٽنهي دورن ۾ خيرپور جي ڪامريڊ مير منور ٽالپور جي ڪردار جي وڏي اهميت آهي جنهن چاچي اسماعيل سان لڳاتار ڪچهريون جاري رکيون ۽ کيس نظرياتي ڏڍ ڏيندو رهيو. بهرحال چاچو پنهنجو پاڻ سنڀالي ويو. هُو هڪ هوشيار ۽ مجاهد قسم جو ڪميونسٽ ۽ هاري اڳواڻ هئو. راڻيپور، هنڱورجا، سڳيون ۽ ونگُ سندس مزاحمت ۽ احتجاج ڪندڙ طبيعت جا ساکي آهن. هُو بهادر اڳواڻ ۽ سمجُهو ماڻهو هوندو هئو. هارين جي ننڍن ننڍن مسئلن تي احتجاجي تحريڪ منظم ڪرڻ جو وٽس انوکو ڏانءَ هوندو هئو. هارين جي قوت ۽ سندن انقلابي جوش ۾ کيس مڪمل يقين ۽ ايمان هوندو هئو. هن 85 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي هئي. آخري وقت ۾ سندس صحت بنهه خراب ٿي چڪي هئي ۽ وفات کان ويهارو کن سال اڳ بُڪين جي تڪليف ٿي هئس جنهن کان پوءِ ڊاڪٽرن سندس هڪ بُڪيءَ کي بلڪل ناڪاره قرار ڏئي ڪڍي ڇڏيو هئو. پر ان هوندي به چاچو اسماعيل ماٺ ڪري ويهڻ وارن منجهان نه هئو. هارين جي مسئلن سان پنڌ ڪندي ڪيترائي ڀيرا گرمي لڳڻ سبب ڪِري پوندو هئو ۽ سندس خاندان جا فرد توڙي هاري دوست کيس ايتري جفاڪشي ڪرڻ کان روڪيندا هئا ۽ آرام ڪرڻ جو مشورو ڏيندا رهندا هئا پر هُو آرام ڪرڻ کي پاڻ تي حرام قرار ڏئي چڪو هئو. ڪيترا ئي ڀيرا وڏيرن جي محفلن ۽ جلسن ۾ ري سڏيو وڃي پهتو ۽ پوءِ ڳالهائڻ جو وارو وٺي کين مهذب نموني واهه جو خوار ڪيائين. مثال طور اسان جي تر جي هڪ وڏيري ٻيلي ۾ شڪار جي محفل مچائي هئي جتي سندس ٻاهريان مهمان به آيل هئا. جن ۾ ڪجهه صوبائي ته ڪجهه مرڪزي حڪومت جا وزير پڻ شامل هئا. چاچو اتي بغير سڏائڻ جي وڃي نڪتو ۽ ڀري محفل ۾ وڏيري کي چئي ڏنائين ته توهان وڏيرا ڪڏهن ماڻهن، ڪڏهن جانورن ته ڪڏهن پکين جو شڪار پيا ڪريو، توهان ماڻهن جا نمائندا ڪيئن ٿيئو؟