اعجازممنائي هر ڪو انسان چاهيندو آهي ته منهنجي دنيا ۽ آخرت بهتر ٿئي ۽ جڏهن قبر واري زندگي شروع ٿئي ته قبر خوبصورت هجي ان لاءِ انسان پنهنجي ڪردار کي ٻين جي آڏو سهڻو رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ڇوته هر انسان ڄاڻي ٿو ته جيڪا شي ٺهي آهي سا ضرور ڊهندي هونئن به الله سائين جو قرآن مجيد ۾ حڪم آهي ته هر نفس کي موت جو مزو ذائقو آهي ايتري ساري سچائي کان پوءِ به انسان پنهنجي قبر ڪاري ڪري وجهي ۽ انسانيت جون سڀ حدون لتاڙي ڇڏي ته پوءِ يقينن حيوانيت ئي باقي رهندي ننڍي هوندي ڪتابن ۾ هڪ قصو پڙهندا هئاسين ته هڪ رياست جي بادشاهه بيماريء جي شديد حالت کان پوء اعلان ڪرايو ته جيڪو شخص منهنجي مرڻ کان پوءِ منهنجي قبر ۾ هڪ رات گذاريندو ان کي پنهنجي ملڪ جون واڳون ڏيندس۔اهڙو عجيب اعلان ٻڌي ملڪ ۾ ٿرٿلو مچي ويو نيٺ هڪڙي غريب ڪنڀر ان اعلان تي لبيڪ چيو جنهن وٽ پنهنجي ملڪيت ۾ صرف هڪ گڏهه هيو سو سوچيائين ته مونکي نه ڪو ٻار ٻچو آهي ۽ نه ئي ڪا ٻي ملڪيت آهي تنهن ڪري اهو ڪم ڪرڻ سندس لاءِ آسان آهي آخر فيصلو ڪري بادشاهه جي اڳيان حاضر ٿيو۔ بادشاهه کيس معاهدو ٻڌايو ۽ وزيرن سامهون اعلان ڪيائين ته هي اهو شخص آهي جيڪو منهنجي مرڻ کان پوءِ پهرين رات منهنجي قبر ۾ گذاريندو تنهن کان پوءِ هي توهان جو بادشاهه هوندو ڪجهه ڏينهن کان پوءِ بادشاهه گذاري ويو ۽ وصيت مطابق غريب ڪنڀر کي اطلاع ڏنو ويو آخرغريب ڪنڀر کي قبر ۾ لاٿو ويو ۽ دفن ڪيو ويو ڪجهه دير کان پوءِ قبر ۾ حساب ڪتاب وارا ملائڪ آيا جنهن کي ڏسي ڪنڀر حيران ٿي ويو ۽ کان۔ن سوال ڪيائين ته توهان ڪير آهيو ؟ تنهن تي ملائڪن جواب ڏنو ته اسان توکان حساب ڪتاب وٺڻ آيا آهيون ۔ڪنڀر جواب ۾ چيو ته مون کي دنيا ۾ صرف هڪ گڏهه هيو تنهن جو ڪهڙو حساب ڪتاب؟ تنهن تي ملائڪن کيس چيو ته ها انهيء هڪ گڏهه جو به حساب ڏيڻو پوندو ۔ اهو چئي ڪنڀر کان سوال ڪيائون ته فلاڻي ڏينهن گڏهه کي اجايو لٺيون هنيون هئائين؟ هن جواب ۾ ”ها“ ڪئي ۽ ملائڪن سزا ڏيڻ شروع ڪئي ڪجهه وقت گذريو ته وري پڇيائون ته فلاڻي ڏينهن گڏهه تي لالچ ۾ اچي حد کان وڌيڪ وزن(بار) کنيو هو ؟ ان وري جواب ۾ ”ها“ ڪئي ۽ وري ان جي سزا شروع ٿي ويئي ائين سڄي رات سوال جواب ٿيندا رهيا ۽ ڪنڀر کي سزا ملندي رهي ۔ صبح جو جيئن ئي قبر کوليائون ته ڪنڀر ٻاهر نڪري جهنگ جي طرف ڀڄڻ لڳو ماڻهو سندس پويان دانهون ڪوڪون ڪري ڀڄڻ لڳا ۽ پڇيائون ته بادشاهه سلامت ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو اچو ۽ اقتدار سنڀاليو رعيت توهان جي انتظار ۾ آهي ۔ تنهن تي ڪنڀر جواب ڏنو ته منهنجا ڀائرو مان سڄي رات پنهنجي هڪ گڏهه جو ئي حساب نه ڏيئي سگهيو آهيان ته اڄ اقتدار تي ويهي پوري قوم جو حساب ڪيئن ڏيئي سگهندس ڇا ڪڏهن اسان اهو سوچيو آهي ته قبر جو عذاب ۽ سزا ڇا آهي ۽ اتي ڪهڙين ڪهڙين شين جو حساب ٿيندو ۔اتي ڪير اسان جو حامي بڻجندو ۔ يقينن اتي اسان جا اعمال ئي اسان جي ڪم ايندا پوءِ به اسان اعمالن کي سڌاري انسان ٿيڻ بجاءِ حيوانيت طرف ڇو ڌڪجي رهيا آهيون ڪڏهن اسان اهو سوچيو آهي ۔ اهڙو ئي هڪ انسان حيواني روپ ۾ ڪجهه عرصي کان اسان کي هالاڻيء جي سرزمين تي ڏسڻ ۾ آيو آهي جنهن خلاف ميڊيا ۾ نه صرف خبرون هلنديون رهيون آهن پر مسلسل احتجاجي مظاهرا پڻ ٿيندا رهيا آهن ان حيوان صفت انسان جنهن کي ملڪ جو نالو ڏنو ويو آهي تنهن هالاڻي جي تاريخي قبرستان ”شهيدن جي پٽي“ تي قبضو ڪري سوين قبرون ڊاهي پٽ ڪري لوهه ، ريتي ۽ بجريء جادڪان ٺاهي ڇڏيا آهن هن قبرستان بابت تاريخ ٻڌائي ٿي ته 1856 ع ڌاري ميرن ۽ ڪلهوڙن وچ ۾ هالاڻي ۾ فيصلائتي جنگ لڳي هئي جنهن کان پوءِ ڪلهوڙن جي حڪمراني جو دور پنهنجي پڄاڻي تي پهتو هو ۽ ميرن (ٽالپرن) جي حڪمراني شروع ٿي انهي جنگ ۾ ٻنهي حڪمرانن (ڪلهوڙن ۽ميرن) جا هزارين جنگجو جوڌا پهلوان مارجي ويا هئا جن کي انهي مُقام (قبرستان) جي مٽي ۾ دفن ڪيو ويو هو جنهن کي ” مقام شهيدن جي پٽي “ چيو وڃي ٿو اڄ سڄي تاريخ تي تئو گهمائيندڙ مُک ڪردار جو چهرو سامهون اچي آيو آهي جيڪڏهن ان ڪردار کي تاريخ جو عظيم دشمن چئجي ته وڌائي نه ٿيندو ڇوته ان سنڌ جي تاريخ تي وار ڪيو آهي ۽ ” مُقام شهيدن جي پٽي“جون سوين قبرون مسمار ڪرڻ جهڙو ڪبيره گناهه ڪيو آهي جيڪا وحشي انسان جي نشاني آهي اهڙا آدم خور انسان ته تڏهن پيدا ٿيا هئا جڏهن جهالت عام هئي ۽ دين و ڌرم جو نالو نشان نه هو پر اڄ جي هن سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي دور ۾ اهڙن انسانن جو هجڻ ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي ته جهالت اڃان موجود آهي ۽ جاهل جا سرپرست اڃان اسان جي ڌرتي تي موجود آهن جن جي خاتمي لاِءِ عوامي بيداري مهم جو آغاز هجڻ لازم آهي ڇوته اسان جي عدالتن سڳورين ۾ اهڙا انسان موجود آهن جيڪي وحشي صفت انسانن جي سرپرستي ڪن ٿا جنهن ڪري انهن وحشي انسانن جو غلبو عدالتن تي پڻ ڇانيل آهي انڪري عدالتون انصاف جون تقاضائون پوريون نه ٿيون ڪن تڏهن هنن درندن انسانن کي هٿي ملي رهي آهي ائين مظلوم بي موت مارجي وڃي ٿو هن وحشي صفت انسان کي ڪڌن ڪرتوتن ڪندي ڪافي ڏينهن ٿيا آهن پر مظلوم کي پڪاريندي 78 هفتا يعني 546 ڏينهن گذري چڪا آهن پر ڪوبه کڙ تيل نه نڪتو آهي آخر 24 سيپٽمبر 2013 تي سينئر سول ڪورٽ ڪنڊيارو اهو قبرستان مٿان غير قانوني ۽ غير شرعي قبضو ختم ڪرائڻ ۽ قبرستان جو تقدس بحال ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا جڏهن ته 24 جنوري 2014 ع تي ڪمشنر سکر ڊاڪٽر نياز علي عباسي ۽ گهرو سيڪريٽري پڻ قبرستان تان فوري قبضي ختم ڪرائڻ جا حڪم پڻ ڏنا نه صرف ايترو پر 3 اپريل 2014 تي پاڪستان جي اعليٰ عدالت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سوموٽو قدم کڻندي سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل اختيارين کي قبضي ختم ڪرائڻ جا حڪم به جاري ڪيا پر ڪوبه انهن سڀني اعليٰ احڪامات کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ قانون جي لتاڙ ٿيندي رهي انهن سڀني عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪرڻ مان ثابت آهي ته هتي ناانصافي جو راڄ آهي ان توهين عدالتن کان پوءِ به پُرامن شهري انصاف جو اوسيئڙي رکي پنهنجي جدوجهد ۾ مصروف عمل آهن جيڪڏهن ائين انڌير نگري رهي ته پوءِ يقينا عوام پنهنجي حقن وٺڻ لاءِ مجبور ٿي پنهنجي مدد پاڻ تحت عوامي ڪورٽون لڳائيندو ڇوته عوام ته امن ۔انصاف ۽ سلامتي چاهي ٿو پر اسان جا حاڪم، ڪامورا ، جج ۽ وڏيرا ناانصافي ۽ بدامني کي هٿي ڏيئي پنهنجي ڪرسي بچائڻ لاء غريبن جي قبرن کي به نه ٿا بخشين شايد کين مرڻو ئي نه آهي ۔ جنهن سماج جو روّيو اهڙو ااڍنگو بڻجي وڃي ته پوءِ ماڻهو ته وحشي بڻجندا ئي پر ماڻهپو به ختم ٿي ويندو آهي ۽ ائين انسان گهمندڙ ڦرندڙ لاش بڻجي ويندو آهي اهڙي سماج ۾ انسان دوست قوتن جو ساهه گهُٽجندو رهندو آهي هڪ حساس دل رکندڙ انسان ته انهي قبر کي ڏسي پنهنجي موت کي ياد ڪندو آهي پر هيء ڪهڙي انسانيت آهي جو قبر کي مسمار ڪري اتي پنهنجي دنياوي آبادي ڪري عياشيون ڪيون وڃن جيڪڏهن ڪنهن سان جهيڙو به آهي ته اهو به زندهه سان هوندو آهي مردهه انسان سان ڪهڙو جهيڙو، ڪهڙي ويڙهه ۔۔۔۔۔ اهو ته انسانيت کان به ڪِريل عمل آهي اِها بي حسيء جي انتها آهي جو قبرن جو تقدس پائمال ٿيندي به اسان جو سماج خاموش تماشائي بڻيل آهي ۔