سنڌراڻي مستوئي دنيا ۾ ۽ زندگيءَ ۾ حياتيءَ دوران ۽ ان پڄاڻان رشتن جي وڏي اهميت ۽ تقدس هوندو آهي. رشتا ٺهڻ، رشتا هلائڻ ۽ انهن جو تقدس قائم رکڻ، رشتن ۾ وڌيڪ گهرائي ۽ پنهنجائپ پيدا ڪرڻ، مضبوط ۽ لافاني رشتن جو ٽٽي وڃڻ يا ڪمزور رشتن جو مضبوط ۽ لافاني ٿي وڃڻ اها تمام وڏي فلاسافي ۽ سچائي آهي جنهن تي بحث ٿيندو رهيو آهي ۽ اڳتي به ٿيندو رهندو ڇاڪاڻ ته جيتر ساهه جي تند قائم آهي ۽ هيءَ دنيا موجود آهي رشتن جي پنهنجي اهميت، حيثيت ۽ وجود قائم رهندو. ازل کان ويندي اڄ تائين رشتن جي هڪڙي پنهنجي ڌار محبوبيت آهي. انهن جي سڃاڻپ آهي. انهن جي انسيت آهي. انهن ۾ ڇڪ ۽ اتساهه آهي. رشتن جو پنهنجو رس ۽ مٺاس آهي. نزاڪت ۽ نفاست آهي اهي رشتا رت جا به ٿين ته روحاني به ٿين، جسماني ۽ مادي به ٿين ته آفاقي ۽ فطري به ٿين. رشتن سان نباهه ڪرڻ هڪ فن به آهي، ڏات ۽ ڏاهپ به آهي. سهپ، برداشت، رواداري ۽ قرباني به رشتن جو محور ۽ مرڪز هوندا آهن. رشتا مضبوط هوندي به ڪڏهن ڀور ڀور ٿي ويندا آهن، جنهن جو مثال هن جديد دور ۾ واضع آهي ته انهن رشتن جي سڃاڻپ ناهي رهي رشتن جي سڃاڻپ هن دور ۾ ناهي رهي رشتن جي اهميت صرف ماءُ پيءَ وٽ موجود آهي جيڪو اسان کي خدا جي طرفان اسان کي انمول ٿي ڪري مليل آهي ڇاڪاڻ ته ٻيا رشتا جلد مٽجي ويندا آهن پر ماءُ پيءَ جو رشتو ڪڏهن به ناهي مٽجندو اهي پاڻ تي ڏکيا ڏينهن وسائي پنهنجي اولاد کي سکن جي سيج تي سمهاريندا آهن پنهنجيون خواهشون ختم ڪري اولاد جون خواهشون پوريون ڪرڻ ۾ اڳتي نڪري ويندا آهن پر اولاد انهن کي سمجهڻ بجاءَ انهن جي دردن ۾ وڌيڪ اضافو ڪندا رهن ٿا رشتا پنهنجا هجن يا پراوا پر اهي هڪ ڪچي ڌاڳي جي تند جيان هوندا آهن جيڪي صرف مقصد جي بنيادن تي گڏ رهن ٿا باقي پوري زندگي سڃاڻپ جي بغير گذارين ٿا اهي صرف طعنا ٽوڪ گلا غيبت ڪوڙ جي دنيا جو ساٿ ڏيندا رهن ٿا جيڪي ٽٽي پون ٿا اڳئين دور کان ويندي هن دور تائين ڪنهن به ماڻهو پنهنجي پرائي رشتي جي اهميت کي ناهي سمجهي سگهيو نه منهنجي خيال ۾ ان رشتي جي سڃاڻپ ڪنهن کي ٿي سگهندي ڇاڪاڻ ته هي دور جيڪو هلي رهيو آهي هڪ دجالي دور آهي جنهن ۾ صرف ۽ صرف پئسي ملڪيت مال جي اهميت وڌيڪ آهي ان ڪري رشتن جي سڃاڻپ نالي ماتر وڃي رهي آهي ماڻهن ۾ انا وڏائي چوٽ چڙهي وئي آهي سڀ ڪو پنهنجي خواهش لاءِ ٻين کي تڪليف ڏئي ٿو، هر رشتي ۾ مطلب خود غرضي وڌي وئي آهي ڪنهن کي به ڪنهن ٻئي جي خوشي برداشت نه ٿي ٿئي سڀ ڪنهن وٽ علم عقل آهي ۽ خوبصورت رشتا آهن جنهن جو ڪير به مٽ ناهي پنهنجا هجن يا پراوا هجن اهي سڀ رشتا اسان جا پنهنجا آهن جنهن سان اسان جو رت جو رشتو آهي ۽ جيڪي رشتا پروا چئي رهيا آهيون اهي رشتا اسان پنهنجا ان ڪري ناهن جو انهن سان رت جو رشتو ناهي پر انهن پيار محبت سچائي ايمانداري پنهنجائپ وارو رشتو ضرور آهي منهنجي نظر ۾ رشتا اهي آهن جنهن ۾ احساس همدردي، خلوص پيار انسانيت ۽ سچائي هجي اهي پنهنجا اصل رشتا ٿي سگهن ٿا ۽ جنهن ۾ رشتن جي سڃاڻپ ناهي اهي رشتا ڪنهن به ڪم جا ناهن نه ئي اهي پنهنجا ٿي سگهن ٿا چاهي اهي رشتا پنهنجا هجن يا پراوا، اڄ ڪلھ جي دور ۾ هر انسان ۾ نفسا نفسي حوس وڌي وئي آهي هر ڪو ائين ٿو سمجهي ته مان سڀني کان بهتر آهيان هي تمام گهٽ ماڻهو آهي سڀ ڪجھ مون وٽ هجي هُن وٽ نه هجي پنهنجي رت جي رشتن مان دشمن ڪيئن ٿو بڻجي ان جو وڏو سبب غلط فهمي آهي ۽ غلط فهمي هر رشتي ۾ ڏار وجهڻ لاءِ نمايان ڪردار آهي اسان پنهنجا تعلقات تڏهن خراب ڪندا آهيون جڏهن اسان هميشھ ٻين جي ڳاليهن تي جلد اعتبار ڪندا آهيون پنهنجي سوچ ويچار جي به ضرورت ناهيون ڪندا ۽ نتيجو اختتام ڪري غلط رستو اختيار ڪندا آهيون ۽ ٻيو ٽوڪ ٺٺول به اسان جا تعلقات خراب ڪري سگهي ٿي هر انسان کي پنهنجي عزت نفس پيارو آهي هر ڪنهن جي عزت آهي جيڪڏهن اسان ڪنهن کي معاشري ۾ هيٺاهون ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون ته اهو ڪيئن چاهيندو ته اسان سان گڏ ويهي اهو ان جاءِ کي ڪيئن پسند ڪندو جتي هن جي عزت نه هجي جتي ان تي ڪو ٽوڪ نه ڪري ان جي لاءِ جتي اهميت نه ڏني ويندي ان کي بيڪار سمجهي نظر انداز ڪيو ويندو آهي اگر اسان سوچ ڪيون ته اسان کي پنهنجي عزت ڪيڏي نه پياري آهي پوءِ ڇو اسان ٻين جي عزت جو جنازو ڪڍندا آهيون اسان جي پنهنجي غلطين جي ڪري ئي اسان جا پنهنجا رت جا رشتا پري ٿي ويا آهن چا اهي اسان وانگر انسان ناهن رشتا بلڪل نازڪ هوندا آهن اهي ٿورين غلطين سان ئي ٽٽي ويندا آهن اهي ڇو نه ڀاءُ ڀيڻ جو رشتو هجي، اسان کي رشتن جي هجڻ جو احساس ئي ناهي هوندو ۽ نه وري ڪو قدر جڏهن اهي رشتا اسان کان ٽٽي يا وري پري ٿي ويندا آهن ته پوءِ اسان کي انهن جو قدر ٿيندو آهي ڇو ته دلين ۾ ڪافي نفرت پيدا ٿي وڌي ويندي آهي جيڪڏهن اهي اتفاق سان ٻيهر جُڙي به ويندا آهن نه ته اها ان ۾ محبت ساڳئي ناهي رهندي بس وقتي طور گڏجي ويندا آهيون ۽ ماڻهن جي تعنن مهڻن جي خوف ۾ پيا گڏجندا آهيون اسان کان بهتر انهن پکين جو ولر بهتر آهي جيڪو هميشھ هڪ قطار ۽ ٻڌي ۾ رهندو آهي ۽ هڪ ٻئي پٺيان هلي بي پناھ محبت جو ثبوت ڏيندا رهندا آهن اسان ته صرف انسان جي روپ ۾ آهيون باقي انسانن وانگر ناهي نڀائي سگهياسين، ٿوري گهڻي تان هڪٻئي سان پوري زندگي لاءِ رشتا ختم ڪري ڇڏيندا آهيون ان ۾ ڪنهن عزيز جي زندگي کي ڇو نه تڪليف پهچي اسان ڊپلوميسي وارو ورتاءُ ڪري رهيا آهيون. اگر اسان هنئر ئي پنهنجن رشتن جو قدر نه ڪيوسين ته اسان هميشھ لاءِ اڪيلا رهجي وينداسين اسان دشمن ان جو پورو ۽ تمام وڏو فائدو وٺي پنهنجو مقصد پورو ڪندا آهيون، رشتا اهڙا ڌاڳا آهن جيڪڏهن ٽٽي پيا ته انسان اڌورو رهجي ويندو آهي، رشتو ته الله تعالى جي طرفان انسانن لاءِ هڪ ڏنل انمول تحفو آهي وقت تي هڪٻئي جي ڪم اچي اسين نا شڪر آهيون جو هن نعمت کان غافل آهيون هڪٻئي جي ڪابه پرواھ ناهي، ڪير جيئي يا ڪير مري ان سان اسان کي ڪهڙو فرق ٿو پوي، پڇو ان کان جنهن کان پنهنجا وڇڙي ويا آهن يا وري جن وٽ رشتن جي سڃاڻپ ناهي رهي ۽ جن وٽ رشتا غلطين سبب هليا ويا آهن ۽ اهي هاني انهن رشتن ڏانهن واجهائي رهيا آهن جن کي ڪير به پنهنجو ڪرڻ وارو ناهي رهيو، توهان انهن مان ئي ڄاڻ وٺي سگهو ٿا ته رشتا هجڻ ڪيترو اهم آهي، ماڻهن ته لالچ ۾ اچي پنهنجي نياڻين جا رشتا به ٽوڙي ڇڏيا انهن جي اکين تي صرف انا، غيرت، وڏائي، مفاد پرستي ۽ مخلصي جي ڪاري پٽي ٻڌل آهي هنن کي ڪجھ به نظر نه ٿو اچي، ته اسان ڇا ڪري رهيا آهيون انهن اهو نه سوچيو ته سندس نياڻي تي ڇا گذرندي معاشري جا ماڻهو کيس ڪهڙي نگاھ سان ڏسندا، هنن کي صرف اهو خوف هوندو آهي ڪٿي سندن نياڻي ڏکئي نه ٿئي ۽ ڪٿي وري ڪنهن تي ڪوڙي گلا ڏئي بس اها ته نصيب جي ڳالهھ آهي ائين نه سوجهي جنهن رشتا ڏنا آهن ڀرم به اهو رکندو، الله تعالى تي ڇڏي ڏجي ۽ ڪنهن جي خاموشي ۽ نوڙت کي غلط نه سمجهجي اها هن جي سادگي آهي ۽ اسان کي پنهجن رشتن جي قدر ڪرڻ گهرجي ڇو ته رشتا دير سان جڙندا آهن پر ٽٽي جلد ويندا آهن اهو به اسان جي غلط فهمي سان. رشتا ائين قائم رکجن جيئن اسان پنهنجي هلندڙ دور کي منهن ڏئي سگهون ڪجھ رشتا گهڙيال جي ڪانٽي جيان ٿين ٿا جيڪي ڪجهه وقت لاءِ اڳتي هلي پوءِ رڪجي ويندا آهن ان ڪري هميشھ پاڻ ۾ محبت ڪريون ڇو جو نفرت رشتا ٽوڙي ٿي ۽ محبت رشتا جوڙي ٿي اسان کي سکڻ گهرجي هڪ گل کان جيئن خوشبوءَ ڪڏهن ڌار ناهي ڪندو ائين ئي اسان کي پنهنجن کان پري نه ٿيڻ گهرجي ۽ ڏک سک ۾ پنهنجن سان گڏ رهڻ گهرجي اسان کي گهرجي ته محبت جا رشتا جوڙيون ۽ نفرت جا رشتا ختم ڪري انهن کي به محبت جي رشتن ۾ آڻيون نفرت ٽوڪ وارو رشتو ڪڏهن به ڪامياب ناهي ٿيندو ان کي ڪڍي ٻاهر اڇلايون ڪوڙ تي ٻڌل رشتو ڪڏهن به ڪامياب ناهي ٿيندو آخر ۾ هڪ ننڍڙو مثال ڏيندي سمجائڻ جي ڪوشش آهي ته اسان کي اهو رستو هاڻي ڇڏڻو پوندو جيڪو اسان رشتي جي سڃاڻپ ان وڃڻ کانپوءِ ڏيکاريندا جيئن.. چاچو، ڏاڏو، مامو، پڦاٽ، ماسات، يا ڪو ٻيو چڱو عزيز اسان سان ڪاوڙيل هوندو آهي ته اسان کي ان جي هر ادا تي تڪليف ۽ ڪاوڙ ايندي رهندي آهي ۽ جڏهن اهي اسان کان راھ الاهي هليا ويندا آهن ته اسان کي قدر انهي جي وڃڻ کانپوءِ ٿيندو آهي ته تمام سٺو ڀلو چڱو همدرد هو خدارا ائين نه ڪريو پنهنجي رشتن جي سڃاڻپ ان جي هوندي رکو ته بهتر آهي انهي ڪري پنهنجي رشتن کي برقرار رکڻ لاءِ پنهنجن سان پيار محبت ڪريون ۽ دلين ۾ وڌندڙ نفرتون ختم ڪريو ته جيئن رشتن جو تقدس پائمال ٿيڻ کان بچي ۽ رشتن جي ڪچي ڌاڳي سان ٺهيل ڌاڳي جي تند اڃا وڌيڪ مضبوط ٿي سگهي……
موجوده وقت ۽ حالتن جي صحيح عڪاسي ٿيل آهي ، سچ پڇو ته رشتا پاڻ ناهن مرندا انهن کي هميشه انسان قتل ڪندو آهي ! نفرت ، نظر اندازي ، غلط فهمي ۽ غلط رَوينِ جي ڪري رشتن جو زوال ٿيندو آهي ، اڄڪلھ جي دور ۾ رت جي رشتن جي گهٽتائي ٿيندي پئي وڃي ، جتي ماڻهون رشتا ڏين پيا يا جتان رشتا وٺن ٿا انهن سان اٿڻ ويهڻ برقرار رکن ٿا !