سنڌ ۾ معاشرتي زوال جا ڪجهه ڪارڻ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏19 اپريل 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    ايم بي عرساڻي

    [​IMG]
    جڏهن شيطان الله تعاليٰ جي حڪم جي انحرافي ڪندي حضرت آدم عليه سلام کي سجدو ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته الله تعاليٰ کيس نڪري وڃڻ جو حڪم ڪيو، جنهن تي ان عرض ڪيو ته مان وڃڻ لاءِ تيار آهيان، پر مونکي قيامت تائين زنده رک ته جيئن مان آدم جي اولاد کي گمراهه ڪري آدم کان پلاند وٺان، الله تعاليٰ سندس دعا قبول ڪندي چيو ته توکي موڪل آ، جيڪي منهنجا هوندا سي گمراهه ڪونه ٿيندا. بس ان وقت کان ڏوهن جي شروعات ٿي وئي ۽ قابيل هٿان سندس ڀاءُ هابيل جو قتل ٿيڻ شايد پهريون ڏوهه هجي. پوءِ جئين جئين انسانن جو تعداد وڌندو ويو تئين تئين ڏوهن جا قسم ۽ طور طريقا به وڌندا ويا، اهڙي نموني رشوتخوريءَ جنم ورتو، جنهن جي وجود جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، پر جيڪي مونکي نظر اچن ٿا، سي هي آهن:

    1. آدمشماريءَ جو وڌڻ ۽ وسيلن جو اُن رفتار سان نه وڌڻ.
    اوائلي دؤر ۾ وسيلا گهڻا ۽ آدمشماري ٿوري هئي پر وقت گذرڻ سان آدمشماري ته وڌندي وئي پر ڪمائيءَ جا ذريعا ان رفتار سان نه وڌيا. مثالطور : سٺ ستر سال اڳ جنهن خاندان وٽ ٽي چار هزار ايڪڙ زمين هئي، اها ورهائجي ورهائجي ٽي چار سئو ايڪڙن تائين پهتي، جيڪا ان خاندان جي خرچن لاءِ ناڪافي هئي، جنهن ڪري ضرورتن جي پورائي لاءِ متبادل رستا ڳولهيا ويا ۽ جيڪڏهن جائز طريقا ڪم نه آيا ته ناجائز طريقا به استعمال ڪيا ويا.

    1. سائنسي ايجادون:
    ستر اسي سال اڳ نه بجلي هئي نه گئس نه ٽي وي، نه وي سي آر، نه ڪيبل نه ڪار، موبائيلون ته اڃا هاڻي آيون آهن، ان ڪري ماڻهن جا اخراجات محدود هوندا هئا، هو وڄڻن، لالٽينن، گهوڙن، بيل گاڏين، ڪاٺين ۽ ڇيڻن مان ڪم ڪڍندا هئا، جنهن ڪري ملڪ جي اڌ بجيٽ پيٽرول ۽ ڊيزل جي امپورٽ ڪرڻ تي خرچ نه ٿيندي هئي. بحرحال انهن شين جي ايجاد ٿيڻ سان ماڻهن جي خرچن ۾ تيزيءَ سان اضافو آيو، جڏهن ته سندن جائز وسيلا ان رفتار سان ڪو نه وڌيا.

    1. مذهب ڏانهن لاڙو گهٽجڻ.
    اسلام مطابق رشوت ڏيندڙ ۽ وٺندڙ ٻئي جهنمي آهن، پر اسان مسلمان ٿي ڪري دوزخ ۽ جنت جي وجود کان سڌي يا اڻ سڌي طرح انڪاري بڻجي ويا آهيون، انڪري جيڪڏهن ٿورو گهڻو خوف آهي تڏهن به دنوي طاقتن جو ۽ حڪومتي ادارن جو، باقي مذهبي معاملن لاءِ اسان مرشد ٺاهي ڇڏيا آهن، جن مان اڪثر اهڙا آهن جيڪي مريدن کي حرام خوريءَ کان روڪڻ بجاءِ سندن پيسن تي عمرا ۽ عياشيون ڪندا آهن ۽ چوندا آهن ته اڄوڪي دؤر ۾ رشوتخوري ڪنهن حد تائين جائز آهي ڇو ته رشوت خور کي به رشوت ڏيڻي پوي ٿي ۽ ٻيو ته اهو بچيل پيسن سان ڀلائيءَ جا ڪم ڪري ٿو وغيره وغيره، جڏهن ته هڪ دفعي حضرت امام جعفر صادق عليه سلام ڏٺو ته هڪ شخص هڪ گاڏي تان صوف چورائي اڳتي وڃي فقيرن ۾ ورهائي رهيو هو، امام سائين پڇيس ته هي ڇا ڪري رهيا آهيو ته ان جواب ڏنس توهانکي خبر نه آهي ته 10 دنيا 70 آخرت آهي انڪري جيڪا مونکي چوريءَ تي سزا ملندي انکان وڌيڪ آخرت ۾ ثواب ملندو ته امام سائين چيس ته اها نيڪي جنهن جو بنياد ئي گناهه تي آهي، اُها نيڪي نه پر گناهه آهي، مطلب ته نامنهاد مرشد مريدن کي سڌارڻ بجاءِ ڪرپشن کي جسٽيفاءِ ڪري رهيا آهن.

    1. 4. پاڻ کي مٿانهون ڏيکارڻ جو رجحان.
    گذريل ڪجهه سالن کان ان قسم جي سوچ ۾ بي پناهه اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن کي ڪو به عهدو ملي ٿو اهو ان ڪوشش ۾ رهي ٿو ته سندس رهڻي ڪهڻي، لباس ۽ ڳالهائڻ جو انداز ٻين کان منفرد هجي، ايتري قدر جو سندس والدين، استاد ۽ مٽ مائٽ به حقير لڳن. ان سوچ ڪري ئي ماڻهو مهانگا گهر، گاڏيون ۽ موبائيلون وغيره وٺندا آهن، ٻيو ته ڇا پر پنهنجي ٻارن کي ان اسڪول ۾ پڙهائڻ به عيب سمجهندا آهن. جتان پاڻ پڙهي نڪتا آهن ان سوچ جي تڪميل لاءِ هو هر جائز ناجائز طريقو اختيار ڪندا آهن، سندس مائٽ پاڙيسري، ڪلاس فيلو ۽ ڳوٺائي وري ان جهڙو ٿيڻ لاءِ ڪرتب ڏيکاريندا آهن، جنهن ڪري شوبازيءَ جي هڪ ڊوڙ شروع ٿي وڃي ٿي.

    1. معاشري ۾ بري ڀلي جي تميز نه هجڻ:
    اسان جي معاشري جو اهو حال بڻجي ويو آهي جو ڪو به ماڻهو رشوت کي برو نه ٿو سمجهي ۽ حرام ڪمائيءَ لاءِ موقعي جي تلاش ۾ آهي، انڪري ڪو به اهڙو نه آهي جيڪو رشوتخور جي عياشي ڏسي ان تي تنقيد ڪري، هتي ته ان اميدوار تي ٽوڪون ڪيون وينديون آهن، جيڪو سائيڪل يا گڏهه گاڏي تي اليڪشن مهم هلائيندو آهي!.

    1. راتورات امير ٿيڻ جو لاڙو.
    اسان وٽ حالتن جي بدلجڻ ۾ وقت نه ٿو لڳي، بدليون به تڪڙيون تڪڙيون ٿين ٿيون، ايڪسيڊنٽ ۽ بيماريون به ايتريون وڌي ويون آهن جو چوڌاري بي يقينيءَ واري صورتحال آهي، پر ماڻهن ۾خوفِ خدا وڌڻ بجاءِ راتورات امير ٿيڻ جو لاڙو وڌي ويو آهي.



    1. پيٽ نه ڀرجڻ:
    انسان اهو به سمجهي ٿو ته کيس هڪ ڏينهن مرڻو آهي ۽ جيڪڏهن هو گهر ۾ هزار مڻ اناج گڏ ڪري رکندو ته به کائيندو پاءُ کن، اٽلندو ان کي محفوظ رکڻ جو بندوبست ڪرڻو پوندس، جيڪڏهن چاليهه وڳا، ٽيهه فل سوٽ ۽ ڏهه –پندرهه بوٽ خريد ڪري رکندو ته به هڪ وقت پائيندو هڪڙو ئي، ان جي باوجود وتي ٿو اجايو مال گڏ ڪندو، اهو ئي سبب آهي جو هڪ مفڪر چيو هو ته انسان اهو جانور آهي جنهن جي بک پيٽ ڀرجڻ کان پوءِ شروع ٿيندي آهي، انڪري حضرت علي عليه السلام جن فرمايو آهي ته ”پاڻ کي ضرورتن تائين محدود رکو ڇو ته ضرورتون فقيرن جون به پوريون ٿي وينديون آهن ۽ خواهشون بادشاهن جون به اڌوريون رهجي ويندون آهن“. اهو به فرمايون اٿن ته ”حقيقي تونگري آها آهي ته جيڪو ميسر نه آهي ان جي تمنا ئي نه هجي“. يعني اهو ماڻهو نفعي ۾ آهي جيڪو رُکو سُکو کائي ڍؤُ ڪري ٿو، ان ڀريل دسترخوان مان ڪهڙو فائدو جنهن مان ماڻهو پيو کائي پر بُک گهٽ نه ٿئي!

    1. سياستدانن جو ڪردار:
    اڄ سياستدان ته صفا ڦرڻان گرڻان ٿي ويا آهي، اڳ ۾ جيڪي هڪ ٻئي جا روايتي حريف هوندا هئا، تن پنهنجي نظرين ۽ عوامي مفادن کي وساري مفاهمت واري سياست جو رواج وڌو، جنهن جو اصل مقصد اهو آهي ته 5 سال اسان پوري ملڪ تي حڪومت ڪنداسين ۽ توهان پنهنجي صوبي تي پوءِ وري توهان پوري ملڪ تي ۽ اسان پنهنجي صوبي تي، جنهن ڪري ڇڙواڳي وڌي وئي، ڪا جزا سزا ڪانهي، مرضيءَ جا چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي ڏئي صوبائي خودمختياريءَ کي بدنام ڪندي اقرباپروي ۽ بي انصافيءَ کي هٿي ڏني پئي وڃي، جنهن ڪري رشوتخوري پوليس، روينيو ۽ اعليٰ عهديدارن کان وڌي گڏهه گاڏي واري تائين پهتي آهي، جڏهن ڪنهن گڏهه گاڏي واري کان پڇيو ويو ته تنهنجي ڳوٺ ۾ ته ٻوڏ ڪو نه آئي هئي پوءِ توکي وطن ڪارڊ ڪيئن ملندو ته هن وراڻيو ته 5 هزار روپين ۾ ملي ويندو، پوءِ يار اهو ته غلط آهي جواب مليو ته، ٻيا سڀ ڪن ٿا باقي مون ڏوهه ڪيو؟! مطلب ته شيطان به هزار ها سالن ۾ وڏن وڏن عهديدارن کي مس ڪر پٽ ڪري سگهيو، پر گذريل پنجن سالن هر ماڻهوءَ کي ڪرپٽ ڪري ڇڏيو، سرڪاري ادارن ۾ ته ڪرپشن ئي ميرٽ بڻجي وئي آهي، سفارش به صرف رابطي جو ذريعو وڃي بچي آهي، پر ڪم رشوت تي ئي ٿيڻوآهي.

    سنڌ حڪومت جي سربراهه لاءِ ته اهو مشهور ٿي ويو آهي ته ان برائيءَ ۾ ڪا به ڪثر نه ڇڏي آهي ۽ چڱو ڪم ڀلي ڀلائي به ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. اهو ته ذڪر ٿيو ٻن پارٽين جو، پر جيڪي پارٽيون اسٽيٽسڪو جون مخالف آهن انهن جو به اهو حال آ جو گذريل دؤر ۾ حڪمرانن کي چورن چڪن کانسواءِ نه سڏيندا هئا، هاڻي وري نواز دشمنيءَ ۾ انهن کي چڱو پيا سڏين ۽ کين نواز شريف کي لاهڻ لاءِ پاڻ سان ملائڻ لاءِ منٿون پيا ڪن.

    1. 58 ٽوبيءَ جو خاتمو:
    جڏهن آئين ۾ 58 ٽو بي شامل هوندو هيو ته سياستدان غلط ڪم ڪرڻ کان ڪنهن حد تائين ڪيٻائيندا هئا ته متان سندن حڪومت هلي وڃي، پر ان جي خاتمي بعد هو پنجن سالن لاءِ مغل بادشاهه بڻجي ويهي وڃن ٿا.

    1. فوجي سربراهن جو ملڪ بجاءِ جمهوريت ڏانهن لاڙو.
    اڳ وارن فوجي سربراهن جو خيال هوندو هو ته هنن جو ڪم هر ان عمل اڳيان ديوار بڻجڻ آهي، جيڪو ملڪ لاءِ نقصان جو سبب بڻجي ۽ سندن هٿيار صرف هندستان کان بچاءَ لاءِ نه آهن، پر گذريل دؤر ۾ جمهوريت لاءِ عقيدت ان حد تائين پهتي جو ڊالر، پئٽرول ۽ مهانگائي ٻيڻا ٿي ويا، لوڊشيڊنگ ننڊون ڦٽائي ڇڏيون، روزانه اٺ ارب روپين جي ڪرپشن ٿيڻ لڳي، پر ڪنهن کي ڪجهه به نظر نه آيو، ٻيو ته ڇا، پر اتر وزيرستان جو آپريشن جيڪو ان همراهه جو پيشاورانه ڪم هيو اهو به وسري ويس اها سندس جمهوريت سان دلچسپي ئي هئي جو اين آر او جاري ٿيو ۽ زرداري صاحب 5 سال حڪومت ڪري نواز شريف حوالي ڪئي، نه گوڙ ٿيو نه گمسان ٿيو ۽ نه وري ڪنهن کي ڪرپشن ئي نظر آئي ۽ نه آءِ جيءَ جي رليو ٿيڻ جا سبب !! پراڻن ڪيسن ۾ به ضمانت ٿيو وڃي ۽ پڪڙجن ٿا ته ڊپٽي سيڪريٽري ۽ ٻيا ننڍا ملازم. انڪري اهو ٿيڻ کپي ته جيڪو فوجي آفيسر ڪنهن سياستدان جو ملٽري سيڪريٽري يا ڊپٽي ملٽري سيڪريٽري رهيو هجي ان کي آرمي چيف نه بڻايو وڃي.

    1. بدانتظامي.
    ملڪ ۾ خاص طور تي سنڌ ۾ ته بدانتظامي ان حد تائين پهتي آهي جو ڪي ماڻهو لفظ بدانتظامي استعمال ڪرڻ تي ڪاوڙجن ٿا، سندن چوڻ آهي ته پهريائين انتظام هجي ته پوءِ اهو سٺو يا خراب هجي نه، هتي ته انتظام آهي ئي ڪو نه، سنڌ حڪومت هڪ پارٽيءِ جي تنظيم بڻجي چڪي آهي، آفيسرن مان اصولن پرستي ۽ قانون جي بالادستيءَ جي سوچ ختم ٿي وئي آهي، قانون جا ڪتاب صرف انتقام لاءِ پيا استعمال ٿين. بهرحال جيڪي انتظامي ڪوتاهيون مونکي نظر اچن ٿيون اهي هي آهن:

    (i) جزا ۽ سزا جي ڪمي

    اڳ ۾ سٺي ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ملازمن کي سرٽيفڪيٽ، انعام اڪرام، ايڊوانس انڪريمينٽون ۽ ترقيون ملنديون هيون، جڏهن ته خراب ڪارڪردگيءَ تي سزا ملندي هئي، پر هاڻي قانون اُبتا ٿي ويا آهن، جيتري رشوتخوري ۽ چمچاگيري ڪبي اوترو فائدو ملندو، انڪري چڱا ماڻهو به مجبور ٿي لهي پيا آهن.

    (ii) پروموشنن جو پوليس آفيسرن ۽ ڪيڊر پوسٽن تائين محدود هجڻ:

    جڏهن ماڻهوءَ کي اڳتي وڌڻ جو آسرو هوندو آهي ته اهو ڪوشش ڪندو آهي ته اهڙا ڪم نه ڪريان جيڪي منهنجي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ بڻجن، پر هتي ته اهو حال آهي جو پروموشن صرف پوليس آفيسرن ۽ ڪيڊر آفيسرن مثالطور ڊپٽي ڪمشنر ۽ سيڪشن آفيسرن لاءِ مخصوص آهن، انڪري جن آفيسرن کي ترقين جو آسرو گهٽ آهي انهن کي پنهنجي نوڪري ۾ دلچسپي نسبتن گهٽ رهي ٿي. ان سوچ جو سڀ کان وڏو مثال تپيدار ۽ ٽي ايم اوآهن.

    (iii) اينٽي ڪرپشن ۾ پوليس ۽ روينيو آفيسرن جون مقرريون.

    جڏهن معاشري ۾ ڪرپشن نه هجڻ برابر هئي تڌهن به پوليس کاتي جا صوبيدار ۽ روينيو کاتي جا تپيدار رشوت وٺندا هئا، ان جي باوجود به رشوت ٽوڙ کاتي جي چيئرمن ۽ ڊئريڪٽرن جون پوسٽون روينيو ۽ پوليس آفيسرن لاءِ مخصوص ڪيون ويون، جنهن ڪري اهو حال ٿيو آ جو رشوت خور چوندا آهن ته لٽيو ملڪ کي، هن وقت تائين رشوت کائڻ تي ڪنهن کي سزا ملي آ جو اسان کي ملندي؟!

    (iv) پگهارون نه وڌڻ:

    انگريزن جي دؤر ۾ پٽيوالي، چوڪيدار، ٻاريءَ واري ڦاٽڪ واري، ڪوٽار ۽ ڪانٽي واري جي شروعاتي پگهار سون جي تولي برابر رکي ويندي هئي، جيڪا سالياني انڪريمينٽ لڳڻ سان مهانگائي مطابق وڌندي رهندي هئي، پر پاڪستان ٺهڻ بعد اهو رجحان گهٽجي ويو 19هين گريڊ جي پگهار وڃي سون جي تولي برابر بيٺي آهي ، نواز شريف ۽ اسحاق ڊار ته ملازمن جا دشمن آهن، انڪري اهي بجليءَ جي بلن ۽ ٻين خرچن کي منهن ڏيڻ لاءِ هٿڙيون هڻڻ واري عمل کي مجبوري ۾ حرام کائڻ جو نالو ڏئي رهيا آهن، جيڪڏهن انهن کي مناسب پگهارون ڏنيون وڃن ته ڪي اهڙا به ٿي سگهن ٿا جيڪي سندن اداري ۾ ٿيندڙ ڪرپشن جي خاتمي جو سبب بڻجن.

    (v) سرڪاري اسپتالن ۾ علاج جون اڻپوريون سهوليتون هجڻ:

    اسانجي سرڪاري اسپتالن ۾ علاج جون سهوليتون نه هجڻ برابر آهن، جنهن جو احساس خود سرڪار کي به آهي، جنهن ڪري سوئي گئس ۽ ڪجهه ٻين ادارن جي ملازمن ۽ سندن ويجهن مائٽن لاءِ آغا خان ۽ ٻيون اسپتالون پينل تي رکي ڇڏيون آهن، جڏهن ته باقي ملازمن کي ڳرا خرچ برداشت ڪرڻا پون ٿا، جن لاءِ سندن پگهار نا ڪافي هوندي آهي، جنهن ڪري هو آسيرا پاسيرا ڪم ڪرڻ لاءِ مجبو ٿي پوندا آهن.

    (vi) تعليم جو اڻپوريون سهوليتون:

    سنڌ ۾ سرڪاري يونيورسٽين ۾ تعليم جون سهوليتون به ناڪافي آهن، ميڊيڪل، انجنيئرنگ وغيره جي شعبن لاءِ هر ضلع جي ڪوٽا مقرر ٿيل آهي، جنهن ۾ سالن کان اضافو نه ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري اهڙن شعبن ۾ داخلا جي خواهشمندن کي خانگي يونيورسٽين يا سيلف فنانسنگ وارن ادارن جو منهن ڏسڻو پوي ٿو، جن جي خرچن جي پورا لاءِ ملازمن کي هٿڙي هڻڻي پوي ٿي.

    (vii) سيڪريٽرين، دپٽي ڪمشنرن، ڪمشنرن ۽ ايس ايس پيز کان پڇاڻو نه ٿيڻ.

    اسانجي سول سروس جو اهو حال آهي جو سڄو نظام سروس، جنرل ايڊمنسٽريٽر ۽ ڪوآرڊينيشن کاتي حوالي آهي، جنهن ۾ صرف سيڪشن آفيسر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر طور ڀرتي ٿيندڙ ئي مقرر ٿي سگهن ٿا، انڪري اهي هڪ ته هر اهم ۽ پيسي واري پوسٽ پنهنجي کاتي وارن آفيسرن کي ڏياريندا آهن ۽ ٻيو ته انهن کان پڇاڻو ڪرڻ کي گناهه ڪبيرا سمجهندا آهن، جنهن ڪري اهي بي ڊپاٿي ٻنهي هٿن سان ڦرلٽ ڪندا آهن،جنهن جو تازو مثال ڊپٽي ڪمشنرن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن جو مختلف مڪاني ادارن جو ايڊمنسٽريٽر بڻجڻ آهي.

    پوليس کاتي جي اسٽڪچر تي به غور ڪبو ته اها به فوج وانگر آزاد لڳندي سڀ اختيار آءِ جيءَ وٽ آهن، جيڪو پوليس ڪيڊر جو 22هين گريڊ جو آفيسر هوندو آهي جڏهن ته هوم سيڪريٽري 20هين گريد جو هوندو آهي، پوءِ 22هين گريڊ جو هٿياربند 20هين گريڊ واري جي ڇو ڪاڻ ڪڍندو؟ جنهن ڪري ان کاتي جا وڏا آفيسر آزاديءَ سان ڦر لٽ ڪري، رٽارئر ٿي ڊفينس ۾ بنگلا وٺي رهندا آهن.



    ان آزار ڪري ادارا وڃن ٿا ڏينهون ڏينهون وڌيڪ تباهه ٿيندا، تڏهن ته حضرت علي عليه السلام فرمايو هو ته جنهن شي کي ٺاهي نه ٿا سگهو، ان کي وڌيڪ نه بگاڙيو، پر افسوس جو اسان مسلمان ٿي ڪري پنهنجي ڀلائي ئي ان حڪم جي انحرافي ۾ ٿا سمجهون. ٻيو ته ڇا اهي به نه ٿا مڙن، جيڪي سندن اولاد ٿا سڏائين، ٿي سگهي ٿو ته انهن مان ڪي اڃا به زور هجن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو