• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اهليت

قريشي شبير احمد

سينيئر رڪن
اهليت.
”ٻارو سومناٿ ڪنهن ٽوڙيو.“ صاحب ڪلاس جي ڇوڪرن کان سوال ڪيو.
ٽن ڇوڪرن جواب ڏنو ته سائين مون نه ٽوڙيو آهي.
ڀلا تون ٻڌاء ؟..صاحب ڏند پيسيندي ماستر کان پڇيو .
سائين ساک سان ٿو ڇوان ته مون نه ٽوڙيو آهي،
صاحب ڪاوڙ مان هيڊ ماسٽر کي گھرائي دانهن ڏني ته هي تنهن جي ٻارن جو هي تنهنجي استاد جو جواب هاڻي تون ڇاٿو چوين .
هيڊ ماستر معصوميت سان وراڻيو صاحب ٻار بي قصور آهن استاد شريف آهي اهڙي حرڪت نه ٿو ڪري سگھي .
صاحب ڪاوڙ مان ڊئريڪٽر صاحب کي رپورٽ ڪئي ته پڙهائي جا حال ڏسو !!!
ڊئريڪٽر آفيس مان جواب آيو ته هي ڀڄ ڊاه جو ڪم EWD کاتي جو آهي اتان معلوم ڪيو وڃي.....ڪاپي ٽو چيف انجنيئر ايڊيوڪيشن ورڪس ڊپارٽمنٽ .
EWD وارن سومناٿ ڊهڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي سڄو ڏوه ٺيڪيدار جو ظاهر ڪندي انڪواري ٽيم جو اعلان ڪيو .ڪاپي ٽو سيڪريٽر تعليم .
سيڪريٽري تعليم سومناٿ ڊهڻ جو سخت نوٽيس وٺندي هڪ جنرل سرڪيولر جو اجرا ڪيو جنهن تحت منع ڪئي وئي ته ڪنهن به تعليمي اداري ۾ اهڙي حرڪت نه ڪئي وڃي جو اقليتن جا حق غصب ٿين ........
۽.......۽..........۽ ...صاحب ويچارو ٻنهي هٿن سان مٿي جا وار پٽڻ لڳو.
 
Back
Top