هتان هتان جون ڳالهيون!

'مختلف موضوع' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏19 اپريل 2015۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    آدرش

    ***

    ليکڪ سڄي دنيا جو شهري هوندو آهي. هن کي پاسپورٽ ۽ ويزا جي ڪائي ضرورت ڪونه هوندي آهي. ليکڪ جا ڪتاب جنهن به ملڪ ۾ پُڳا، ڄڻ پاڻ اُن ديس ۾ مُرڪندا هليا آيا.

    نوٽ بڪ جا هي ورق ليکڪن جي ڳالهين ۽ لکڻين سان رنگبرنگي بڻيل آهن.

    ******

    شاعري چريائپ واري پيغمبري هوندي آهي. شاعر پنهنجي رنگ ۾ رڱيل هوندا آهن. اردو شاعر جوش مليح آبادي به عجيب شخص هو. پنهنجي ڍنگ جو عاليشان شاعر ته گفتي جو به گوهر هو.

    جوش صاحب عاشق جيئڙو به اهڙ سهڻيون مايُون ته پنهنجي جاءِ تي، سهڻن ڇوڪرن لاءِ به پويون ڏينهن هو، ته پياڪُ به موکيءَ جي متارن جهڙو هو. شام جو ساڍا ڇهه هن جي پيئڻ جو ٽائيم هوندو هو. ٻئي ڪنهن هنڌ به ويٺو هوندو ته بوتل کلي ويندي جو وسڪيءَ جو بوتل پاسي واري کيسي ۾ پئي هوندي هيس. چوندو هو ”سپاهي پنهنجي بندوق پاڻ سان ساڻ رکندو آهي.“

    هڪ ڀيري هندستان ويو. اُتي هڪ اديب ماني ڪيسِ. جوش صاحب اُتي پهتو ته محفل جو رنگ ئي اور ٿي ويو. ان وقت ڪراچيءَ ۾ لغت تي ڪم ڪري رهيو هو. سو لغت ۽ محاورن تي گوهر افشاني ڪري رهيو هو. جوش صاحب جيئن ته پنهنجي ونيءَ مان خوش نه هو. سو ان جو وري راڳ آلاپڻ لڳو ته ”مان جڏهن دفتر مان لغت جو ڪم ڪري، ٿڪو ٽُٽو گهر اچان ته سڌو ڇت تي هليو وڃان. لهندڙ سج جو نظارو ڪندي شعرن جي آمد ٿئي ته جوءِ ڪاڪڙو ڦاڙي رڙ ڪندي ”ٻڌين ٿو، ٻڌين ٿو“ هروڀرو اجايا سڏ ڪندي…“

    رضيه سجاد ظهير اڌ ۾ ڳالهه قينچيءَ وانگر ڪپيندي چوڻ لڳس: ”جوش صاحب! اوهان سدائين هن جو پٽڻو پٽيندا آهيو. هوءَ ويچاري ته ڏاڍي سٺي زائفان آهي.“

    جوش صاحب مرڪندي ڏاڍو ٺاهوڪو جواب ڏنس، ”بروبرو! هوءَ ڏاڍي سٺي آهي، پر رشتو ڪمينو آهي.“

    ******

    سرسيد احمد خان تعليم جي حوالي سان وڏو جاکوڙيو. علم جا وساميل ڏيئا ٻاريائين. هندستان ۾ ”سرسيد هائوس“ کي هاڻي يادگار جي حيثيت حاصل آهي. ان گهر مان اڌ رات جو سرسيد جي پٽ سيد محمود پيءُ کي گهر مان ڪڍي ڇڏيو هو.

    رات جو دير-ڀرو نواب اسماعيل پنهنجي گهرويندي گهٽيءَ مان لنگهيو ته هن ڏٺو ته ڪو همراھ، ڪمبل ويڙهيون، ڀت کي ٽيڪ ڏئي ڏڪي رهيو آهي. ويجهو وڃي ڏٺائين ته اهو سرسيد احمد خان هو. اسماعيل کيس گهر وٺي ويو. ٽهل ٽڪور ڪيائين. ڏينهن ٻن پڄاڻان سرسيد احمد خان راھ رباني ورتي.

    مسلمانن کي جديد علم جي واٽ ڏيکاريندڙ کي چندو ڪري ڪفن وٺي پهرايو ويو ۽ سندس قبر تي ڪو وساڻل ڏيئو به ناهي.

    ******

    منير نيازي جهڙو سٺو شاعر هو ته وري درويش ۽ فقير به اهڙو ئي هو. خير سان هڪ رسالو ڪڍيائين. پر ٻه ٽي پرچا ڪڍي بند ڪيائين. منير صاحب کان رسالو بند ڪرڻ جو سبب پڇيو ويو ته، سگريٽ جا ڪش هڻندي مرڪندي چوڻ لڳو. ”رسالو بند ڪرڻ جو سبب ڏاڍو مزيدار آهي. مون ڪم ڪار لاءِ هڪ ڇوڪرو رکيو. ڏاڍو سٺو ڪاروهنوار هلائي پيو ۽ سيبتو ڇوڪرو هو. هڪ ڏهاڙي مون کانئس گذريل ڏينهن جو حساب گهريو، ڇو ته چار پنج سئو رپيا هن ڏانهن رهن پيا. مون اُهي پئسا هن کان گهريا ته چوڻ لڳو، ”جِي. اُهي ته مون کپائي ڇڏيا.“ مون پڇيو مانس ” مَن ! ڪيئن کپايئي؟“ ٻڌائڻ لڳو ”سائين ! ٿيو ڇا جو مان پنهنجي سنگتين سان گڏ هيرامنڊيءَ گانا ٻڌڻ ويم. سڀ دوست ڳائڻيءَ مٿان نوٽ گهوري رهيا هيا. مون سوچيو منير نيازيءَ جهڙي وڏي شاعر جو ملازم ويٺو آهي ۽ خالي ويٺو آهي ته اهو ڪيڏو نه بڇڙو لڳندو ۽ ڳائڻي ڇا سوچيندي، سو مون سڀ رپيا ان مٿان گهوري ڇڏيا. سائين تنهنجي عزت جو سوال هو!!.“

    ******



    آئساڊورا عاليشان ناچڻي هئي. هن جي آتم ڪهاڻي My Life ڏولاون ۽ لڙڪن سان ڀريل آهي. ان ڪٿا ۾ هن نقاد جي حوالي سان دلچسپ واقعو لکيو آهي.

    برلن جي هڪ نقاد منهنجي خلاف لکي لکي نڪَ ۾ دمُ ڪيو. عجيب تنقيد ڪندو هو ۽ چوندو وتندو هو ته ”مون کي موسيقيءَ جي ڪا ڄاڻ ئي ناهي ۽ ڄٽي آهي. مون کيس خط لکيو ته هو مون وٽ اچي. مون سان ملي ته مان کيس ٻڌائيندم ته هن جي مون بابت سندس راءِ سڄي غلط آهي.

    هڪ ڏهاڙي هو آيو ۽ چانهه جي ميز تي مون تقريبن ڏيڍ ڪلاڪ هن سان موسيقيءَ جي علم تي مٿو هنيو ۽ سڄي ڄاڻ ڏنم. مون کي هو رُکو ۽ بُت لڳو ۽ ان مهل مان ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويس ۽ ڏاڍو ڏک ٿيو، جنهن مهل هن پنهنجي کيسي مان Deaf Phone ( ٻوڙن جو آواز ٻڌڻ جو اوزار) ڊيف فون ڪڍيو ۽ مون کي ٻڌائڻ لڳو ته هو صفا ٺپ ٻوڙو آهي ۽ ٿيئٽر ۾ سدائين اڳين سيٽ تي ويهندو آهي ۽ ڪنن ۾ اهو اوزار هڻڻ کانپوءِ به ڏکيائپ سان آرڪسٽرا ٻڌي سگهندو آهي.

    ******

    مجيد امجد اردو جو شاعر، پراسرار ۽ عجيب مرد مجاهد هو. هن کي هڪ جرمن ڇوڪريءَ سان عشق جي جهوري لڳي جيڪا گهمڻ ڦرڻ لاءِ ساهيوال آئِي هئي. جڏهن هن جي وڃڻ جي ويل ٿي ته مجيد امجد هن لاءِ ڪجهه سوکڙي پاکڙيون ورتيون ۽ اهي ڏيڻ لاءِ اسٽيشن تي پهچي ويو، پر ڏئي نه سگهيس. ريل هلڻ لڳي ته هي به چڙهي پيو. ڪوئيٽا تائين ويو.

    جڏهن ڇوڪري هوائي جهاز ۾ چڙهي هلي وئي ته ان مهل به سوکڙي هٿ ۾ جهليون بيٺو هو.

    ******

    راجا ڀَرتري هريءَ جي هڪ راڻي ڏاڍي سهڻي ۽ من مهڻي هئي. ڀرتري هن جي نرم گرم بدن کي ڏسي سوچيندو هو ته ڇا اهڙو سمو به ايندو جو هن چنڊ جهڙي منهن تي نيٺ گهنج ايندا. هڪ درويش جو ڏس مليس. ان ڏانهن ويو ته هن کيس صوف ڏيندي چيس ته هن جي کائڻ سان حسن لازوال ٿي ويندو“ راجا اهو صوف کڻي اچي راڻيءَ کي ڏنو، جو هو کيس سدائين جوان پيو ڏسڻ گهري. راڻي جو وري هڪ ڌوٻيءَ سان پيچ هو. سو راڻي اهو صوف پنهنجي دلدار کي ڏنو. ڌوٻي وري سائين! هڪ رنڊيءَ تي موهت هيو. هن اهو صوف ان رنڊي کي ڏنو، جيڪا ڌوٻيءَ جي جسم کي تراوت ڏيندي هئي.

    رنڊي صوف وٺي رکي ڇڏيو. رنڊيءَ سوچيو ته منهنجو جسم ته گناهن جي هَڙ آهي، سو صوف کائيندم ته اڃا گناھ وڌندا. اسان جو راجا ڀلو بادشاھ آهي، لکن ۾ رعيت اٿس ۽ ان جو ڀرجهلو آهي، سو اهو سدا بهار رهي ته سٺو ٿيندو.

    رنڊيءَ اهو صوف راجا کي پيش ڪيو. راجا کي عجب لڳو. بادشاهي تخت ڇڏي وڃي جهنگ مُنهن ڪيائين.

    ******

    اردو شاعر ”ميرتقي مير“ هڪ ڀيري هڪ اهڙِي جاءِ ۾ وڃي رهيو، جنهن جون دريون باغ ڏانهن کلنديون هيون. ورهيه گذريا پر هن دريءَ جا طاق کوليا ئي ڪونه.

    ڪو دوست آيس. درين جو اهو حال ڏسي چوڻ لڳس ” ڀلا! هيڏي باغ آهي. اوهان دريون کولي ڇونه ويهندا آهيو ۽ باغ جو نظارو ئي نه ٿا ڪريو؟“

    مير صاحب غزلن جي مسودي ڏانهن اشارو ڪري چوڻ لڳس ” اڙي ابا! هِن باغ جي ڳڻتي اهڙو ورتو آهي، جو هُن باغ جي ته ڪا ڪَل ئي ڪانه اٿم.“

    ******

    فڪشن لکندڙ ليکڪا عصمت چغتائي ڏاڍي نرِڄي زائفان هئي. هن جو مڙس شاهد وري ڏاڍو نرم دل ۽ ماٺيڻو هو. هو فلمن جو ڊائريڪٽر هو.

    عصمت چغتائي بستري تي اونڌو ليٽي لکندي هئي. شام جو هن کي تاس کيڏڻ جي چُوس پيل هئي ۽ شام جو تاس راند کيڏندي هئي.

    هڪ ڏينهن شام جو عصمت چغتائي پنهنجي وندر ۾ وندريل هئي ته سندس مڙس هن ڏانهن آيو ۽ چوڻ لڳس ته مون کي ڇاتيءَ ۾ سُور ٿي رهيو آهي. هن مُڙس جي ڳالهه کي ٻڌواڻ ٻڌو ڪيو ۽ چوڻ لڳسِ ته وڃي هاضمي جي دوا پيءُ. هو واپس ڪمري ۾ آيو. ڦٿڪندو رهيو. هوءَ تاس کيڏي رهي ۽ هو ڦٿڪندي ڦٿڪندي مري ويو.

    ******

    روس جي ”هيلنا پئٽرونا بلائوتسڪي“ وڏي گڻ واري ۽ نيڪ دل زائفان هئي. هن مذهب ۽ سائنس کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ لاءِ وڏو ڪم ڪيو. هن آمريڪا، فرانس، انگلينڊ ۽ هندستان وغيره جي ياترا ڪئي. هيلنا هر سفر ۾ ٻه وڏا ٿيلها ڪلهن تي کڻندي هئي، جن ۾ قسمين قسمين گلن جا ٻج هوندا هيا. هوءَ جنهن به ملڪ وڃي ۽ جتي به مناسب زمين ڏسي اُتي ٻج پوکيندي هئي. ڏسڻ وارا عجب مان پُڇندا هُيس ته ”سدوري! تون وري هتي ٻيهر اچين الائي نه، هنن گلن کي ڏسندينءَ ڪيئن؟“ وراڻي ۾ هوءَ ڏاڍو سهڻو کلندي هئي ۽ چوندي هئي: مان ڀلي نه اچان، بهار ته ايندو ني.“

    ******

    هندستان جي ڪسٽم کاتي جي عملدارن روسي ناول ليکڪ ”ولاديميئر نوبوڪوف“ جي ناول ”لوليٽا“ جون ڪاپيون انڊين ڪسٽم ايڪٽ هيٺ ضبط ڪيون. اها ڳالهه وزيراعظم جواهر لال نهرو وٽ پهتي ته هن پنهنجا ذاتي اختيار استعمال ۾ آڻي ان تان پابندي لاهڻ جو حڪم ڏنو.

    ******

    ڪازنووا جي آتم ڪهاڻي Home Coming جي هڪ ڪاپي رکڻ جي ڏوھ ۾ هڪ شخص کي ٻڌو ويو ته عدالت جي جج جسٽس واگنز ڪتاب جي ادبي خوبين کي ڏاڍو ساراهيو. پر همراھ کي سزا به ڏنائين ته ڪتاب تان پابندي به ڪونه هٽايائين.

    ******

    ”خواجه مير اثر“ هڪ بزرگ، نماز روزي جو پابند، زاهد پرهيزگار ۽ فقير ماڻهو هو. هن پنهنجي مثنويءَ ”خواب و خيال“ ۾ ان مُتقيءَ دُنَ ۽ دُنَ جي هيٺان جسم جي بيان تي اٺاويهه شعر لکيا آهن.

    *******

    عرب جي وڏي شاعر امراءُ القيس قسم کنيو ته مان شادي ان ڇوڪريءَ سان ڪندم، جيڪا منهنجي پرولي ڀڃي ته اٺ، چار ۽ ٻه ڇا آهن. ان ڪري انيڪ ڇوڪرين کان اهو سوال پُڇائين ته سڀني هڪ ئي جواب ”چوڏنهن“ ڏنو.

    هو هڪ اهڙي ڇوڪريءَجي ڳولا ۾ وڃي رهيو هو ته دڳ تي هڪ ڪاڪو گڏيس. جنهن سان هڪ ڇوڪري به ساڻ هئي. هن کانئس پڇيو ” اٺ، چار، ٻه ڇا آهن؟“ ڇوڪريءَ برجستو جوابُ ڏنس ” ته اَٺَ ته ڪُتيءَ جا ٿڻ آهن، چارِ آهن اُٺڙيءَ جا ۽ ٻه آهن زائفان جا اُرھ.“ جواب ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ان سان وهانءُ ڪيائين.

    ******

    جان ملٽن وڏو شاعر هو. هن کي جڏهن خبر پئي ته هن جي شاهڪار نظم Paradise Lost ( گم ٿيل بهشت) جو معاوضو رڳو پنج پائونڊ ملي رهيو آهي ته هن چيو ”دنيا انڌي آهي“.

    *****

    اخلاق احمد دهلوي دانشور ۽ ريڊيو تي نوڪري ڪندو هو. پاڻ قرآن جو حافظ هو پر ڪميونسٽ ۽ دهريو هو. اداڪاره عُظميٰ گيلانيءَ جو ويجهو مائٽ هو. هر عيد تي هن جي گهر اچي سندس ٻارن کي خرچيءَ ۾ ڪڙڪڻا نوٽ ڏيندو هو.

    هڪ ڀيري عظميٰ چيس: ”اخلاق صاحب! اوهان مذهب کي مڃيندا ئي ناهيو پو ڇو هر عيد تي اچي ٻارن کي خرچي ٿا ڏيو؟“ چوڻ لڳس”عظميٰ بيبي! عيدون اصل ۾ ڏڻ آهن. ڪلچر جو هڪ حصو آهن ۽ انهن جو مذهب سان ڪو تعلق ٿورئي آهي.“
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. zatalpur

    zatalpur
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2015
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    زمينداري
    ماڳ:
    ٽنڊوجان محمد
    ساۂين سُٺي معلومات ڏني اٿو. مھرباني
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو