پهرين خوبي.......باعمل ۽ متحرڪ رهو يقين ڄاڻو ان وقت آئون زندگي مان بيزار ٿي ويندو هئس، جيڏي مهل منهنجو پيءُ مونکي هر شيءِ جو ذميوار قرار ڏيندو هو. ڪيڏي مهل ته آئون رڙيون ڪندو هئس ۽ چوندو هئس ته آئون چريو نه ٿو ٿيڻ چاهيان ۽ چوندو هئس ته توهان غلط چئي رهيا آهيو بابا! ان ۾ منهنجي مرضي جو ڪوبه دخل ناهي. توهان مونکي رڳو نصيحتون ڪري رهيا آهيو، مونکي ٿورڙي دير لاءِ اڪيلو ڇڏي ڏيو. هو مونکي ڪنهن طرف ڀڄڻ نه ڏيندو هو. هو ڪا اهڙي ڳالهھ ڪري ڇڏيندو هو، جنهن سان مان چڙي پوان، متحرڪ ٿي وڃان، پنهنجي ڪوتاهي جو ڪنهن ٻئي کي ذميوار نه چوان. پر هاڻي مونکي خبر پئجي وئي آهي ته ان ۾ ڪهڙي دانائي لڪل هئي. هن اهو ٻڌائڻ چاهيو ٿي ته دنيا ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو هوندا آهن، هڪڙا جيڪي باعمل هوندا آهن ۽ هر وقت متحرڪ رهندا آهن. جڏهن ته ٻيا ردعمل جو مظاهرو ڪندا آهن ۽ هر وقت ڄميل (غير متحرڪ) رهندا آهن. هڪڙا اهي جيڪي چئلينج قبول ڪندا آهن ٻيا جيڪي زماني کي ذميوار ڄاڻائيندا آهن. هڪڙا اهي جيڪي ڪري ڏيکاريندا آهن ۽ ٻيا آهن جيڪي خواهش ڪندا آهن ۽ چاهيندا آهن ته ڪير انهن کي ڪري ڏي. باعمل ٿيڻ جي صفت دراصل ڪامياب زندگي جي لاءِ درڪار هڙني خوبين جي چاٻي آهي. جيستائين اها چاٻي توهان جي هٿ ۾ نه هوندي، توهان ڪاميابيءَ جو ڪو به تالو نه کولي سگهندا. توهان تي نئين دنيا ظاهر نه ٿيندي. هن عادت جي وضاحت هيئن ڪجي ته پاڻ کي چئو ته آئون طاقت آهيان. پنهنجي زندگي جي جهاز جو پائلٽ آهيان. آئون پنهنجون راهون پاڻ ٺاهي سگهان ٿو. پنهنجين خوشين ۽ غمن جو خود ذميوار آهيان. جيڪڏهن زندگي ڪا گاڏي آهي ته آئون مسافر نه بلڪه آئون ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺو آهيان ۽ ان جو اسٽيرنگ منهنجي هٿ ۾ آهي. ذاتي فتح يعني پنهنجي پاڻ تي فتح حاصل ڪرڻ لاءِ باعمل ۽ متحرڪ رهڻ ضروري آهي. توهان پاڻ ٻڌايو ته جوڙ ۽ ڪٽ سکڻ کانسواءِ آئون ڪيئن ٿو الجبرا سکي سگهان؟ ايئن ڪڏهن به نه ٿو ٿي سگهي. اهڙي طرح جيستائين توهان پهرين خوبيءَ تي عمل نه ڪندؤ تيستائين توهان خوبي نمبر ٻه، ٽي، چار، پنج، ڇهه ۽ ست کي به نه سمجھي سگهندا. جيستائين توهان اهو خيال پنهنجي کوپڙيءَ (دماغ) ۾ نه وجھندا ته توهان ئي سڀ ڪجھه آهيو. يعني پنهنجي زندگيءَ جا مالڪ توهان پاڻ آهيو. تيستائين توهان ڪجھه نه ڪري سگهندا. باعمل يا ردعمل........ان جو انحصار توهان تي آهي. هر ڏينهن سئو کان وڌيڪ اهڙا موقعا ايندا آهن، جڏهن توهان باعمل ٿي سگهو ٿا. مثال طور موسم خراب ٿي سگهي ٿي. توهان کي روزگار نه ٿو ملي. توهان جي ڀيڻ توهان جو ڪتاب لڪائي ڇڏيو آهي. اسڪول ۾ توهان جو ڪنهن سان جهڳڙو ٿيو آهي. توهان جا دوست توهان جي پويان غلائون ٿا ڪن. ڪو عجيب عجيب نالن سان توهان کي چيڙائي ٿو. توهان جا والدين توهان کي ڪار نه ٿا هلائڻ ڏين، حالانڪه توهان بالغ ٿي چڪا آهيو. اڄ توهان ڪلاس جي ٽيسٽ ۾ به فيل ٿي ويا آهيو. هاڻي توهان ٻڌايو انهن روزمره جي واقعن تي توهان ڇا ڪندؤ. انهن روزمره جي واقعن تي توهان رد عمل جو اظهار ڪندو يا پوءِ توهان باعمل ٿيندؤ؟ اهو توهان تي منحصر آهي. اهو به ضروري ناهي ته توهان ٻين جا مثال وٺو ۽ اهو ڪجھه ڪرڻ لڳو جيڪي ٻيا مخصوص حالتن ۾ ڪندا آهن، انهن جون حالتون توهان کان مختلف آهن. آئون هڪ دفعو وري به چوندس ته ان ڳالھه جو انحصار توهان تي آهي. جيڪي ماڻهو ردعمل جو اظهار ڪندا آهن انهن جو مثال ڪوڪا ڪولا جي بوتل وانگر آهي، جيئن ئي ان جو ڍڪڻ کليو، جهڳ نڪري ٻاهر اچي وئي. اهڙي طرح سان ردعملي ماڻهن کي جڏهن زندگي ٿورو گهڻو هلائيندي آهي، پوءِ اُهي ڪنهن موقعي تي دل سان ڦاٽي پوندا آهن. ان جي برخلاف هڪ بوتل ۾ پاڻي ڀري وٺو، پوءِ ان کي خوب هلايو، ان جو ڍڪڻ کوليندؤ ته ڪجھه نه ٿيو هوندو، جهڳ نه نڪتي، شون شون جو آواز ڪونه آيو، پاڻي پرسڪون آهي، ڪو به رد عمل ناهي ڪري رهيو. هر شيءِ حالتن مطابق (جيئن جو تيئن) آهي. باعمل ماڻهو ردعمل جو اظهار ناهن ڪندا. هو متحرڪ ٿيڻ کان پهرين سوچيندا آهن. هو ڄاڻندا آهن ته هو معاشري کي تبديل نه ٿا ڪري سگهن، پر هن وقت جيڪو ڪجھه ڪري رهيا آهن، ان جو خاطر خواه نتيجو ضرور نڪرندو. اُهي ماڻهو جيڪي فوري ردعمل ظاهر ڪندا آهن، ان جي مقابلي ۾ باعمل ماڻهن جو مثال ائين آهي جيئن پاڻي. جيڪي ماڻهو ردعملي هوندا آهن، - اهي جلدي ٿڪجي پوندا آهن ۽ هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيندا آهن - ٻين کي ذميوار ٺهرائيندا (ڄاڻائيندا) آهن - غصي ۾ جلدي اچي ويندا آهن ۽ گهٽ وڌ پيا ڳالهيندا آهن، پوءِ چوندا آهن ته مون ائين ناهي چيو. - هر وقت ڀڻڪندا رهندا آهن، ان جي زبان تي هر وقت شڪايتون هونديون آهن. سٺي وقت جو انتظار پيا ڪندا آهن. - حالتن مطابق پاڻ کي تبديل ناهن ڪندا، بلڪه ٿالهيءَ جي واڱڻ وانگر بس بي موقعي تبديل ٿي ويندا آهن (ان ۾ انهن جو ارادو شامل ناهي هوندو) جيڪي ماڻهو باعمل هوندا آهن: - اهي جلدي ٿڪجندا ناهن. ۽ جلدي هٿيار ڦٽا ناهن ڪندا. - پنهنجي ڪيل هر عمل جي ذميواري قبول ڪندا آهن. - ڪجھه ڪرڻ کان پهرين خوب سوچ ويچار ڪندا آهن. - جڏهن ڪو ڪم خراب ٿي وڃي ته پوئتي هٽي ويندا آهن ته ان ڪم جي لاءِ حالتون سازگار ناهن، ڪنهن ٻئي وقت ڪنداسين. - صرف اهو ناهن سوچيندا ته هي ڪم ڪرڻو آهي، بلڪه ڪم ڪرڻ جو طريقو به سوچيندا آهن، يعني لائحه عمل به تيار ڪندا آهن - جيڪو ڪجھه ڪري سگهندا آهن، ان جي باري ۾ سوچيندا آهن ۽ جيڪو ڪجھه نٿا ڪري سگهن، ان جي باري ۾ فڪرمند هوندا آهن. هڪ ڳالھه ياد رکو، توهان مڪمل نه آهيو. آئون يا توهان مڪمل طور تي باعمل يا ردعمل نه آهيون، بس ڪجھه وچ واري شڪل آهي. ان جو حل هي آهي ته عمل جي عادت وجھو ۽ ڪوشش ڪندا رهو بار بار..... حقيقت هيءَ آهي ته اسان دنيا جي سڀني شين ۾ ڪا وڏي تبديلي آڻي نٿا سگهون. مثال طور اسان توهان جي چمڙي جو رنگ تبديل نه ٿا ڪري سگهون. بهرحال هڪ شيءِ اهڙي آهي، جنهن تي اسان جو اختيار آهي... اسان سان جيڪو ڪجھه پيش اچي رهيو آهي. اسان کي ”اصول“ مطابق عمل ڪرڻ گهرجي، ان جي وڏي اهميت آهي. اسان اهڙين شين جي تمنا نه ڪريون، جيڪي اسان جي وس ۾ ناهن پر اهڙين شين تي غور ۽ فڪر ڪرڻ شروع ڪيون، جيڪي اسان جي وس ۾ آهن. پر ردعملي ماڻهو اهڙين شين جو پِٽڪو ڪندا رهندا آهن، جيڪي ان جي اختيار ۾ نه هونديون آهن. اُهي هن طرح جون ڳالهيون ڪندا آهن؛ ”هي منهنجي غلطي ناهي....، آئون خود کي تبديل نه ٿو ڪري سگھان، بس هي سڀ ڪجھه مونکان ٿي ويو، مون ايئن ڪرڻ نه پئي چاهيو... منهجو آفيسر منهنجي ترقي نه ٿو چاهي، هو نه هجي ها ته مان به ترقي ڪري سگھان هان.“ ڄڻ ته هنن جو خوش رهڻ يا نه رهڻ حالتن تي آهي. اُهي پاڻ ڪجهه نه ٿا ڪرڻ چاهين. پنهنجي حالتن کي تبديل ڪرڻ جو انهن ۾ حوصلو ڪونهي. ٻئي طرف باعمل ماڻهو پاڻ کان علاوه آس پاس تي به نظر رکندا آهن.... اهڙيون شيون جن تي اُهي قابو پائي سگھن. اهڙي نموني هو اندروني طور تي پُرسڪون رهندا آهن. انهن ماڻهن سان به گذارو ڪري ويندا آهن، جن کي اُ هي پسند نه ڪندا آهن. اڄ جي اڪثر نوجوانن کي پنهنجي ماءُ پيءُ کان، پنهنجي خاندان وارن کان شڪايتون رهنديون آهن. اڄ جو نوجوان گهڻي تعداد ۾ اهڙي خاندان سان تعلق ٿو رکي جنهن جو پيءُ، ڀاءُ، ماءُ، ڀيڻ يا ڪو به اهڙي ڪردار جو حامل ناهي هوندو، جنهن کي پنهنجي زندگي ۾ پيروي لاءِ نمونو بڻائجي. خوفناڪ صورتحال هيءَ آهي ته سگريٽ نوشي، ڪوڙ، غلط صحبت، قانون ٽوڙڻ، ٽي وي ڏسڻ ۽ گهڻيون ئي ٻيون عادتون اڪثر والدين کان ٻارن ۾ منتقل ٿينديون پيون اچن. اڪثر بي شعور والدين پنهنجي عملي زندگي ۾ انهن عادتن کي اختيار ڪيو اچن. ڪنهن اوقات اهي مسئلا نسل در نسل هلندا رهن ٿا. پر خوشيءَ جي خبر هيءَ آهي ته توهان خاندان جي ان چڪر کي روڪي سگهو ٿا. ڇو ته توهان پروايڪٽو يعني باعمل آهيو. توهان خاندان جي انهن عادتن ۾ تبديلي آڻي سگهو ٿا، جيڪي نسلن کان توهان جي خاندان ۾ منتقل ٿينديون اچن.... پنهنجي ٻارن ۾ تبديلي آڻي. توهان جي اندر ۾ اهڙي طاقت آهي، جنهن سان توهان انهن عادتن کي تبديل ڪري سگهو ٿا، جيڪي نسلن کان توهان جي اندر منتقل ٿينديون اچن. ان ڳالھه کان هٽي ڪري ته توهان جو خانداني پس منظر ڇا آهي، ڪيترو پوئتي آهي، توهان عزم ڪري ان ۾ تبديلي آڻي سگهو ٿا ۽ پنهنجن ايندڙ نسلن کي تبديلي تي آڻي سگهو ٿا پر اڪثر ماڻهو ايئن ناهن ڪندا. سٺي نوڪري نوجوانن جو وڏي ۾ وڏو خواب ۽ اوترو ئي وڏو مسئلو آهي. سٺي نوڪري جي انتظار ۾ نه رهو. ان لاءِ پاڻ ئي اڳتي وڌو، توهان جيڪا نوڪري حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ان لاءِ پنهنجا ڪاغذ موڪليو، متعلقه ماڻهن سان ملاقاتون ڪريو ۽ جيڪڏهن ملازمت نه ٿي ملي ته رضاڪارانه طور تي ڪم ڪريو. ڪي ماڻهو ان غلط فهمي ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن ته ڪري سگهان ٿو جارحيت، حق تلفي، ۽ خود کي ٻين کان وڏو ڏيکارڻ جو نالو آهي. پر ائين ناهي. ”ڪري سگهان ٿو“ جو رويو جرئت، مستقل مزاجي، اميد ۽ چاهت جي علامت آهي. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ”ڪري سگهان ٿو“ سوچ وارا ماڻهو قانون ٽوڙيندا آهن ۽ پنهنجن ٺاهيل اصولن تي عمل ڪندا آهن. ايئن ناهي. ”ڪري سگهان ٿو“ سوچ وارا ماڻهو جامع تخليقي سوچ پيدا ڪندڙ هوندا آهن. باعمل يا پروايڪٽو جو حقيقي مطلب آهي ٻه شيون. پهريون پنهنجي زندگي جي ذميواري کڻو، ٻيو توهان جو رويو ”ڪري سگهان ٿو/ سگهان ٿي“ وارو هجي ”ڪري سگهان ٿو/ ٿي“ جو رويو ”نٿو/نٿي ڪري سگهان“ کان گھڻو مختلف آهي. اسان سڀني کي پنهنجي زندگي ۾ ڪنهن نه ڪنهن غير معمولي چئلينج جو مقابلو ڪرڻو پوندو آهي. ۽ تڏهن اسان وٽ اهو اختيار هوندو آهي ته اسان چئلينج کي قبول ڪري اڳتي وڌڻ جو موقعو پيدا ڪيون يا ان واقعي جا غلام ٿي وڃون. ايلين ميڪسويل (Elaine Maxwell) ان سڄي ڳالھه کي هن طرح بيان ڪيو آهي ته: ”آئون ڪامياب ٿيان يا ناڪام، ڪو به شخص ان جو ذميوار ناهي پر آئون خود ذميوار آهيان. آئون قوت آهيان. آئون پنهنجي سامهون ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪري سگهان يا انهن رڪاوٽن ۾ ڦاسي پوان. منهنجي چونڊ، منهنجي ذميواري، کٽڻ يا هارائڻ، صرف مون وٽ ئي ڪاميابي جي تالي جي چاٻي آهي.“ پراڻي واڪس ويگن جي اشتهار ۾ هڪ جملو چيو ويندو هو ”شاھراهِ زندگي ۾ مسافر به آهن ۽ ڊرائيور به... ته پوءِ مونکي اهو پڇڻ ڏيو ته توهان شاھراهِ زندگي ۾ مسافر آهيو يا ڊرائيور؟ توهان سوڊا واٽر جي بوتل وانگر عمل ڪندا آهيو يا پاڻيءَ جي بوتل وانگر ٿا زندگي گذاريو. بهرحال انتخاب/ چونڊ توهان کي ئي ڪرڻي آهي.