عنايت ميمڻ زندگيءَ ۾ لاتعداد اهڙا مرحلا به ايندا آهن، جيڪي وساري ناهن سگهبا، آخر تائين ياد رهندا آهن. پاڪستاني چوڪ لاڙڪاڻي تي اسان جون کوڙ ساريون يادون وابسته آهن. خاص ڪري المدينه هوٽل اسان جي ڪچهرين جو مرڪز هيو. اتي ان هوٽل تي لاڙڪاڻي جو نرالو شخص جمعو فقير به ايندو هو، جنهن کي منجھند جي ماني المدينه هوٽل جا مالڪ کارائيندا هئا. هو سچو. کرو شخص سڄي لاڙڪاڻي جي پسنديده شخصيت هو. فقيراڻي طبعيت جي ڪري سڀني کي وڻندو هو. هو رحمت پور آئل ڊپو کان پنهنجي عوامي سواري گَڏَههِ تي چڙهي شهر ايندو هيو، جنهن کي هو پنهنجي پَرِ ۾ بادشاهي سواري چوندو هو. هو صبح سوير گهران نڪرندو هو ته شهر ۾ ٻن ٽن ڪلاڪن کانپوءِ پهچندو هو. اڪثر ليٽ اچڻ جي دانهن ڪندو هو. هڪ دفعي مون کيس چيو ته جمعا فقير هي جديد دور آهي پيارا، هاڻي هن گڏهه مان جان ڇڏاءِ، سواري مٽاءِ، ڪا ٻي سواري هٿ ڪَرِ ته ٺهه پَههَ ورائيندو هو ته ”مالڪ“ شريف ماڻهو جنهن تي به سواري ڪندا آهن، اها مٽائيندا ناهن.